ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڇا تاريخ پاڻ کي ورجائڻ واري آهي؟

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

اڳوڻي وزير اعظم عمران خان اڱاري تي پنهنجي ڪنٽينر تي بيٺي بيٺي ھڪ ٽي وي چينل جي ھڪ اڻ ڄاتل نمائندي سان ڳالھه ٻولهه ڪندي چئي ڇڏيو ته “جيڪڏهن ملڪ تي مارشل لا لڳائي ٿي وڃي ته ڀلي لڳائين. مون کي ڪھڙو نقصان ٿيندو!”
عمران خان کي آئون اڳ ۾ به سياسي اناڙي لکندو ھئس ۽ ھاڻي وڏيون ٺوڪرون کائڻ کانپوءِ هو اڃا سياسي طرح ميچوئر نه ٿي سگهيو آهي.
سندس مارشل لا جھڙي قھري ۽ اذيتناڪ نظام بابت ھي غير سنجيده بيان بنھه احمقاڻو آهي. شايد اهو ايترو به نه ٿو ڄاڻي ته مارشل لا کي انگريزيءَ ۾ چئبو آهي: NO LAW”
“نو لا” جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيندو غيرقانوني ۽ غير آئيني حاڪميت! يعني اھو آمراڻو راڄ لاڳو ڪرڻ جو مطلب آهي ته آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي بلڪ لتاڙ ڪري پارليامينٽ، صوبائي اسيمبليون، سمورين ننڍين وڏين عدالتن جا اختيار ختم ڪري سمري ملٽري ڪورٽون قائم ڪرڻ، سياسي سرگرمين ۽ اظهار جي آزاديءَ تي سخت پابنديون مڙھي اخبارن ۽ ٽي وي چينلز کي ذبح ڪرڻ ۽ جيڪو به سياسي اڳواڻ يا سندس پارٽي جو ڪارڪن شخص مارشل لا جي مخالفت ڪري ان کي جھلي، سمري ملٽري ڪورٽ مان جيل ۽ جيل اندر ڦٽڪن جي سزا ٻڌائڻ جو انڌو آرڊر جاري ٿي ويندو آهي.
عمران خان ڪرڪيٽ راند جو بيشڪ وڏو کلاڙي رهيو آهي پر سياسي شطرنج واري کيل ۾ اڄ به ٺپ اناڙي لڳي ٿو. آئون گهڻي وقت کان ھن کي سياسي دورانديشي کان وانجهيل سمجهان ٿو. پر اقتدار وڃائڻ کان پوءِ پاڪستان کي ڦري لٽي ڪنگال ڪندڙ سياسي توڙي غير سياسي اڳواڻن کي جنھن عوامي طاقت سان عمران خان چئلينج ڪيو آهي سو بي مثال آهي. جيڪڏهن ھو سياسي دانشمند هجي ھا ته تاريخ جو حوالو ڏيئي، انھي سوال جو جواب ھن ريت ڏئي ها، “ته مارشل لا مڙھڻ وارن جي مزاحمت ڪندس. ڇاڪاڻ ته مارشل لا انساني حقن ۽ اظهار جي آزاديءَ کي چيڀاٽڻ وارو غير آئيني ۽ غير اخلاقي نظام آهي.” عمران خان کي ياد نه آهي ڇا ته ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت کي رات اونداهيءَ ۾ ڊاھيندڙ جنرل ضيا الحق جيئرو ڪونه ڇڏيو. سندس نياڻي ۽ پاڪستان توڙي دنيا جي مشهور ۽ مقبول ليڊر شهيد بينظير ڀٽو کي جنرل مشرف جي دور ۾ ئي سازش ذريعي مارائي ڇڏيائون! بينظير ڀٽو کان اڳ ميان نواز شريف جنرل پرويز مشرف جي مخالفت ڪئي ته کيس ڦاسي ڏيڻ وارا ھئا پر سعودي عرب جي پريشر تي کانئن لکت ۾ ضمانت وٺي پوءِ ميان نواز شريف کي جلاوطن ڪيائون. انهن عوامي اڳواڻن جيڪڏهن ملڪ کي قرضن ۾ ڦاسائي محل ماڙيون ۽ ڪارخانا ٺاهي، ماڻهن جو جيئڻ حرام نه ڪيو ھجي ھا ته اڃا تائين سندن پارٽين جي مقبوليت قائم دائم رهي ها ۽ عمران خان کي پاڪستان ۾ Political Space ئي نه ملي سگهي ھا.
ساڳي ڳالهھ پي ڊي ايم جي سرواڻ مولانا فضل الرحمان پڻ چئي آهي ته عمران خان اھڙيون حالتون پيدا ڪري پيو جن ۾ مارشل لا مڙھجي سگهي. مولانا وڌيڪ فرمايو آهي ته عمران خان جو لانگ مارچ ناڪام ٿي چڪو آهي ڇو ته سندس جلوس ۾ ٻه ھزار ماڻهو به گڏ نه ٿا ٿين!
پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفاقي وزير ۽ خواتين اڳواڻن شازيه مري ۽ شيري رحمان به نه رڳو لانگ مارچ کي قتلام مارچ قرار ڏنو آهي بلڪ اھو ساڳيو الزام دھرايو آهي ته عمران خان سياسي ڇڪتاڻ پيدا ڪري نيٺ خونريزي ڪرائڻ گهري ٿو. آئون انهن اڳواڻن جي بيانن سان ھرگز سھمت نه آهيان. عمران خان ۽ سندس ساٿاري بار بار مطالبو ورجائين پيا ته، اڄ پي ڊي ايم حڪومت نئين سر عام چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو تسليم ڪري ته اسان لانگ مارچ کي ھڪدم بريڪ هڻي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏينداسون. حڪومت کي هنن ايتري قدر به ڍر ڏني آهي ته بيشڪ ھلندڙ سال بجاءِ ايندڙ سال معنيٰ ته ڇھه مھينا پوءِ اليڪشن ڪرايو، تحريڪ انصاف ان تي به راضي ٿي ويندي.
ڏکوئيندڙ حالت هي آهي ته ملڪ اندر عمران خان جي پنھنجي حڪومت واري زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مھانگائي جي راڪاس بيروزگاري ۽ اڻ ھوند وڌائي، ماڻهن کي ڌاڙا هڻڻ، اغوا، قتل ۽ تشدد سان گڏوگڏ ماءُ، پيءُ ۽ زال توڙي نياڻين کي مارڻ تي مجبور ڪري وڌو آهي. ھزارين گهر انھن معاشي تڪليفن ڪارڻ اجڙي برباد ٿي ويا آهن. قدرتي آفتن ۽ برساتي پاڻيءَ جي ٻوڏ ڪروڙين انسانن جون ٻنيون ٻوڙي کين بي گهر ۽ دربدر ڪري ڇڏيو آهي. اربن کربن جي ڏينهي توڙي پرڏيهي امداد کي کنڀ لڳي ويا ڪين الائجي اھا امداد زمين ڳھي ورتي!
تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جمعي ڏينهن کان لاھور مان جيڪو لانگ مارچ شروع ٿيو آهي، ان جي نتيجي ۾ سندس “جلدي چونڊون ڪرايو” مطالبو ظاهري ۽ باطني حڪمران ڌريون مڃين يا نه مڃين يا وري ماڳھين اڄوڪي انڌي منڊي جمھوري سرشتي جا ٽپڙ ويڙھجي وڃن، سا ته خبر خدا کي پر خوف وچان ھراسجي ويل شھباز شريف، مريم نواز، مولانا فضل الرحمان ۽ آصف زرداري جيڪي بيان ڏين پيا انهن سان اقتدار خاطر لڙندڙ هنن ٻنهي ڌرين جي ڀوائتي نقصان جا واضح اشارا ملي رهيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف کان وٺي وزير داخلا راڻا ثنا الله ۽ پي ڊي ايم حڪومت ۾ شامل ٻيا وزير ۽ مشير رتوڇاڻ ۽ لاشن جو بار بار ذڪر ڪري انهيءَ سوچ کي ھٿي ڏيئي ڇڏي آهي ته ملڪ تي هڪ ڀيرو وري به مارشل لا وارو راڄ مڙھجي ويندو! پي ڊي ايم حڪومت جي ترجمان ۽ وفاقي وزير اطلاعات مريم اورنگزيب ته اڱاري ڏينهن پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ صاف صاف چئي ڇڏيو ته عمران خان لانگ مارچ ۾ لاش ڪيرائي ملڪ تي مارشل لا مڙھڻ جي واٽ ھموار ڪري پيو.
هاڻي ھڪڙو ھٺ ۽ ھوڏ سان ڀريل شخص جڏهن پنهنجي ضد تي قائم رھندو ۽ پي ڊي ايم جا ليڊر ۽ سندن رکوال به پنهنجي پنهنجي ضد تي بيٺل رهندا ته پوءِ ظاهر آهي ته ھاڻوڪي ڇڪتاڻ مان ڪوبه چڱو نتيجو نه نڪرندو. ٽڪراءُ ٿيڻ اڻٽر آهي جنهن جي ڊپ کان پاڪستان ۾ واپار ۽ ڪاروبار جو ڦيٿو بيھي چڪو آهي. ته پوءِ اھڙي ڀوائتي صورتحال ۾ ڇا تڪراري ڌرين وچ ۾ ڊائلاگ يعني ڳالھه ٻولهه ٿيڻ گهرجي يا ذوالفقار علي ڀٽو وانگر مخالف ڌر سان ڊائلاگ ايترو ليٽ ڪجي جو ماڳھين سڀني جا ٽپڙ گول ٿي وڃن!
آئون عمران خان کي غلط سمجهندي ۽ ڄاڻندي به اھو مڃان ٿو ته پاڪستان جي سڀ کان گهڻي آبادي واري وڏي صوبي پنجاب ۾ ھن جيڪا سجاڳي اسٽيبلشمينٽ جي خلاف پيدا ڪئي آهي، اھا بي مثال آهي. شھيد ڀٽو، بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف به اھڙي سجاڳيءَ کي پيدا ڪرڻ ۾ سوڀارا نه ٿي سگهيا.
آئون ھر پندرهين ڏينهن ھائي ڪورٽ ۾ حاضري ھجڻ ڪري اخبارون چئين وڳي شام جو پڙهندو آهيان ۽ گڏوگڏ ڪو نه ڪو ٽي وي چينل به ڏسي وٺندو آهيان ته متان ڪو تازو واقعو اھڙو ٿيو هجي جنهن جو ذڪر پنهنجي ڪالم ۾ ڪري سگهان. ھينئر ئي مون اخبارون کوليون ته اڄوڪي سنڌ ايڪسپريس ۾ ئي ٽن چئن هيڊ لائينز ڏانهن ڌيان ڇڪجي ويو. اهم يعني سڀ کان وڏي سرخي آهي ته،
“آرمي چيف جي مقرري ۾ رنڊڪ وجهڻ وارو عمراني هدف پورو نه ٿيندو.(مريم نواز) عمران خان هاڻي اسٽيبلشمينٽ کي ڌمڪائي رهيو آهي ته سندس ساٿ نه ڏنو ويو ته کين مير جعفر ۽ مير صادق چوندو. عمران خان چوي ٿو ته کيس اسٽيبلشمينٽ ئي ٻڌايو ھو ته نواز شريف خاندان ۽ زرداري خاندان چور آهن. اسٽيبلشمينٽ جيڪا پرچي لکي ڏني سا اوهان پڙهي ٻڌائي ڇڏي. آرمي چيف جي مقرري وزيراعظم شهباز شريف ئي ڪندو. نواز شريف جلد وطن واپس ايندو، ان معاملي کي قانوني طور اٿاريو آهي. منهنجي اپيل ۾ مون سان گڏ نواز شريف جي بيگناهي به ثابت ٿي آهي. لانگ مارچ عمران خان جو آخري ڪارڊ ھو، اھو به سندس هٿن مان ويو. لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس.
ان کان مٿي عمران خان جي تقرير مان سرخي لڳل آهي جنهن ۾ چوي ٿو ته: نواز شريف ۽ زرداري پي ٽي آئي کي فوج سان ويڙهائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن. سڀ کان وڏي سياسي پارٽي عوامي ليگ اوڀر پاڪستان ۾ جيڪا چونڊ کٽي، ھتي ھڪ سياستدان پنهنجي ڪرسيءَ لاءِ سازش ڪري فوج کي ان پارٽي خلاف استعمال ڪيو جنهن سان ملڪ ٽٽي ويو. اڄ وري ڀڳوڙو نواز شريف ۽ سڀ کان وڏي بيماري آصف زرداري گڏجي سازش ڪري رهيا آهن ته وڏي پارٽي ۽ فوج کي ھڪ ٻئي خلاف استعمال ڪريون.
نواز شريف جڏهن به واپس اچي ته پنهنجي ئي تڪ ۾ مون سان مقابلو ڪري، کيس چئلينج ٿو ڪريان.”
ملڪ اندر سياسي تڪرار ايترو ته گهڻو وڌي ويو آهي جو سڀ ڪنهن جي وات اڄ ھڪڙي وائي آهي ته ڪٿي تاريخ پاڻ کي دھرائي هي ٿوري گهڻي لکڻ پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي آزادي ھن ملڪ جي ڪروڙين ڏتڙيل ماڻهن کان کسي وٺندي ڇا!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button