ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لانگ مارچ حملو

Editorial-Article- Syed Zawar Shah

پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو 75 سالن کان ڏسي رهيا آهيون. حقيقي لانگ مارچ جي اڳواڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني، عمران خان ۽ سندس ساٿين مٿان وزيرآباد ۾ حملو ڪيو ويو جنهن ۾ عمران خان، فيصل جاويد، حامد چٺا ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا آهن. جڏهن ته باخبر ذريعن موجب هڪ ڄڻو شهيد ٿي چڪو آهي. اها وڏي خوش نصيبي آهي جو قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽي بهترين دستور پاڪستان جي 73 سياسي پارٽين جي متفق ٿيڻ کان پوءِ ڏنو ۽ اڄ به پاڪستان جي آئين موجب هيءَ ملڪ هلي رهيو آهي، پر جيڪڏهن مان فقط ويهه سال پوئتي وڃان ۽ جهڙي ريت هن ملڪ کي لٽيندڙ عوام سان به حشر ڪيو، هن ملڪ جي معيشت کي به تباهه ڪيو، جن وٽ کائڻ لاءِ پيسا نه هئا، اهي ڪجهه سالن ۾ ارب پتي ٿي ويا. جن مني لانڊرنگ ڪرپشن ڪري وڌيڪ اثاثا جوڙي ٻاهرين ملڪن ۾ ملڪيتون خريد ڪيون، اتي آف شور ڪمپنيون جوڙي هن وقت به اربين دالرس جو ڪاروبار ڪن ٿا پر ٽيڪس هڪ روپيو به نه ٿا ڏين.
پاڪستان جي سڀني ادارن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان هجي يا پاڪ آرمي هجي يا ٻيا ادارا هجن، انهن جو احترام ڪرڻ فرض آهي، پر جيڪڏهن ملڪ خلاف ڪير به ڳالهائي آئين جي پاسداري نه ڪري عوام سان ڪيل واعدا وفا نه ڪري، تعليم، صحت ۽ امن امان جي صورتحال بهتر نه ڪري ته پوءَ ته سوال جنم وٺندا ۽ جواب به گهرجن پر سوال اهو آهي ته جواب ڏيندو ڪير؟ باقي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي قابل احترام چيف جسٽس صاحب يا ڪو به قابل احترام جج صاحب هجي، هو ملڪ اندر پيدا ٿيندڙ خراب صورتحال معيشت جي تباهي، عوام کي انصاف نه ملڻ ڪوڙا واعدا ڪندڙ اسان کان وڌيڪ قانون ۽ آئين جي دائري ۾ ذهنن ۾ هوندا.
هن وقت جهڙي ريت چور لٽيرا اسان جي مٿان مسلط ڪيا ويا آهن، انهن کان اسين سڀ واقف آهيون. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان کان هڪ هفتي تائين جواب طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بينچ عمران خان خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. تحريڪ انصاف جي وڪيل بابر اعواڻ ۽ فيصل چوڌري طرفان سپريم ڪورٽ بار جو صدر احسن ڀون پيش ٿيو ۽ چيو ته بابر اعواڻ ۽ فيصل چوڌري جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس چيو ته ٻنهي وڪيلن طرفان جمع ڪرايل جواب مناسب آهن جنهن جو جائزو بعد ۾ وٺنداسين. پهريان حڪومتي وڪيل جو موقف ٻڌي وٺون. ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر خان ٻڌايو ته عمران خان ڪنهن به خاطري ۽ عدالتي حڪم کان به لاعلمي جو اطهار ڪيو آهي جڏهن ته عمران خان طرفان خاطري ڪرائي وئي هئي. 25 مئي تي پهريون عدالتي حڪم ڏينهن جو 11 وڳي ڏنو ويو ۽ ٻيو شام جو 6 وڳي. چيف جسٽس چيو ته ٻنهي حڪمن جي وچ جو وقت هدايت وٺڻ لاءِ ئي هو پر عدالت کي ناهي ٻڌايو ويو ته هدايت ڪنهن کان ورتي وئي آهي. جيڪڏهن ڪنهن سان ڳالهيون نه ٿيون ته عدالت کي ڇو نه ٻڌايو ويو. ان ڳالهه جي وضاحت ته ڏيڻي ئي پوندي. عدالت بابر اعواڻ ۽ فيصل چوڌري تي ڀروسو ڪيو هو ٻنهي وڪيلن ڪڏهن به نه چيو ته کين هدايتون نه مليون. عمران خان کي عدالتي حڪم جي ڪيئن خبر پئي. خاطري تحريڪ انصاف جي اعليٰ قيادت طرفان ڪرائي وئي هئي. تحريڪ انصاف جي اعليٰ قيادت جي شروعات عمران خان کان ئي ٿيندي آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل دليل ڏنا ته تحريڪ انصاف 2014ع ۾ به اين او سي جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي. سپريم ڪورٽ ۾ عمران خان مٿان شرمناڪ چوڻ تي توهين عدالت جو ڪيس هليو. ٻه ڀيرا عمران خان اليڪشن ڪميشن کان به معافي گهري چڪو آهي. عدالت ڪيترائي ڀيرا صبر جو مظاهرو ڪري چڪي آهي. ان تي چيف جسٽس چيو ته موجوده ڪيس ماضي جي ڪيسن کان مختلف آهي. وڪيل احسن ڀون چيو ته عدالت حڪومت جي وڪيلن کي عمران خان سان ملاقات جو حڪم ڏنو. پر حڪومت طرفان وڪيلن جي عمران خان سان ملاقات جو بندوبست نه ڪيو ويو. چيف جسٽس پڇيو ته وڪيلن جو رابطو نه ٿيو ته خاطري ڪنهن طرفان ڪرائي وئي؟ ڇا وڪيلن جي ڪنهن سينيئر اڳواڻ سان ڳالهيون ٿيون هيون. ڇا ٽيليفون تي به رابطو نه ڪيو ويو هو؟ وڪيل فيصل چوڌري چيو ته عمران خان سفر ۾ هوندو آهي ته جيمر گڏ هوندا آهن، منهنجو اسد عمر ۽ بابر اعواڻ سان رابطو ٿيو ته انهن عدالتي ڪارروائي کان آگاهه ڪيو. چيف جسٽس چيو ته ڇا اسد عمر رابطي وقت ريلي ۾ نه هو. تصويرن موجب ته اسد عمر ريليءَ ۾ هو. جيمرز هئا ته اسد عمر سان رابطو ڪيئن ٿيو؟ فيصل چوڌري چيو ته اسد عمر سان رابطي وقت عدالت جو حڪم جاري نه ٿيو هو. چيف جسٽس چيو ته عدالتي حڪم ميڊيا تي به هلايو ويو هو، عدالت 25 مئي تي توازن پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. اسد عمر سان ٻيون ڀيرو به رابطو ٿي سگهيو ٿي پر نه ڪيو ويو. اهوئي سبب آهي ته 26 مئي جي حڪم ۾ عدالت چيو ته ڀروسي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن رابطو نه ٿي سگهيو ته عدالت کي ڇو نه ٻڌايو ويو. عدالت تحريڪ انصاف جي يقين ڏيارڻ تي حڪومت کي هدايت ڏني هئي ته وڪيلن کي ايڇ نائن گرائونڊ ۾ موجود هجڻ گهرجي ها. رات 10 وڳي تائين ته گهڻو ڪجهه ٿي چڪو هو. ڇا عدالت هاڻ عمران خان کان پڇي ته ڇا ٿيو هو؟ جسٽس اعجاز الحسن ريمارڪس ڏنا ته وڪيلن ڪڏهن به ناهي چيو ته قيادت سان رابطو نه ٿيو هو. واضح خاطريءَ تي ئي عدالت وڪيلن تي اعتماد ڪيو هو. جلسي جي هنڌ جي حوالي سان فقط ايڇ نائن گرائونڊ جو چيو هو. تحريڪ انصاف عدالتي حڪم جو غلط استعمال ڪيو. عدالت ته تحريڪ انصاف قيادت ۽ ڪارڪنن کي تحفظ ڏنو هو. عدالتي حڪم تي حڪومت رڪاوٽون هٽائي ڇڏيون هيون.
چيف جسٽس چيو ته گاڏي يا جهاز نه هجڻ فقط بهانا آهن. عدالت کي خاطري ڪرائي بهانا نه ڪيا وڃن. اسد عمر سان ٻيون رابطو ڪيئن نٿو ٿي سگهي. عدالت جو پهريون ڪم هو ته ملڪيتن کي نقصان نه پهچائڻ جو چئي. تحريڪ انصاف درخواست ئي ايڇ نائن گرائونڊ جي ڏني هئي. ايڇ نائن کان اڳيان اچڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ٻن وڪيلن ذريعي عدالت کي گمراهه ڪيو ويو. پنهنجو قلم آئين جي خلاف استعمال نه ڪرڻ گهرجي. 10 هزار ماڻهو گهرائي 10 لک ماڻهن جي زندگي جنجال بڻائي وئي. فيض آباد ڌرڻي دوران ايمبولينس ۾ ماڻهو مري ويا هئا. جمهوريت تي يقين رکندڙ اهڙي طرح جو احتجاج ناهن ڪندا. چيف جسٽس چيو ته جيڪو ڪجهه 25 مئي جي ڏينهن ٿيو اهو ٻيهر نه ٿيڻ گهرجي. عدالت هن ڪيس ۾ صبر کان ڪم وٺي رهي آهي نه ته عدالت وٽ موجود مواد موجب عمران خان کي نوٽيس ملڻ گهرجي. پر ان باوجود اسان کيس وضاحت جو موقعو ڏئي رهيا آهيون. تفصيلي جواب عمران خان جي صحيح سان جمع ٿيڻ گهرجي. جنهن کان پوءِ عدالت عمران خان کان 25 مئي واقعن تي وضاحت طلب ڪندي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ان حوالي سان مان عرض ڪندس ته ڪپتان عمران خان کي ادارن جو احترام ڪرڻ گهرجي، ها احتجاج ڪرڻ ان جو قانوني آئيني حق آهي پر سياستدانن عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽيو آهي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي قابل احترام چيف جسٽس صاحب کي هٿ ادب سان ٻڌي گذارش ڪندس ته اهي سڀ سياسيدان ملڪ ۾ موجود آهن، اربين روپين جا ڪيس ختم ڪرائي وري عوام جو رت چوسيندا. هڪ پاڪستاني شهري آئين پاڪستان کي مد نظر رکندي نمي عرض رکي ٿو ته 22 ڪروڙ عوام جي اميد يا ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان آهي يا ڪپتان آهي، جنهن چورن ڦوروئن کي وائکو ڪيو آهي. جڏهن ته حقيقي لانگ مارچ وزيرآباد ۾ ڪپتان مٿان خونخوار حملو ڪيو ويو آهي جنهن جي سڄي ملڪ مان مذمت جا بيان هلي رهيا آهن. تنهنڪري سياسي مقابلو سياست وسيلي ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهو ڪنهن به ريت هٿيار وسيلي نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته سياسي اختلاف به امن وسيلي حل ڪري سگهن ٿا، ان لاءِ تشدد جي واٽ نٿي وٺي سگهجي. تنهنڪري اهڙي قسم جا حملا ملڪ ۾ عدم استحڪام کي جنم ڏيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button