ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

خوابن پويان ڀٽڪيل وجود

Editorial-Article-sadaf Shaikh

زمانو خراب آهي، اها ڳالهه هر زماني جو ماڻهو ڪندو آيو آهي. اسين ٿلهي ليکي پنهنجن غلطين جو بار به زماني مٿان وجهي ڇڏيندا آهيون. ڪٿي ماڻهو اهو چوندي نظر ايندا آهن ته انٽرنيٽ ٻارن ۽ نوجوانن کي خراب ڪري ڇڏيو آهي.
ڪڏهن نيٽ، ڪڏهن راند، ڪڏهن ڪنهن ڇوڪري يا وري يونيورسٽي يا وري ڪاليج ۽ اسڪول جي ماحول تي الزام هڻندي اسين دير ڪونه ڪندا آهيون، پر اسان ڪڏهن پنهنجي پرورش ۽ پنهنجي ڪوتاهي تي غور ناهيون ڪندا. شايد هاڻي اسان کي پنهنجي غلطين جو ذميوار ٻين کي قرار ڏيڻ ۾ مزو ٿو اچي. اسان ڪڏهن به پنهنجي اندر جي ڪمزوري کي ڳولڻ ۽ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ئي ناهي ڪئي. اسان جو سماج شروع کان وٺي ان روش پويان هلي رهيو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجو گذرڻ استنبول جي هڪ اهڙي گهٽي مان ٿيو. جيڪا گهٽي ريڊ لائيٽ ايريا يا ڳاڙهي بازار جي نالي سان پاڪستان ۾ به موجود آهي. هتي ان گلي يا ايريا جو هجڻ ڪا وڏي ڳالهه نه هئي ۽ مون اتان ماٺ ميٺ ۾ گذرڻ جي ڪئي. پر ڇا ڏسان ته استنبول جي هڪ علائقي، جنهن جو نالو (Aksaray) آهي، اتفاق سان ٽرام اتان کان اڳيان وڃڻ لاءِ منع ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اسان (Aksaray) جي اسٽاپ تي بيٺا رهياسين. ڇا ڏسون ته هڪ روڊ تي هڪ ڇوڪري بيٺل هئي. ڇوڪري سهڻي هئي ۽ ان سان گڏ هڪ ايجنٽ بيٺل هو. مون کي پهرين ته سمجهه ۾ نه آيو پر پو سڄي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي. هڪ بزرگ عورت هتان گذري. هن ٻڌايو ته جسم فروشيءَ وارو ڪم هتي اڄ کان به بلڪه ڪافي عرصي کان ٿيندو پيو اچي. هن وضاحت ڪئي ته اهي جيڪي ڇوڪريون اوهان بيٺل ڏٺيون اهي عام ڇوڪريون نه بلڪه “ڪال گرلس” آهن.
مون هن بزرگ عورت سان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه نه ڪئي پر مون پنهنجي دوست کي اهو قصو ضرور ٻڌايو هو ته خبر ناهي ڇو ڇوڪريون پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ان ئي پيشي کي چونڊين ٿيون. جڏهن ته دنيا ۾ ڪرڻ لاءِ الاهي سارا ٻيا به ڪم آهن. پر اهو ڪم خبر ناهي ڇو ٿيون ڪن؟
ان حوالي سان الاهي سارا سوال منهنجي ذهن آيا ۽ پريشان ڪرڻ لڳا. ان ڏينهن کان پوءِ مون ڪال گرل، طوائف ۽ جسم فروش عورتن جي باري ۾ ريسرچ ڪرڻ شروع ڪئي. انهي دوران مون مختلف فلمن، ڊرامن ۽ ڪتابن جي ڳولا ڪئي ۽ مون کي مشهور ناول نگار پائولو ڪوهيلو جو ناول “يارهن منٽ” هٿ آيو ۽ مون ناول پڙهڻ شروع ڪيو.
ان ناول ۾ دراصل اهو ٻڌايو ويو آهي ته جيڪي ڇوڪريون پنهنجو آئيڊيل ڳولڻ جي خواهش ۾ نڪرنديون آهن ۽ خواب ڏسنديون آهن. انهن خوابن کي پورو ڪرڻ جي چڪر ۾ اهي غلط رستو اختيار ڪنديون آهن ۽ انهن کي خبر ناهي پوندي، اهي ڪوڙي واکاڻ ڪندڙ مرد انهن سان محبت نه بلڪه پنهنجي هوس جي چڪر ۾ انهن جي ويجهو ٿيندا آهن.
ڇو ته عورت هڪ اهڙي مخلوق آهي جيڪا جيڪڏهن ڪنهن مرد سان محبت ڪرڻ لڳي ته هن تي سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندي آهي. ٻئي پاسي مرد ڄڻ ته عورت کي پوڄڻ لڳندو آهي ۽ ڇوڪريون مرد جي هوس کي سچي محبت جو رنگ ڏينديون آهن. پنهنجي عزت کي نيلام ڪري ڇڏينديون آهن. پوءِ ڇوڪريون پنهنجا خواب پورا ڪرڻ جي چڪر ۾ هر معاملي تي ڪمپرومائيز ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وينديون آهن.
اردو ٻوليءَ جو مشهور افسانه نگار سعادت حسن منٽو عورت جي کليل لفظن ۾ تعريف لکي آهي. عورت جو ٻاهر نڪرڻ، خاص ڪري ڪمائڻ هن سماج ۾ ڪيترو ڏکيو آهي. ان کي هن سهڻي نموني بيان ڪيو آهي.
سعادت حسن منٽو خوبصورت عورت کي بيوقوف چوي ٿو. هو طوائف ۽ مظلوم عورت جي طرفداريءَ به ڪري ٿو. ڏٺو وڃي سعادت حسن منٽو جو هڪ مشهور افسانو “لائسنس” آهي، جنهن ۾ هڪ عورت روزگار جي تنگيءَ جي ڪري ٽانگو هلائڻ لڳي ٿي ته سڄو سماج هن جي مخالف ڪري ٿو ۽ نيٺ اها عورت پنهنجو جسم وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندي آهي. سماج هڪ عورت کي ٽانگو هلائڻ نه ٿو ڏئي پر جسم وڪڻڻ تي ڪجهه نٿو ڪڇي.
ان جو ٻيو پهلو اهو آهي ته ڇوڪريون جڏهن وڏيون ٿين ٿيون، اهي حساس ۽ نازڪ مزاج طبيعت جون مالڪ بڻجي وڃن ٿيون ۽ والدين انهن کي ترجيح ناهن ڏيندا ۽ انهن جي ڪمزورين يا خواهشن تي ڌيان ڏيندا بلڪه انهن تي اجايون سختيون ڪري عزت ۽ غيرت جو ٺيڪيدار انهن ئي کي قرار ڏيندا آهن، پوءِ اهي ڇوڪريون احساس ڪمتريءَ ۾ اچي باغي ۽ پريشان ٿي وينديون آهن ۽ پوءِ انهن کي هر چمڪندڙ شيءِ هيرو لڳڻ لڳندي آهي.
تاريخ شاهد آهي ته ڪو اهڙو دور به هو، جڏهن بادشاهن ۽ اميرن کدڙن کي پنهنجو گهر جو ملازم رکيو ته جيئن سندن عورتون مردن کان محفوظ رهن. پر هڪ گهر ۾ ائين به ٿيو جو هڪ عورت کدڙي جي عشق ۾ گرفتار ٿي وئي ڇو ته عورت ڪڏهن به پنهنجو عورت پڻو ناهي ڇڏيندي ۽ هوءَ هر حال ۾ پنهنجي دل جي خواهش کي پورو ڪرڻ چاهيندي آهي ۽ هوءَ حق به رکي ٿي.
پاڪستان ۽ انڊيا جڏهن آزاد نه ٿيا هئا، تڏهن دهلي ۽ لکنئو جي ڳاڙهين بازارن جو عروج هوندو هو ۽ وڏا وڏا نواب اتي وڃي پنهنجو وقت گذاريندا هئا. جڏهن پاڪستان هڪ آزاد ملڪ طور نروار ٿيو ته اهو رواج ختم ٿي ويو ۽ لاهور ۾ ڳاڙهين بازارن جو ڪلچر گهڻو هو. مختلف حڪومتي پاليسين سبب ڳاڙهي بازارن کي نقصان رسيو. جيئن ته اهو پورو هڪ ڪلچر هوندو هو، جڏهن ڳاڙهين بازارن کي ختم ڪيو ويو ته اهو جسم فروشيءَ جو ڪاروبار گهرن ۾ ڪاهي پيو. جڏهن ته اڳ ۾ سدا سهاڳڻيون رڳو ڪنهن خاص علائقي تائين محدود هونديون هيون.
حيدرآباد جي علائقي ۾ هڪ جگهه سري گهاٽ جي نالي سان مشهور آهي، اتي به ڳاڙهي بازار موجود آهي، جيڪا ڪنهن زماني ۾ پنهنجي عروج تي هئي. ان سلسلي ۾ جڏهن هڪ ايجنٽ سان ڳالهه ٿي ته هن ٻڌايو اسان وٽ 50 سيڪڙو اهڙيون عورتون آهن، جيڪي پنهنجي مالي مسئلن ۽ غربت جي ڪري اهو پيشو اختيار ڪن ٿيون ۽ پنهنجي زندگيءَ جو گذر سفر ڪن ٿيون ۽ ڪجهه وري غلط ڇوڪرن ذريعي اسان وٽ پهچن ٿيون. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪجهه وقت اڳ اسان وٽ هڪ ڇوڪري آئي ۽ ان جو افيئر هڪ ڇوڪري سان هو ۽ اهو ڇوڪرو هن کي 6 سالن کان استعمال ڪندو رهيو ۽ پوءِ هن کيس ڇڏي ڏنو ۽ هوءَ خوشيءَ سان هتي اچي وئي.
مون کي ريسرچ دوران اها به خبر پئي ته ڪجهه اهڙيون به ڇوڪريون آهن، جيڪي (Video Call) يا وري (Vice Call) ذريعي نوجوان ڇوڪرين کي اهڙي ٽريننگ ڏينديون آهن ۽ ڪجهه وري اهڙيون به هونديون آهن جيڪي (Video Call) ذريعي پنهنجي گراهڪن جي دل وندرائينديون آهن.
ڇا “منهنجو جسم منهنجي مرضي” جو نعرو لڳائڻ سان اسين لبرل ٿي وينداسين. ائين هرگز ناهي اسان جيتري پنهنجي حفاظت پاڻ ڪري سگهون ٿا، ائين ڪير نه ٿو ڪري سگهي. ان ڪري اسان کي گهرجي ته اسين اهڙين شين کان پاسو ڪريون ۽ صحيح غلط جي سڃاڻ ڪريون ۽ والدين کي به گهرجي ته پنهنجي ٻارن تي نظر رکن ۽ انهن جا دوست بڻجي رهن. والدين کي گهرجي ته انهن جي دوستن ۽ انهن جي مصروفيتن تي به نظر رکن. بنا ڪنهن سبب جي ٻارن تي پابنديون نه هڻن ۽ استادن کي به گهرجي ته پنهنجي شاگردن کي اولاد وانگر سمجهن. اهي والدين وانگر فرض نڀائين ۽ انهن جا دوست ٿي رهن ته ڇوڪريون اهڙي رستي تي وڃڻ کان بچي سگهن، جيڪو انهن کي تباهي ڏانهن وٺي ٿو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button