ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پوليس جي سرپرستيءَ ۾ منشيات جو وڪرو

Editorial

ڪنهن به ملڪ ۾ پوليس عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ هوندي آهي ته جيئن عوام کي ان ڳالهه جي پڪ هجي ته پوليس جهڙو ادارو ان جي حفاظت ڪرڻ لاءِ موجود آهي ۽ ان جي هوندي عوام کي ڪنهن به قسم جو ڪو کٽڪو ڪرڻ جي ضرورت ناهي. پر جيڪڏهن اهو ئي ادارو عوام جو ويري ٿي وڃي، عوام جا ڏک سور گهٽائڻ بدران دردن جو سبب بڻجي وڃي ته پوءِ پوليس هر حوالي سان عوام تي بار ٿي پوندي آهي. پوليس جيڪڏهن پنهنجو ڪم ايمانداريءَ سان ڪري ته سنڌ توڙي ملڪ ۾ نه رڳو ڪرائيم ريٽ گهٽائي سگهجي ٿو پر ان سان گڏ امن امان جي صورتحال به گهڻي بهتر ٿي سگهي ٿي. سنڌ ۾ ٿيندڙ وارداتن ۾ اهي ڪيس به سامهون آيا آهن، جن ۾ پوليس به ملوث رهي آهي. منشيات جي ڪاروبار ۾ به پوليس ٿاڻن جون منٿيلون ٻڌل هونديون آهن. جنهن جي ڪري پوليس پنهنجا فرض نڀائڻ بدران انهن ڪمن ۾ ملوث نظر اچي ٿي، جيڪي ان جو رڪارڊ خراب ڪري رهيا آهن. ڪالهه به هڪ اهڙي ئي خبر رپورٽ ٿي آهي، جيڪا پوليس جي ورديءَ تي داغ مثل آهي ۽ ان داغ کي پوليس پنهنجي ايمانداراڻي ڪارروائي وسيلي ڌوئي سگهي ٿي.
ڄامشوري ضلعي جي ٽن ايس ايڇ اوز سميت سنڌ جي مختلف ضلعن جا 26 پوليس آفيسر منشيات فروشن جا سرپرست هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. آ جي سنڌ پاران ڊي آ جيز کي ليٽر لکي 26 پوليس آفيسرن خلاف انڪوائري ڪري محڪماڻي ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ اي آ جي اسٽيبلشمينٽ سهائي عزيز ٽالپر جي صحيح سان جاري ٿيل ليٽر ۾ آ جي سنڌ پاران ڊي آ جيز کي اهڙي هدايت ڪئي وئي آهي. منشيات فروشن جي سرپرستي ڪندڙ پوليس آفيسرن جي جاري ڪيل لسٽ ۾ انسپيڪٽر ۽ سب انسپيڪٽر رينڪ جي 26 ڄڻن جا نالا شامل آهن، منشيات فروشن جي سرپرستي ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل پوليس آفيسرن جي جاري ڪيل لسٽ ۾ 4 پوليس آفيسرن جو تعلق ڄامشوري ضلعي سان آهي. لسٽ موجب 1 مٽياري، 1 قمبر، 1 مٺي، 2 خيرپور، 4 دادو، 10 نوشهروفيروز ۽ 2 ڄڻا سجاول جا پوليس آفيسر به شامل آهن. جاري ڪيل لسٽ ۾ ڄامشوري ضلعي جو موجوده ايس ايڇ او نوري آباد انسپيڪٽر هاشم بروهي، ايس ايڇ او ڪوٽڙي انسپيڪٽر مظهر سومرو، ايس ايڇ او ڪوٽڙي سائيٽ سب انسپيڪٽر خير محمد ملاح ۽ سب انسپيڪٽر سائين بخش چانڊيو شامل آهن. ليٽر ۾ لاڳاپيل ڊي آ جيز کي الزام هيٺ آيل پوليس آفيسرن خلاف انڪوائري مڪمل ڪري ۽ محڪماڻي ڪارروائي ڪري 20 ڏينهن اندر سي پي او رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي.
جيڪڏهن پوليس جو ڪم منشيات فروشن جي سرپرستي ڪرڻ آهي ته پوءِ پوليس جو ڪم ڪير ڪري رهيو آهي ۽ ڇا پوليس جي آفيسرن جا فرض انهن کي اها اجازت ڏين ٿا ته اهي منشيات فروشن سان گڏجي ان سڄي ڪاروهنوار کي هلائين، جيڪو سنڌي نوجوانن کي تباهه ڪري رهيو آهي. پوليس جو ڪم ته منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪرڻ آهي، انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ڪارروائي ڪرڻ آهي. پر پوليس عملدارن جا عمل ڏسي، انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهارن لازمي ٿي ويو آهي. سماج ۾ جيڪڏهن پوليس اهڙين ڪاررواين ۾ ملوث هوندي ته سماج کي براين ۽ ڏوهن کان ڪنهن به ريت بچائي نٿو سگهجي. جڏهن پوليس جي سرپرستيءَ ۾ منشيات جا اڏا هلي رهيا آهن ته ان سماج جي هر فرد جي منشيات تائين رسائي بنهه آسان ٿي ويندي آهي. اهڙي ريت سنڌ پوليس پنهنجا فرض نڀائڻ بدران ڏوهارين سان ٻٽ ٿي سماج کي تباهه ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. جڏهن ته پوليس جي فرض ۾ اهو شامل آهي ته اها هر قسم جي برائيءَ کي چٿڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ هر برائي کي ختم ڪري ساهه پٽيندي. پر جڏهن صورتحال جو جائزو وٺجي ٿو ته هڪ افسوسناڪ صورتحال سامهون اچي ٿي. جنهن جي مڪمل ذميوار پوليس آهي.
اسين سمجهون ٿا ته پوليس کاتي ۾ موجود ڪارين رڍن کي وائکو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته پوليس کاتو پنهنجن صفن مان اهڙن پوليس عملدارن کي نيڪالي ڏئي جيڪي اداري جي توهين جو سبب ٿي رهيا آهن، جيڪي پنهنجن پيٽي ڀائرن کي لڄائي رهيا آهن. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي منشيات فروشن جي چڱن مڙسن خلاف ترت ڪارروائي ڪري سماج کي منشيات کان پاڪ ڪيو وڃي ته جيئن پوليس کاتي کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button