ملڪ ۾ سنڌي ٻولِيءَ کي اھميت ڏيڻ مناسب عمل آھي، ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻولي گهڻي پراڻي ۽ اھم آھي. ھونئن به ڏسجي ته سنڌ جي عوام لاِءِ، اڳ ئي ڏکويل حالتون گهڻي عرصي لاءِ عام طور موجود آھن، جن ۾ گهٽتائيءَ بدران ڏينھون ڏينھن واڌ ٿي رھي آھي جيڪو نھايت ئي ڳڻتي جوڳو داستان آھي. ھئڻ ته ائين گهرجي ته اھڙيون اعتراض جوڳيون حالتون گهٽجڻ لڳن ھا ته عوام لاءِ گڏيل سڌارو ھجي ھا پر اسان جي ملڪ ۾ حالتون انوکيون ۽ ڏکوئيندڙ آھن. اھي حالتون بھتر ٿيڻ بدران ڏينھون ڏينھن خراب ٿينديون پيون وڃن جيڪا نھايت ئي ڳڻتي جوڳي ڳالھه آھي. جيئن ته سڄي ملڪ ۾ گهڻي عرصي کان خراب حالتون آھي سو سنڌ به متاثر آھي. بھرحال، اھو تاثر بلڪل غلط آھي ته ملڪ جي چئني صوبن مان ٽن ۾ کير جون ننديون وھن ٿيون، رڳو سنڌ جون حالتون بيڪار آھن. اصل مسئلو اھو آھي ته سڄي ملڪ جي خراب حالتن باوجود اسان کي سنڌ جي انھيءَ ڪري ڳڻتي آھي جو اسان سنڌ جي ڳڻتي جوڳي حالتن کي ڏسي وڌيڪ دکدائڪ آھيون ڇاڪاڻ ته اسان سنڌ کي شادآباد ڏسڻ چاھيون ٿا. بھرحال، اھا دکداڪ ڪھاڻي آھي، اسان وٽ ڪيترائي ماڻهو سنڌ جي گڏيل حالتن کي بھتر بڻائڻ لاءِ زوردار ۽ عملي طرح ڪوششون ڪونه ٿا ڪن. ڌارين جو ڪردار ته ھونئن به سنڌ سان زوردار زيادتينَ وارو رھيو آھي. ماضيءَ ۾ اردو ميڊيا ۽ خاص ڪري جنگ اخبار جي مرحوم مالڪ ته وڏي زيادتي ڪئي ھئي. مون بنگلاديش جي گاديءَ واري شھر ڍاڪا ۾ ھڪ اھم اداري جي وزٽ دوران اتان جي وزٽ جو پراڻي حوالي سان جائزو ورتو تہ جنگ جي پراڻي باني ۽ مالڪ جي سنڌ سان زيادتين جو خاص طور حوالو لکت ۾ ڏيڻو پيو ھو.
ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ٿيل دکدائڪ پراڻو واقعو به ياد آيو ته ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾جماعت اسلامي جا غنڊا، ماضيءَ ۾ به يونيورسٽيءَ اندر سنڌين سان ناجائز حرڪتون ڪندا رهيا ھئا. انھن، رات جي پيٽ ۾ يونيورسٽيءَ ۾ لکيل لطيف سائينءَ جي بيتن کي ڊاھي بزدلي ۽ زيادتي ڪئي ھئي. اهڙا گروهه رڳو ماحول کي خراب ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رھندا ھئا. بھرحال، جماعت اسلامي ڪراچيِ،يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ سان سندن زيادتيءَ جي پوءِ معافي به ورتي ھئي.
ميڊيا موجب تازو سنڌي ٻوليءَ جي فائدي ۾ ھدايت ڪئي وئي آھي جنھن جي اھميت تي ويچار ڪرڻ گهرجي. خبر موجب ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ سمورن سرڪاري کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته پنهنجن ادارن جا نالا انگريزي سان گڏ سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ لکيا وڃن. خانگي تعليمي ادارا پنهنجن ادارن جي نصاب ۾ سنڌي مضمون شامل ڪري شاگردن کي ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي تعليم به لازمي طور پڙهائين. هن اهڙي هدايت، سنڌي ٻوليءَ جي واڌ جي حوالي سان لاڳاپيل عملدارن سان شهباز هال حيدرآباد ۾ سڏايل گڏجاڻي جي اڳواڻي ڪئي. گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمن ڊاڪٽر اسحاق سميجو، ايوان تجارت ۽ صنعت جي نمائندن کان سواءِ قاسم آباد بزنس فورم جي رحمت الله ساند ۽ سرڪاري کاتن جي عملدارن بھرو ورتو. ڪمشنر حيدرآباد وڌيڪ چيو ته گهڻو ڪري ڏٺو ويو آهي ته سرڪاري ادارن يا فائلن تي رڳو انگريزي لکي وڃي ٿي، انھيءَ لاءِ ضروري آهي ته انگريزي سان گڏ اردو ۽ سنڌي به لکي وڃي. جيڪڏهن ڪٿي انگريزي ۽ اردو لکيل آهي ته اتي سنڌي به لکي وڃي ۽ جيڪڏهن ڪٿي سنڌي ۽ انگريزي لکيل آهي ته اتي اردو کي به شامل ڪيو وڃي.
انھيءَ سلسلي ۾ اھو بيان جو حوالو ڏيڻ مناسب آھي ته سنڌ جو ڪيس ھڪ صحافي پنھنجي دور ۾ روزاني انگريزي اخبار ۾، سنڌ جي فائدي ۾ کوڙ تفصيلي خبرون شايع ڪندو ھو. سندس سنڌ سان ايتري ته محبت ھئي ته ھن جيڪا انگريزي اخبار ۾ سنڌ جي خدمت ڪئي ھئي سا ڪنھن ٻئي ايتري ڪانه ڪئي ھئي. مون، اورلينڊو، فلوريڊا، آمريڪا ۾ سنڌي ايسوسي ايشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي 23 سالياني گڏجاڻيءَ ۾ ذاتي دوري دوران پاڻيءَ جي مسئلي تي پيپر پڙهيو ته انهيءَ موقعي تي مون رٿ ڏني هئي ته انگريزي اخبارون ۾ ڪم ڪندڙ اهي صحافي جيڪي سنڌ جي مسئلن تي کليو کلايو لکن ٿا، تن کي سانا، ورلڊ سنڌي ڪانگريس وغيره الڳ يا گڏجي، همت وڌائڻ لاءِ ايوارڊ ڏين.
انھيءَ وقت به صبيح الدين غوثيءَ جو نالو خاص طور منهنجي ذهن ۾ هو، جيڪو ڊان اخبار ۾ ڪم ڪندو هو ۽ پريس ڪلب جو به ڪيترا ڀيرا عهديدار رهيو. منهنجي ساڻس واقفيت پراڻي هئي. جڏهن مان 70 جي ڏهاڪي جي شروع ۾ روزاني هلال پاڪستان، ڪراچيءَ ۾ سب ايڊيٽر هئس. ان کانپوءِ، پي آءِ اي جو پي آر او ٿيس ته ساڻس ڊان آفيس يا پريس ڪلب ۾ روزانو ملاقات ٿيندي هئي، جيڪا 18 ورهين کان وڌيڪ عرصي تائين جاري رهي.
غوثي مرحوم ملڻسار ۽ پيارو صحافي هو، منجهس ڪنهن به قسم جي وڏائي ڪونه هئي. هو انگريزي روزاني ڊان اخبار جي بزنس صفحي يعني ايڪانامس ايند بزنيس رويو (اِي بي آر) ۾ ڪم ڪندو هو. سندس سڀ کان وڏي خوبي اها هئي ته هو پنهنجي پروفيشن سان سچو هو ۽ کيس وڏي ڄاڻ هوندي هئي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته سندس ڪردار اعلى رهيو ھو. سچ ته اهو آهي ته اسان وٽ صبيح الدين غوثي مرحوم جهڙو هڪ به سنڌي صحافي پيدا نه ٿي سگهيو آهي، جيڪو سنڌ سان اقتصادي محاذ تي ٿيندڙ زيادتين تي ڪنهن به رک رکاءُ کانسواءِ انگريزيءَ ۾ لکي ته جيئن دنيا تائين سنڌ جو ڪيس پهچي سگھي. سندس آرٽيڪل انگن اکرن سان ڀرپور هوندا هئا ۽ وري ريسرچ ايتري ڪيل هوندي هئس جو آرٽيڪل کي ڪو به چئلينج نه ڪري سگھندو هو.
صبيح الدين غوثيءَ جي وفات تي ڊان گروپ لکيو ھو ته ڪنهن به قديم سنڌيءَ کان وڌيڪ سنڌي هو. منهنجي خيال ۾ اهو تبصرو بلڪل ٺيڪ هو، ڇاڪاڻ ته غوثي مرحوم اردو ڳالهائيندڙ هئڻ جي باوجود، وڏي جدوجھد ڪري سنڌ سان وفاق طرفان ٿيندڙ زيادتين جا ڪيترا ڪيس تيار ڪندو هو ۽ اڌ صفحي کان مٿي تفصيلي آرٽيڪل لکندو رھندو هو، سو به هڪ ٻه ڀيرا نه پر گهڻو ڪري لکندو رھندو هو. مون کي ڪيترن سينيئر صحافين ٻڌايو ته تن ڏينھن ۾ سنڌ سرڪار ڪيترا ڀيرا غوثي مرحوم جي آرٽيڪلن کي اڳيان رکي پنهنجو ڪيس تيار ڪندي هئي. ڪاش اسان وٽ ڪو هڪ به صحافي اهڙو هجي جو صبيح الدين غوثي مرحوم وانگيان، ڳُوڙهو اڀياس ڪري، وفاق طرفان سنڌين سان ٿيندڙ زيادتين جو معياري ڪيس تيار ڪري ڊان ۾ ڇپرائي ۽ مون کي مڃڻو پوي ٿو ته اسان وٽ انگريزي صحافت ۾ ڪم ڪندڙ، صبيح الدين غوثي مرحوم جهڙو ڪوبه سنڌي صحافي موجود ناهي.
مئي 1972ع ۾ شھيد ڀٽي ڪراچِيءَ جي پھرين سنڌي اخبار روزاني ھلال پاڪستان ڪڍي ڪئي (حيدرآباد جي اخبار ھلال پاڪستان اڳ ئي جاري ھئي) سال 1963ع ۾ ٻه سنڌي اخبارون مھراڻ ۽ سنڌ سلامت نڪرنديون ھيون، سي شفٽ ڪري حيدرآباد ۾ نيون ويون. سو ڪراچيءَ ۾ ڪابه سنڌي اخبار ڪانه نڪرندي ھئي. شھيد ڀٽي جون وڏيون خدمتون ھيون. سندس دور ۾ ڪراچيءَ ۾ کوڙ فنڪشن ٿيندا ھئا. شھيد ڀٽي ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ ريلوي اسٽيشنن جا نالا سنڌيءَ ۾ لکرايا. اھا سو سيڪڙو سچائي آھي ڇاڪاڻ ته سنڌيءَ ۾ نالا لکرائڻ لاءِ مون به نوابشاهه ۾ وڏي جدوجھد ڪئي ھئي.
بھرحال اسان جو دلي عرض آھي ته سنڌي ٻوليءَ کي باقاعدي زور وٺرايو ۽ سنڌي ٻولي ڳالھائڻ ۾ فخر محسوس ڪريو.