ھلندڙ سال پاڪستاني سياست لاءِ تمام گهڻي ھل ھنگامي وارو طوفاني سال آھي. سال کن پھريان ئي تحريڪِ انصاف اسٽيبلشمينٽ جي لاڏلي سياسي پارٽي ھئي. اسٽيبلشمينٽ کي تحريڪِ انصاف سان گڏجي جمھوريت کي سگھارو ڪرڻ جي ڳڻتي ھئي ۽ تحريڪِ انصاف جي نظر ۾ وري اسٽيبلشمينٽ جا ڪجھه سگهارا شخص سڀ کان وڏا محبِ وطن ھئا جن خلاف اڄڪلھه عمران خان سڀ کان وڌيڪ ڪاڪڙو ڦاڙي تقريرون ڪري رھيو آھي. جن جي حب الوطني ۽ جمھوريت پسنديءَ تي سڀ کان وڌيڪ سوال اٿاري رھيو آھي. اھا تبديلي ھلندڙ سال اپريل مھيني ۾ بي اعتماديءَ جي رٿ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ ئي سامھون آئي آھي. تحريڪِ انصاف ۽ سندس قائد عمران خان اسٽيبلشمينٽ جا سڀ کان وڏا نقاد بڻجي سامھون آيا آھن. جيتوڻيڪ ھڪڙي زماني ۾ ميان نواز شريف بھ اسٽيبلشمينٽ کي گهٽ وڌ ڳالھائي رھيو ھئو يا ڪنھن ٻئي بھ ڳالھايو ھوندو پر جھڙي نموني ۽ جنھن شدت سان عمران خان پيو ڳالھائي اھو بلڪل نرالو ۽ پھريون ڀيرو آھي.
چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه جي نوڪريءَ جو مدو ھن مھيني جي 29 ھين تاريخ تي پورو ٿي ويندو. ھُو پريس اڳيان ھڪ کان وڌيڪ ڀيرا اھو اعلان ڪري چڪو آھي تھ سياست سان سندس ڪائي دلچسپي ڪانھي نھ وري ھُو ھڪ ڀيرو ٻيھر ايڪسٽينشن وٺڻ جو ارادو رکي ٿو. ٻئي پاسي پاڪستان جي حقيقي آزاديءَ لاءِ عمران خان صاحب جو لانگ مارچ جاري آھي. صورتحال ڪھڙو رخ اختيار ڪندي؟ ان جو تعلق ان سان بھ آھي تھ عمران خان ۽ شھباز شريف ايندڙ عام چونڊن جي تاريخ طئي ڪرڻ جي معاملي تي ڪنھن ھڪڙي راءِ جا بڻجن ٿا يا نھ؟ ساڳي نموني چيف جسٽس بنديال جو ڪردار پڻ اھم آھي. اھي ڳالھيون ھاڻي ميڊيا ۾ اچي ويون آھن تھ عمران خان خلاف عدم اعتماد جي رٿ پيش ٿيڻ کان پھريان تحريڪِ انصاف حڪومت بھ ايڪسٽينشن ڏيڻ لاءِ تيار ھئي، جيڪڏھن اسٽيبلشمينٽ عدم اعتماد واري رٿ ناڪام بڻائڻ ۾ تحريڪِ انصاف جو ساٿ ڏئي ھا. لڳي ائين ٿو تھ جيڪڏھن موجوده حڪومت ختم ڪري عبوري حڪومت قائم ڪئي وڃي ۽ اھا عبوري حڪومت وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ جو واعدو ڪري تھ پوءِ شايد سپريم ڪورٽ ايڪسٽينشن واري فيصلي کي قبولي وٺي پر جيڪڏھن ائين نھ ٿيو يعني موجوده حڪومت جيئن جو تيئن برقرار رھي ٿي تھ پوءِ ايڪسٽينشن کي سپريم ڪورٽ پاران منظوري ملڻ ڏکي آھي.
پاڪستان جو آئين ھڪ عام شھريءَ کي احتجاج ۽ مظاھري يا جلسي جلوس جو حق تھ ڏئي ٿو پر ان جون حدون بھ مقرر آھن. مثال طور اوھان جي احتجاجي مظاھري يا ڌرڻي سان بدامني ڦھلجڻ جو خطرو يا امڪان نھ ھجي. اوھان جي احتجاجي مارچ يا مظاھري جو مطلب ڪنھن آئيني حڪومت جو خاتمو نھ ھوندو وغيره وغيره. اسان جي ملڪ جون عدالتون اھڙيون وضاحتون ڪري چڪيون آھن تھ اوھان جو احتجاج يا مظاھرو ٻين جي بنيادي حقن جي لتاڙ نھ ڪري رھيو ھجي. تڏھن ئي اھو درست ۽ قانوني ھوندو. مثال طور روڊ ان لاءِ ٺاھيا ويا آھن تھ انھن تي گاڏيون گھمي سگھن، فٽ پاٿ ۽ پيچرا ان لاءِ آھن تھ جيئن پنڌ ايندڙ ويندڙ ماڻھو انھن جو استعمال ڪري سگھن. ھاڻي جيڪڏھن ڪنھن جي احتجاجي مظاھري يا ڌرڻي روڊ رستا بند ڪري ڇڏيا آھن، ماڻھن ۽ گاڏين جي اچ وڃ متاثر ٿي رھي آھي تھ رياست کي حق آھي اھڙي احتجاجي مظاھري توڙي مارچ کي روڪي. ان صورتحال ۾ عمران خان واري لانگ مارچ کي روڪڻ رياست جي ذميواري بڻجي ويندي. جنھن سان حالتون اڃان وڌيڪ خراب ٿيڻ جا امڪان آھن. حقيقي آزادي ھڪڙي پاسي، جيتري آزادي مليل آھي اھا بھ ھٿان نھ ھلي وڃي. سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ توڙي عدليا جي مداخلت نھ ھئڻ گهرجي. سياست ۾ مذھب جي مداخلت بھ نھ ھئڻ گهرجي. جيتوڻيڪ عمران خان ھن وقت تھ سياست منجھان اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليا کي نيڪالي ڏيڻ چاھي ٿو پر ماضيءَ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جو سوال ھجي يا ڏيساور ۾ رھندڙ پاڪستاني شھرين کي ووٽ ڏيڻ جو اختيار ڏيڻ جي ڳالھه وغيره، اسٽيبلشمينٽ ۽ عدالتن سان رجوع ڪيو ويندو رھيو آھي.
عمران خان آئين ۽ پارليامينٽ کي اھميت نھ ٿو ڏئي. ھُو انھن فورمن تي پنھنجي ڳالھه رکڻ يا انھن جي ذريعي معاملا نبيرڻ ۾ يقين نھ ٿو رکي. ان ڪري خان صاحب جا نقاد جن ۾ ليکڪ پڻ شامل آھي، کيس حقيقي اسٽيبلشمينٽ مخالف نھ ٿا سمجھن. يعني انھن جو خيال آھي تھ عمران خان صحيح معنى ۾ اسٽيبلشمينٽ جو مخالف ڪونھي.
تحريڪِ انصاف ۽ ان جو اڳواڻ اسٽيبلشمينٽ تي تنقيد تھ ڪن پيا پر جبري گمشدگين جي حوالي سان سندس ڪردار تي نھ. بلوچستان ۾ ظلم ۽ بربريت جي حوالي سان اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار تي تنقيد بھ ڪانھي. ايتري تائين جو خان صاحب جي نظر ۾ جنرل ايوب ۽ جنرل مشرف جي حڪمرانيءَ وارو زمانو ساراھه جوڳو آھي. جنرل ايوب خان جو پوٽو عمر ايوب عمران خان سان گڏ آھي. جنرل ضيا الحق جو پٽ اعجاز الحق بھ ساڻس گڏ آھي. اسد عمر بھ سندس ساٿ ڏئي رھيو آھي جيڪو بنگلاديش ۾ ڪارو منھن ڪرائيندڙ جنرل عمر جو پٽ آھي. ان منجھان اھو ثابت ٿئي پيو تھ تحريڪِ انصاف يا عمران خان جو جھڳڙو اسٽيبلشمينٽ جي اختيار ۽ اقتدار کي ختم ڪرڻ يا گهٽائڻ تي نھ پر ان پاران تحريڪِ انصاف ۽ عمران خان جو ساٿ ڇڏڻ واري پاليسيءَ تي آھي.
ھڪڙي پاسي ملڪي سياست ۽ اقتدار لاءِ ويڙهه جو اھو حال آھي تھ ٻئي پاسي معيشت وڃي ترو ورتو آھي. 2017 ۾ ڪيل ھڪ تفصيلي سروي جي بنياد تي 2020 جي نيشنل ھيومن ڊولپمينٽ رپورٽ ۾ بيان ڪيو ويو تھ پاڪستان اندر حڪمران اشرافيا ۽ مراعات يافتا طبقن جي عياشين ۽ ٺٺ ٺانگر تي ساليانو 2 کرب 60 ارب روپيا خرچ ڪيا پيا وڃن. معاشيات جي ماھرن جو چوڻ آھي تھ اھو پاڪستان جي ٽوٽل جي ڊي پي جو لڳ ڀڳ 7 سيڪڙو آھي. ان ساڳي رپورٽ ۾ ڪجھه ٻيا دلچسپ انگ اکر بھ شامل آھن. جھڙوڪ: ملڪ جو قرض لاھڻ لاءِ ساليانو جي ڊي پيءَ جو 5.4 سيڪڙو خرچ ٿي رھيو آھي. سيڪيورٽي تي 4.1 سيڪڙو، سماجي ڀلائيءَ جي معاملن جھڙوڪ: تعليم، صحت ۽ صفائي سٿرائي وغيره تي 3.5 سيڪڙو خرچ ڪيو پيو وڃي. ٻئي پاسي حڪومت وٽ جيڪا ٽيڪس ڪٺي ٿي رھي آھي سا جي ڊي پي جي لڳ ڀڳ 11 سيڪڙو جي برابر ھوندي آھي. منڍ ۾ ھن ملڪ اندر اولھه جي اھا معاشي لائين ڪارآمد سمجھي ويندي ھئي تھ امير ماڻھو پنھنجي بچت منجھان سيڙپڪاري ڪندا رھندا جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ عام شھريءَ کي بھ فائدو پوندو. پر ائين ٿيو ڪونھ. ٿوري وقت ۾ ئي حڪومت سبسڊي ڏيڻ، قرض معاف ڪرڻ ۽ ترقياتي بدران غير ترقياتي بجيٽ وڌائڻ، سيڪيورٽيءَ جي نالي تي سڀ ڪجھه قربان ڪرڻ واري پاليسيءَ تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو جنھن سان جاگيردارن، سرمائيدارن، ھٿياربند ادارن، وڏن واپارين ۽ ڪاروباري شخصيتن واھه جو مال ڪمايو ۽ ڏينھون ڏينھن غريب ويتر غريب ٿيندو ويو. ڪارپوريٽ سيڪٽر جون وڏيون ڪمپنيون جيڪي ساليانو 724 ارب روپين تائين منافعو ڪمائي رھيون آھن انھن جي مالڪي توڙي شيئر ھولڊنگ ۾ پاڪستان جي رڳو 0.7 سيڪڙو آبادي شامل آھي. زراعت سان لاڳاپيل آباديءَ جو رڳو 1.1 سيڪڙو جاگيردار يا وڏو زميندار آھي جيڪو زرعي پيداوار تي گهٽ ٽيڪس ھئڻ ڪري سڀ کان وڌيڪ فائدي ۾ آھي. زرعي ٽيڪس منجھان حڪومت کي ساليانو 3 ارب روپيا بھ نھ ٿا ملن يعني جاگيردار ۽ وڏو زميندار 3 ارب روپيا ٽيڪس جي صورت ۾ ادا ڪرڻ کان پوءِ ٻج، ڀاڻ، ڊيزل، ٽريڪٽر ۽ ٻي زرعي مشينري توڙي زرعي پيداوار جي امدادي قيمتن جي مقرري جي نالي ۾ ملندڙ سبسڊي جي سري ھيٺ ساليانو 370 ارب روپيا سرڪاري خزاني کان وصول ڪندو آھي. اسٽيبلشمينٽ کي ساليانو جيڪي رعايتون مليل آھن انھن جو ڪاٿو 257 ارب روپيا ساليانو تائين آھي. يعني ملڪي دولت ۽ خزانو ھتان اشرافيا جي عياشين ۽ ڪرپشن جي ور چاڙھي ختم ڪيو پيو وڃي. ھن وقت وارو حقيقي آزادي مارچ بھ ان اشرافيا جي اندروني ويڙھه جو نتيجو آھي. چئن سالن تائين حڪومت ۾ رھڻ باوجود جيڪو عمران خان عوام لاءِ ڪجهھ نھ ڪري سگھيو اھو ھاڻي اسلام آباد تي چڙھائي پيو ڪري تھ جيئن ايندڙ عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو وڃي. جيئن کيس ٻيھر اقتدار ۾ اچڻ ڏنو وڃي ۽ ھُو عوام جي اھا رھيل خدمت ڪري جيڪا ھن وقت تائين نھ ڪري سگھيو آھي.