جيتوڻيڪ هي ڪو پھريون ڀيرو نه جو هِن پنهنجي مُنهن ايئن گفتگو ڪئي هجي، ڄڻ هڪ گهڙي ۾ جنمن جا ڦيرا محفوظ ڪرڻ چاهيندو هجي پر ڪالهوڪي شام سندس گفتگو جو انداز ڪجھه گهڻو ئي ڳنڀير ٿي لڳو. سندس گفتگو جيڪا ڪجهه هن ريت هئي:
“ڇا توکي خبر آهي ته سَر نسري ويا آهن؟ پر توکي هاڻ ايتري فرصت ڪٿي جو انهن موسمن جا ڦيرا ياد رکين، جن موسمن جو اسرار سمجهائڻ لاءِ مون توسان سنڌوءَ ڪنڌي سان ڊگھا ڊگھا پنڌ ڪري، هر ٻوٽي ۽ وڻ سان توکي ملايو هو. خاص طور انهن پکين سان جيڪي موسمن جي تبديلي مهل پنهنجي خاص رنگ ڍنگ سان ٻولين ٿا.
مون کي خبر ناهي ته هن مُند ۾ تون ڪٿي آهين پر آئون اڄ به درياھه سان ئي گھاريان ٿو ۽ منهنجو وجود آهستي آهستي ڪنهن ڏورانهين ڳوٺ جي اهڙي پراڻي ويران رستي جو روپ ڌارڻ لڳو آهي، جنهن ڳوٺ جا سڀ واسي ڪنهن سانگ سانگي، ڳوٺ مان لڏي ويا آهن ۽ انهن کان واپس ورڻ وسري ويو آهي. رستو جيڪو پنهنجي پانڌيئڙن جا پيرا ساريندي ساريندي، آهستي آهستي ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن ۾ ڍڪجڻ لڳو آهي. اهڙن ڏينهن ۾ مون کي هاڻ اهو به سمجهھ ۾ اچڻ لڳو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن هڪ سِٽ جي ادراڪ ماڻڻ لاءِ ماڻهوءَ کي ڪيڏي نه وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي!؟ جيئن اڄوڪن ڏينهن ۾ مون کي مرشد جي اها سٽ سمجهڻ لاءِ پنهنجي ئي ذات جي بنواس مان گذرڻو پيو پوي. سِٽ جيڪا ڪجھه هيئن آهي ته:
“ڪُلهي ڦاٽل ڪَنجرو، مَٿو اگهاڙو
منهنجو ڪُڄاڙو، ڀينر هن ڀنڀور ۾”
جيتوڻيڪ هي ڪو پهريون ڀيرو به ناهي جو مون زندگي جو اسرار ماڻڻ لاءِ سانداڻ تي مٿو رکيو هجي!! ان کان اول به ڪئين اهڙا موڙ آيا آهن، جن ۾ مون ڪيترين ئي ڳالهين جي ڳنڍ کولڻ واسطي، پاڻ کي آڳڙين جي مچ ۾ ٻرندي محسوس ڪيو آهي. پر هي ڀيرو ڪجھه عجيب آهي جو مون ۾ هڪ اهڙي ماٺار ڇائنجڻ لڳي آهي، جنهن کي جيڪڏهن ڪنهن سَڏ ورندي اچي نه ٽوڙيو ته عين ممڪن آهي مون کان سمورا اهي لفظ سدائين لاءِ موڪلائي هليا وڃن، جن لفظن جي لالائي سان مون پنهنجي هِجر جي اظهار جي اها صورت پَل اَپل رنگين پئي رکي آهي، جنهن صورت جي ڪري ئي مون کي آشرم ۾ ڀليڪار ٿي هئي.
اهڙا ئي ته لفظ هئا، جن کي جڏهن مون هڪ شام جو ساڌو آڏو اظهاريو هو تڏھن ساڌو مون کي چيو هو:
“تون جو وڇوڙي جون دانهون ڪرين ٿو ميان!! جيڪڏهن توکي گهربل سڀڪجهه ملي وڃي ها ته ڇا اڄ تون هتي هن گهڙيءَ ۾ هيئن اسان کي حيران ڪرڻ لاءِ هجين ها؟ تون جيڪو اڃا فراق جي پهرئين پهر ۾ آهين پر پوءِ به جڏهن پنهنجا سُور آلاپين ٿو تڏهن ايئن ٿو لڳي ڄڻ سِڪ ۾ هي تنهنجو ڪو ستون جنم هجي!! ۽ تون ڳولا جون ست زمينون ۽ ست آسمان جهاڳي هتي پهتو هجين!! اي نئين نئين نينهن جا گهايل!! توکي پنهنجي مطلوب جو اهو گُهور ۽ ڏنل گهاءُ مبارڪ هجي، جنهن جو ساءُ تو اسان کي ان سِٽ ۾ سمجهايو آهي ته: هو جيڪو منهنجي دل پهرئين ئي گُهور ۾ گهائي ويو، تنهن وري مڙي ڪا به سار ڪانه لڌي. پر ڪاش وري وقت پوئتي موٽي ۽ آئون هن سان هڪ ڀيرو ٻيهر رهاڻي ٿيان:
اي گُهور جا گهايل!!
ياد رک!! بس هاڻ اها سار ئي تنهنجو ڪل سرمايو آهي ۽ هتي آشرم ۾ هي جيڪي سڀ ڏسين ٿو، جن جي اکين ۾ سج ٻري رهيو آهي، سي سڀ جا سڀ پڻ رڳو سار جي سڳي ۾ پوئجي، پنهنجو پنڌ پڄائي رهيا آهن. سو تون به اڳتي وڌ ۽ پنهنجو اهو پل ڳولي لهه، جنهن ۾ توکي پنهنجي پاڻ سان ملڻو آهي.”
۽ ڪالهھ مون وٽ اندر ۾ اهو سوال هو ته ڇا اهو پل ويجهو اچي رهيو آهي يا اچي چڪو آهي؟ جنهن ۾ مون کي پنهنجي پاڻ سان ملڻو آهي. جي نه ته هن کان اڳ ڪيترا نه ڪچهرا منهنجو انتظار ڪندا هئا يا آئون پاڻ به ڪيتريون نه رهاڻيون رچائيندو رهندو هئس!؟ پر اڄڪلهھ مون کي ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ ڪي زمانا گذري ويا هجن جو نه ته ڪنهن مون کي سڏيو آهي ۽ نه ئي مون ڪنهن کي ڪائي صدا ڏني آهي. هر پاسي بس هڪ چُپ چُپات آهي، جنهن ۾ سڀ آواز ۽ آلاپ الوپ ٿي ويا آهن.
مون کي چڱي ريت ياد آهي جو عشاقن جي محفل ۾ هڪ ڀيري ٻڌو هئم ته: “جڏهن به ڪنهن وجود جي چئوڌار اهڙي ماٺ ڇائنجي ويندي آهي، تڏهن اهو وجود آهستي آهستي پنهنجي پاڻ سان ملاقاتي ٿيڻ لڳندو آهي. پوءِ جنهن وٽ جيڪو ڪجهه به هوندو آهي سو سنڀالڻ ۽ ترتيب ڏيڻ شروع ڪندو آهي.”
۽ آئون هاڻ ان ويچار ۾ آهيان ته مون وٽ اهڙو ڇاهي، جيڪو مون کي سنڀالڻو ۽ ترتيب ڏيڻو آهي!؟ جي ٿو پهرئين پهرئين پُور کان شين کي سار ۾ آڻيان ته پوءِ سڀ کان اول ته اهي تتر جا آنا ئي ياد اچن ٿا، جيڪي ٻالڪپڻ جي پيار واسطي جهنگ مان ڳولڻ لاءِ ڪڻڪ جي لابارن واري مند ۾ سخت گرمين جي باجود کيتن ۾ رُلندي پيو ڳوليندو هئس. ۽ ان ئي دور ۾ ته ڌنارن سان دوستيون ٿيون ۽ تتر روح ۾ ايئن سمائجي ويا، جو اڄ جڏهن ڪير به ظاهر ۾ گڏ ناهي تڏهن بس تترن جون تنوارون ئي آهن، جيڪي روح کي ريجهائين ٿيون ۽ اهو ٻڌائين ٿيون ته:
“او ميان!! تون ته تڏهن به اڪليو هئين، جڏهن اسان جهنگ ۾ توکي پهريون ڀيرو ڏٺو هو ۽ اڄ به جيڪڏهن اڪيلائي توسان ٻيهر اچي ٻکي آهي ته ان ۾ پريشاني جي ڪهڙي ڳالهه آهي!! اهو تون ئي ته آهين جيڪو ڪڏهن تنها ته ڪڏهن ڪنهن هجوم ۾ برپا رهين ٿو!! جيڪڏهن سڀاڻي توکي سڄو جهان به سڃاڻڻ کان انڪاري ٿي بيهي رهي، تڏهن به اسين
تنهنجي انهن اگهاڙن پيرن وارا پنڌ ڪيئن ٿا وساري سگهون، جن ۾ تون اسان ڏانهن دلبري جون دعائون گهرندو پيو ايندو هئين.
سو هاڻ ايئن ڪر جو وري ُٻُڌ!! وري ٻُڌ اهي ٻوليون، جن مان توکي پهريون ڀيرو شفق سوکڙي طور ملي هئي.”
سو هاڻ مون وري ٻيهر ُٻڌڻ شروع ڪيو آهي. ڪنهن کي!؟ انهي کي جنهن جا سڀ نام آهن ۽ جنهن جو ڪوبه نالو ناهي.
هاڻ آئون ان بي نام گفتگو جي گفائن ۾ رلي رهيو آهيان ۽ اهي َسر آهستي آهستي جهومي رهيا آهن، ۽ ڪلا جي ڪال ڪڻڇي اتي ڪنهن سنگ تي جهومي، منهنجي گفتگو کي مڪمل ڪري رهي آهي.
بس ايئن سندس پنهنجي ئي پاڻ سان اها گفتگو هئي ۽ پريان تتر الائي ڪنهن کي سڏڻ لڳا.