ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

موربي برج ۽ مودي

Editorial-Article- Irshad Mangrio

موربي پل جي حادثي، گجرات صوبي جي اليڪشني سياست ۾ نئون موڙ آڻي ڇڏيو آهي. گجرات ۾ بي جي پي 24 سالن کان حڪومت ۾ آهي. ڊسمبر ۾ اليڪشن ٿيڻي آهي. گجرات جي اليڪشن ۾ بي جي پي کي عام آدمي پارٽي جي اروند ڪيجروال پاران سخت مقابلي جو امڪان آهي. جيڪو ڀرپور انداز ۾ گجرات صوبي ۾ اليڪشني سرگرميون ڪري رهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو انڊيا جو وزير اعظم نريندر مودي هفتي جا ٽي ڏينهن گجرات ۾گذارڻ لڳو آهي. جنهن لمحي هي حادثو پيش آيو آهي. وزير اعظم مودي گجرات ۾ موجود آهي. پر واقعي کي ٽي ڏينهن گذرڻ کان پوءِ هنن سٽن جي لکجڻ تائين مربي پهتو آهي. وزير اعظم فوت ٿيندڙن کي ٻه لک ۽ زخمين کي پنجاهه هزار معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته صوبائي حڪومت فوت ٿيندڙن کي چار لک رپيا ۽ زخمين کي هڪ لک جو معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پل ڪرڻ واري واقعي مودي سرڪار جي گجرات ماڊل کي چٽو ڪري ڇڏيو آهي. “اها ڳالهه بلڪل ائين آهي جيئن سنڌ ۾ تيرهن سالن کان پ پ جي حڪومت هئڻ دوران جڏهن ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن کان هفتو اڳم شديد برسات پ پ حڪومت جي سموري پت وائکي ڪري وڌي آهي. اهوئي سبب آهي جو پ پ حڪومت پاران ٽي دفعا ڪيل اپيل جي بنياد تي اعلانيل اليڪشن ملتوي ٿي چڪي آهي.”
لطيف سائين جي پنڌن واري ڪاٺياواڙ واري جوءِ ۾ هي تڪليف ڏيندڙ سانحو پيش آيو آهي. پاڙيسري ملڪ انڊيا جي گجرات صوبي جي ڪاٺياواڙ واري علائقي جي ساحلي ۽ تاريخي شهر موربي ۾ مچو درياءَ جي مٿان اڏيل هڪ سئو چاليهه سال قديمي پل 30 آڪٽوبر تي آچر جي ڏينهن ڪري پئي. جنهن سبب اٽڪل هڪ سئو چاليهه ماڻهو درياءَ ۾ ٻڏي مري ويا آهن. فوت ٿيندڙن ۾ وڏو انگ ٻارڙن جو آهي. موربي واري تاريخي پل هڪ عجوبي واري حيثيت رکندڙ هئي. ان ڪري ڏياري جي موڪلن ۾ وڏي انگ ۾ عورتون، مرد ۽ ٻار ان پل جو نظارو پسڻ لاءِ گڏ ٿيل هئا. اها تاريخي پل سکر جي ريلوي پل وانگر بنان ڪنهن ٿنڀن جي درياءَ جي مٿان تارن ۾ لڙڪندڙ پل آهي. ان کي مقامي ماڻهو جهولا پل به چوندا آهن. موربي شهر جي وچ مان مچو درياءُ گذري ٿو. ان ڪري هيءَ پل انگريز دور ۾ موربي جي راجا درياءَ جي ٻئي طرف واري شهر جي حصي کي راجا جي محل، ماني مندر ۽ تاريخي عمارت واري موربي ڪاليج واري حصي کي ڳنڍڻ لاءِ مچو درياءَ جي مٿان جوڙائي هئي. گجرات ۾ 26 جنوري 2001 ڀڄ ۾ جيڪو زلزلو آيو هو. ان ۾ پڻ موربي کي وڏو نقصان پهتو هو. ان زلزلي کان پوءِ موربي پل کي نقصان پهچڻ سبب پل کي بند ڪيو ويو هو. گذريل سال کان موربي جي ميونسپل ڪميٽيءَ تاريخي پل جي مرمت جو ڪم شروع ڪرايو هو. ان ڪري وڏي عرصي کان پوءِ ڏياري جي موڪلن جي موقعي تي پل جي مرمت ۽ تزئين کان پوءِ ٻيهر کولي وئي هئي. اهڙي ريت هن بدنصيب پل کلڻ جي پنجين ڏينهن کان پوءِ هي حادثو پيش آيو آهي. ساحلي شهر هئڻ سبب ڪاٺياواڙ جو هي شهر موسمي تبديليءَ جي زد ۾ پڻ ايندو رهيو آهي. 11 آگسٽ 1979 ۾ شديد برساتن پوڻ کان پوءِ مچو درياءَ جي مٿان اڏيل ڊيم ٽٽي پيو. جنهن سبب موربي شهر ٻڏي ويو هو. سرڪاري طور تي 1900 سئو ۽ غيرسرڪاري طور تي 25 هزار ماڻهو فوت ٿي ويل ٻڌايا ويا هئا. موربي ساحلي شهر هئڻ سبب اهم سياحتي ماڳ پڻ آهي. موربي بيچ، نهرو گيٽ، ماني مندر، موروي اسٽيٽ جي راجا جو محل، مچو رور جي چيئر لفٽ جهڙي پل هتي جا اهم ماڳ آهن. هن پل تي شاگردي جي دور جا پيار ڪندڙ جوڙا پنهنجون يادون تازيون ڪرڻ لاءِ ايندا آهن.
پل ۽ گجرات جي اليڪشن
موربي جي تاريخي پل جي ڪرڻ کان پوءِ جي ڪيل جانچ ۾ سڌ پئي آهي ته پل ٺاهڻ جو اوريوا ڪمپنيءَ کي ٺيڪو ڏنو ويو هو. اها ڪمپني واچون ۽ اليڪٽرانڪ جو سامان ٺاهيندڙ ڪمپني آهي. جنهن کي اهڙي پل جي تعمير جو ڪوبه تجربو نه هو. ان کان سواءِ ٺيڪو بنان ٽينڊر ڪرائڻ جي ڏنو ويو هو. جڏهن ته پل جي تعمير جو ڪم مڪمل ٿيڻ وارو تصديق نامون ڏيڻ کان سواءِ ڏياري جي موڪلن جي موقعي تي پل کي عام ماڻهن جي سياحت ۽ اچ وڃ لاءِ کوليو ويو هو. پل تان گذرڻ جي وڏن لاءِ سترنهن رپيا ۽ ٻارن لاءِ پندرهن رپين جي ٽڪيٽ رکيل هئي. سانحي کان پوءِ ٽڪيٽون وڪڻندڙ، گارڊ ۽ مينيجر سميت نو ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن. هوڏانهن انڊيا جي سپريم ڪورٽ 14 نومبر کان واقعي جي جانچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جنهن ۾ پل جي تاريخي حيثيت ۽ لاڳاپيل رڪارڊ سميت گجرات ۽ موربي ميونسپل کي سڏائي ورتو آهي. پل جي ايس او پيز تحت هڪ ئي وقت فقط هڪ سئو پنجويهه ماڻهو گذرندڙن جو وزن کڻي سگهي ٿي. فارنزنڪ رپورٽن موجب حادثي جي ٽائيم تي پنج سئو کان وڌيڪ ماڻهو پل تي موجود هئا. عام آدمي پارٽي جي سربراهه ڪجيروال گجرات جي وڏي وزير کي فوري طور تي استعيفا ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي. ميڊيا ۽ اپوزيشن پارٽين واقعي بابت بي جي پي حڪومت تي پل جو ٽينڊر کان سواءِ ٺيڪو ڏيڻ، پل جوڙڻ جو تجربو نه رکندڙ ڪمپني کي ٺيڪو ڏيڻ، ڪم مڪمل ٿيڻ واري تصديق نامي کان سواءِ پل کي کولڻ ۽ سئو ماڻهن جي بدران ٽڪيٽ وٺي پنج سئو ماڻهن تائين وڃڻ جي اجازت ڪيئن ڏني وئي، واري سخت تنقيد ڪئي وڃي پئي.
بنگال جي پل ۽ موربي جي پل جو سوال
موربي جي پل ڪرڻ کان پوءِ انڊيا جي سياسي پارٽين ۽ انڊين ميڊيا ۾ موديءَ جي خلاف سندس ئي 6 سال اڳ بنگال ۾ ڪيل تقرير وائرل ٿيل آهي. جنهن ۾ بنگال ۾ اليڪشن جي موقعي تي پل ڪرڻ جو واقعو پيش آيو هو. جنهن ۾ 15 ماڻهو مري ويا هئا. بنگال ۾ انهن ڏينهن ۾ ممتا بنرجي جي حڪومت هئي. نريندر مودي پل ڪرڻ کي حادثو نه سڏيو ۽ چيو ، ته قدرت پل ڪرائي حڪومت جي ڪرپشن کي اليڪشن جي موقعي تي ظاهر ڪيو آهي. ساڳي ريت هن وقت موديءَ جي ڪيل ڳالهه کي بنياد بنائي مودي سرڪار تي ڪرپشن ۽ اقربا پروري ڪرڻ وارا الزام لڳايا وڃن پيا. انهن لڳندڙ الزامن ۾ ڪووڊ ۾ گجرات ۾ اٽڪل يارهن هزار ماڻهن جي مري وڃڻ وارو واقعو ٻيهر اٿاريو وڃي پيو. ان وقت ڪووڊ ۾ گجرات ۾ وينٽيليٽر جو اسڪينڊل سامهون آيو هو. جنهن ۾ گجرات سرڪار تي اهو الزام لڳو هو ته، اهڙي ڪمپنيءَ کي وينٽيليٽر ٺاهڻ جو ٺيڪو ڏنو ويو، جنهن وٽ ان ڪم جو ڪو تجربو نه هو ۽ وينٽيليٽر انتهائي ناقص مهيا ڪيا ويا هئا. اهوئي سبب هو جو گجرات ۾ ٻارنهن لک پنجاهه هزار ماڻهو ڪووڊ جو شڪار ٿيا. جنهن ۾ ڏهه هزار نو سئو چوهٺ مريض فوت ٿي ويا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button