ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مارچ ۽ ملڪي سياست

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

سياست ۾ مذهب جو استعمال نه رڳو عوام لاءِ خطرناڪ هوندو آهي، پر سياستدانن ۽ سياسي پارٽين لاءِ به وڌيڪ خطرناڪ هوندو آهي. پاڪستان ۾ مذهب جي آڙ ۾ سياست ڪرڻ جو سلسلو پهرين ڏينهن کان وٺي جاري آهي. عورتون سياست نه ڪن ان لاءِ مذهبي عالمن کان فتوائون ڏياريون وينديون هيون. ايوب خان جي مقابلي ۾ جڏهن فاطمه جناح صدارتي اميدوار طور سامهون بيٺي ته هن لاءِ ڪيتريون ئي فتوائون ڏياريون ويون. نيٺ هوءَ چونڊ کٽي نه سگهي.
عمران خان جي سياست ۾ لانچنگ کان پوءِ جيڪي ڪجهه ملڪ ۾ ڏسڻ لاءِ ملي رهيو آهي، ان جي اميد ان ڪري به هئي جو عمران خان کي آڻيندڙن کي اهو اندازو ئي نه هو ته هو ان حد تائين وڃي سگهي ٿو. پنهنجو اقتدار وڃائڻ کان پوءِ جهڙي ريت هن “اسلامي ٽچ” وسيلي مذهب کي استعمال ڪيو آهي، ان جو مثال ماضي ۾ نٿو ملي. هو اڄ به پنهنجي سياست کي بچائڻ لاءِ مذهبي ڪارڊ استعمال ڪري رهيو آهي. ملڪ ۾ هر سياسي پارٽيءَ جو پنهنجو پنهنجو مذهبي ڪارڊ آهي ۽ اهو ڪارڊ ڪڏهن به ڪنهن جي خلاف استعمال ٿي سگهي ٿو. ڪجهه سال اڳ تائين ان جو شڪار نواز ليگ ٿي رهي هئي ۽ هاڻ عمران خان ۽ سندس پارٽي ٿي رهي آهي.
سياست ۾ اختلاف جو مطلب اختلاف هوندو آهي، اهو اختلاف دليلن وسيلي رکڻ گهرجي پر ان ۾ گوليءَ جي گنجائش نه هئڻ گهرجي. ٻه ڏينهن اڳ عمران خان جي لانگ مارچ تي حملي جي خبر آئي آهي، جنهن ۾ عمران خان پير ۾ گولي لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو آهي ۽ ان سان گڏ 12 ڄڻا ٻيا به زخمي ٿيا آهن. جيڪڏهن هن عمل کي ڪو ماڻهو عوامي ردعمل چئي جان ڇڏائڻ چاهي ٿو ته اهو ايترو آسان ڪونهي، ڇاڪاڻ ته جنهن رياست انتهاپسنديءَ کي هر سطح تي هٿي ڏني هجي ۽ اها ان کي پنهنجو آخري هٿيار سمجهندي هجي، اتي سياستدانن کي مارڻ، انهن جي قاتلاڻا حملا ڪرڻ يا خوشيءَ سان واردات کي قبول ڪرڻ جهڙا عمل ٿين ته ان لاءِ ماضي کي ڏسڻو پوندو.
عمران خان کي سياست ۾ ان ڪري ايترو اسپيس ڏنو ويو ته جيئن پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي پاسيرو ڪيو وڃي. پر ڪنهن به متحرڪ سياسي سماج ۾ ون مين پارٽي شو نٿو هلي سگهي ۽ اها به اهڙي پارٽي جيڪا پنهنجي سياسي مزاج ۾ فاشسٽ پارٽي آهي. جنهن جو چيئرمين پنهنجن مخالفن کي مارائڻ توڙي جيلن ۾ واڙائڻ کي جائز سمجهندو هجي ۽ پاڻ کي محمد بن سلمان جهڙو با اختيار بڻائڻ لاءِ سڀني جمهوري ۽ آئيني حدن کي پار ڪرڻ کان به ڪيٻائيندو هجي ته اتي ڪوبه انتهاپسند پنهنجي ان تي حملي ڪرڻ کان نٿو ڪيٻائي سگهي. عمران خان تي حملي جي رپورٽ ڪجهه ڏينهن ۾ اچي ويندي ۽ ان مان خبر پوندي ته ان حملي جي ڪهڙي ريت رٿابندي ڪئي وئي هئي. پر ڇا پي ٽي آءِ ان کان پوءِ به ڪجهه سکڻ لاءِ تيار آهي يا اها ساڳي ريت ملڪ ۾ سياسي ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جو سلسلو جاري رکندي. عمران خان لاءِ هن وقت سڀ کان پريشانيءَ جي ڳالهه نئين آرمي چيف جي مقرري آهي. جنهن لاءِ هو پنهنجو پاڻ کي ان لائق سمجهي رهيو آهي ته نئون آرمي چيف سندس مرضي ۽ مشوري سان مقرر ڪيو وڃي. اهو به ان حالت ۾ جڏهن هو اسيمبليءَ جو ميمبر به ناهي رهيو. ان کان به اهم ڳالهه ته آرمي چيف جي مقرري ڪو نيب چيئرمين جي مقرري ناهي. عمران خان ته شهباز شريف کي نيب چيئرمين جي مقرري لاءِ صلاح مشوري لائق به ڪونه سمجهيو هو. هيءَ هڪ اهڙي اداري جي اهم مقرري آهي، جنهن جو فيصلو چونڊيل وزير اعظم ڪندو آهي. هو اهو فيصلو انهن تجويز ڪيل نالن وسيلي ڪندو آهي، جيڪي هيڊڪوارٽر مان موڪليا ويندا آهن. نئين آرمي چيف جي مقرريءَ کي عمران خان ايترو ته تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي جو هو هاڻ آرمي خلاف به وڏي واڪي ڳالهائڻ لڳو آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته هو فوج تي تعميري تنقيد ڪري رهيو آهي.
ان دوران هو اهي به ڳالهيون ڪندو به رهيو آهي ته جيڪڏهن مارشل لا لڳي وڃي ته ڀلي لڳي وڃي. پر جيئن ته هن وقت مارشل لا لڳائڻ بابت فوج پاڻ وضاحت ڪري چڪي آهي ته ملڪ ۾ مارشل لا نه لڳندو ۽ جمهوري سلسلو هلندو رهندو. سياست ڪرڻ جو مقصد ئي اهو هوندو آهي ته جمهوريت کي مضبوط ڪيو وڃي. جمهوري ادارن کي وڌيڪ با اختيار ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن غير جمهوري قوت کي اهو موقعو نه ملي ته هو جمهوريت جي تڏا ويڙهه ڪري سگهي. جڏهن ته عمران خان کي ان ڳالهه سان ڪو غرض ناهي ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي يا سياستدانن کي ڦاهي تي ٽنگيو وڃي. ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي وڃايل اقتدار جي باهه هر فورم ۽ هر عمل وسيلي ڪڍڻ ٿو چاهي. جڏهن هو چئي رهيو هو ته هن کان سواءِ ملڪ ۾ ڪا چوائس ڪانهي ته هو اهو وساري ويٺو هو ته سياست ۾ سدائين چوائس جي گنجائش موجود هوندي آهي ۽ ڪوبه سياستدان ڪنهن به ملڪ لاءِ حتمي نه هوندو آهي. اهڙي ريت عمران خان به هن ملڪ لاءِ ڪو اهڙُو ليڊر ڪونهي، جيڪو آخري هجي ۽ ان کان پوءِ سياست دنگ ٿي وئي هجي. هن جنهن سياست کي ملڪ ۾ متعارف ڪرايو آهي، اها نه فقط اسهپ واري آهي پر اها بنهه گهڻي گندي پڻ آهي. جنهن ملڪ جي سياسي ڪلچر کي تباهه ڪري ان کي اهڙي هنڌ پهچائي ڇڏيو آهي، جو ان گند کي صاف ڪرڻ لاءِ گهڻو وقت لڳي ويندو.
ملڪ ۾ پهريون ڀيرو اسٽيبلشمينٽ کي عمران خان جي صورت ۾ وڏي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو پوي. هو لاڳيتو فوج ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه تي حملي آور آهي پر کيس گهڻي ڇوٽ مليل آهي. عمران خان پنهنجي دور ۾ ميڊيا تي پابنديون مڙهيون، ماڻهن کان ڳالهائڻ کسي ورتو پر اڄ هن کي ڳالهائڻ جي ايتري ڇوٽ مليل آهي جو هو ڪنهن به اداري خلاف ڳالهائي ٿو ته کيس تنبهه ڪري ڇڏيو ٿو وڃي.
سياست ۾ اختلاف رکڻ، ڪنهن جي نظريي سان نه ٺهڪڻ يا وري سياسي پاليسين کي قبول نه ڪرڻ هڪ الڳ ڳالهه آهي پر ڪنهن سان سياسي اختلاف رکي ان کي ماري نٿو سگهجي. ان کي قتل ڪرڻ ڪنهن به ريت بهتر عمل ڪونهي. پر ماضي ۾ عمران خان ڪرپشن جي الزامن ۾ سوين ماڻهن کي ڦاهيءَ تي ٽنگڻ جون ڳالهيون ڪندو رهيو آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ ڪرپشن جا الزام لڳائي سياسي انتقام وٺڻ جو سلسلو گهڻو پراڻو آهي.
ٻه ڏينهن اڳ جيڪو واقعو ٿيو آهي، اهو اصل ۾ عمران خان جي ان سوچ جي عملي شڪل آهي، جيڪا هو گذريل ڪيترن سالن کان عوام جي ذهن سازي ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندو رهيو آهي. تنهنڪري سياست ۾ انتهاپسنديءَ جو استعمال ڪنهن وقت به ان سياستدان خلاف استعمال ٿي سگهي ٿو، جيڪو هو پنهنجن مخالفن لاءِ استعمال ڪندو رهندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button