ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عورت دشمن رويا

Editorial-Article Waheed Chandio

اسان کي گهڻو ڪري هيءَ جملو ٻڌڻ لاءِ ملندو آهي ته “عورت ايتري مضبوط آهي، جو هوءَ هر رنگ ۾ رڱجي وڃي ٿي، اها سندس تمام اهم خوبي آهي.” اُن جملي جو مقصد سندس وڏائي يا سندس خوبي بيان ڪرڻ هرگز ناهي. اهو جُملو دراصل کيس ساڳي پنجوڙ ۽ قيدَ ۾ رکڻ جو هڪڙو هٿڪنڊو آهي، جنهن هٿڪنڊي ذريعي هِن سماج صدين کان وٺي عورت کي غلام ۽ باندي بڻائي رکيو آهي. اِن جملي سان سندس قيد کي جائز سمجهيو ويندو آهي. درحقيقت ان جملي جو ٻيو ۽ اصلي رخ هيءَ آهي ته عورت کي هر رنگ ۾ رڱڻ تاريخ جو بدترين عمل آهي، جيڪو سماج پاران زبردستي عورت مٿان مڙهيو ويو آهي. پدرشاهي نظام عورت ۽ مرد ٻنهي لاءِ اُن ڪوڙڪيءَ مثل آهي، جيڪا ڪنهن به رنگ، جنس ۽ نسل کي ناهي ڏسندي پر سڀني کي ڦاسائيندي آهي. ايتري قدر جو جيڪو سندس وڪرو ۽ خريد ڪندڙ آهي، ان کي به ڦاسائي ڇڏيندي آهي. بلڪل ائين ئي پدرشاهي سماج ۾ مرد توڻي عورت ٻئي غلاميءَ جي انيڪ شڪنجن ۾ جڪڙيل آهن. اتر سنڌ ۾ غيرت جي نالي ۾ عورتن جو قتل عام ٿئي پيو. پاڻ کي ڪونڌر جوان مڙس سمجهندڙ ڏهه وال سلوار پائيندڙ ۽ وارن کي اڌ ڪلو تيل هڻندڙ، ماني دير سان پچائڻ ڪري هڪ لاچار بيوس مظلوم عورت، ماءُ، زال، ڀيڻ ۽ ڀاڄائي کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪريو ڇڏين.
ان عمل خلاف ڪوئي ردعمل ڏيکارڻ بدران ڄنگهون وچڙائڻ جيڏي سلوار پائي، پٽڪو ٻڌي ۽ پنهنجي جريبن ۾ ٺهرايل اوطاق تي ويٺل ظالم وڏيرو ان خون کي جائز قرار ڏيندي ۽ فقط ڪجهه ڏوڪڙ ڏنڊ رکي ان قاتل کي باعزت بري ڪندي شرمساري به محسوس نه ٿو ڪري. ظاهر آهي اهڙي سماج ۾ عورت جي آزاديءَ لاءِ عورت سوال سڀَ کان وڌيڪ سگهارو هوندو آهي. عورت سوال تي لکڻ وارا جام ويٺا آهن پر سندن جدوجهد ۾ گڏ هلڻ واري معاملي ۾ ڪجهه ماڻهو ئي هوندا آهن. اهي ٿورا ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته هن سماج ۾ عورت ۽ مرد ٻئي غلام آهن. تنهنڪري جدوجهد به گڏجي ڪئي ويندي. اهڙن سماجن ۾ عورت جدوجهد نه ڪندي ته ٻيو ڇا ڪندي؟
جنهن سماج ۾ عورت انسان نه پر ملڪيت تصور ڪئي وڃي. سماج کي لولو لنگڙو بنائيندڙ هن پدرشاهي نظام جو خاتمو ئي نئين سماج جو آئيندو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مرد توڻي عورت گڏجي جدوجهد ڪن ۽ خاص ڪري عورت جدوجهد جي هر محاذ تي مدد ڪن ۽ نه فقط مدد ڪن پر انهن سان هر جدوجهد ۾ گڏ گڏ هجن. تڏهن ئي هن دقيانوسي پدرشاهي نظام کي ڊاهي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ عورت دشمن ڪڌي رسم ڪارو ڪاري آهي. جنهن ۾ هر روز ڪٿي نه ڪٿي عورت قتل ٿئي پئي.
دي نيوز انٽرنيشنل جي تحقيقي رپورٽ موجب ڪارو ڪاريءَ جي ڪُڌي رسم تحت سال 2021ع ۾ 176 جانيون ضايع ٿيون آهن. سنڌ سُهائي سٿَ جي تحقيق موجب انهن 176 جانين ۾ 128 عورتون ۽ 48 مرد شامل آهن. ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ 23 عورتون ۽ 4 مرد قتل ٿيا آهن. شڪارپور ۾ 18 عورتون ۽ 5 مرد مردار روايت جو نشانو بڻيا. گهوٽڪيءَ ۾ 14 عورتون ۽ 3 مرد گولين ۽ ڪهاڙين جو کاڄ بڻيا.
سنڌ پوليس جي پنهنجي رپورٽ موجب سنڌ ۾ 2014ع کان 2019ع تائين 769 جانيون ڪارو ڪاري رسم ذريعي ورتيون ويون آهن. جن ۾ 510 عورتون ۽ 269 مرد شامل آهن. انهن 769 مان 649 انسانن جي قاتلن خلاف ڪيس رجسٽرڊ ٿيو. 2014ع کان وٺي 2019ع تائين رجسٽرڊ ٿيل 649 ڪيسن مان فقط 19 ڏوهارين کي ڪورٽ سزا ڏني آهي، باقي رهيل ڪيس اڃا تائين پينڊنگ ۾ پيل آهن.
مٿي لکيل ڳالهين مان ٻه ڳالهيون واضح ٿين ٿيون: پهرين ته تقريبن 95 سيڪڙو قتل اتر سنڌ ۾ ٿيا آهن ۽ انهن سڀني قتلن ۾ عورتن جو انگ ٽيڻ تي آهي، جنهن مان اهو پتو لڳائي سگهجي ٿو ته عورتَ کي قتل ڪرڻ ڪيڏو آسان آهي. عورت سان نه فقط ظلم ٿئي پيو پر عورت کي فقط ۽ فقط پنهنجي ملڪيت تصور ڪيو وڃي ٿو. ظاهر آهي پنهنجي ملڪيت سان جيڪو وڻي ماڻهو ڪري سگهي ٿو. گهڻو ڪري اسان اهي دليل ٻڌندا آهيون ته “فلاڻي سندس ڌيءَ هُئي ۽ ان پنهنجي پيءُ جي عزت تي داغ لڳايو، تنهنڪري برداشت نه ڪري سگهيو ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيو.” ساڳي قسم جو جواز ڀاءُ ۽ ڪنهن ٻئي مٽ مائٽ پاران ڪيل قتل لاءِ ڏنو ويندو آهي.
عورت دشمن قانون جي تاريخ:
ڪا به روايت، سوچَ، رسم ۽ قانون اوچتو ڦُٽي ناهي نڪرندي پر ان پٺيان پوري تاريخ هوندي آهي. اها ارتقائي مرحلي مان گذرندي رهندي آهي. ائين ئي عورت دشمن قانون ۽ روايتون ارتقا ڪنديون رهيون آهن. هڪ سماج کان ٻئي سماج تائين منتقل ٿينديون رهيون آهن.
1792 ق.م ۾ عراق ۾ پيدا ٿيندڙ حمورابي ڪي قانون متعارف ڪرايا هئا، بعد ۾ اهي قانون روزمره جي زندگيءَ ۾ شامل ٿي ويا. انهن قانون موجب عورت جي جسم کي سندس مڙس جي ملڪيت قرار ڏنو ويو. جيڪڏهن ڪا به عورت ڪنهن غير مرد سان همبستري ڪندي يا ڪوئي اعتراض جوڳو عمل ڪندي ڏٺي وئي ته کيس ان همراهه سان گڏ ٻڌي پاڻيءَ ۾ اڇلايو ويندو هو. عورت جي مڙس کي کيس بچائڻ جي اجازت هُئي پر ان شرط تي ته کيس پنهنجي زال سان گڏ سندس زال جي عاشق کي به بچائڻو پوندو. ان شرط سبب ڪوئي به پنهنجي زال کي بچائڻ جي ڪوشش نه ڪندو هو. ساڳي قسم جي ڪرت اسان وٽ ۽ ٻين پٺتي پيل سماجن ۾ اڃا تائين ڏسي سگهجي ٿي. ڪنهن عورت کي زوري تنگ ڪندڙ همراهه سان گڏ ان عورت کي به قتل ڪيو وڃي ٿو، عورت کي پنهنجي ڳالهه رکڻ جو موقعو ڪڏهن به ناهي ڏنو ويو.
حضرت عيسي کان 17 صديون اڳ روم جي پهرين بادشاههَ آگسٽس هڪڙو جوليئن قانون Julian law متعارف ڪرايو هُو. ان قانون موجب زنا کي عوامي ۽ خانگي ڏوهه قرار ڏنو ويو. ان قانون موجب زناڪاريءَ جي ڏوهه هيٺ آيل گهر جي ڪنهن به فرد بدران گهر جو وڏو يعني مرد سزا طور پنهنجي زال يا ڌيءَ جو قتل ڪندو. اڄ ڏينهن تائين سڱ چٽيءَ ۾ نياڻين کي باهه ۾ اڇليو وڃي ٿو. جنهن گهر جو فرد قتل ٿيو هُجي ۽ ان ئي گهر ۾ قتل ڪندڙ جي گهر مان عورت ڏني وڃي ته ان عورت سان ڪهڙو حشر ڪيو ويندو، اهو سوچيندي به لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا.
510 عيسوي ۾ هندستان جي رياست مڌيا پرديش ۾ هڪ رسم قائم ملي ٿي. جنهن رسم کي “ستي” چيو وڃي ٿو. هن رسم موجب مري ويل مڙس جي زال به پاڻ کي ساڙيندي ته جيئن سندس مڙس جي مغفرت ٿي سگهي يا کيس مڪتي Salvation ملي. ان رسم موجب ته مرڻ کان پوءِ به عورت مرد جي ئي ملڪيت آهي ۽ ملڪيت سدائين مالڪ جي تڪليفن کي دور ڪرڻ لاءِ ڪم ايندي آهي. ماڻهو تڪليفن کان بچڻ لاءِ ملڪيت گڏ ڪندو آهي، تنهنڪري عورت کي گهرجي ته سندس مڙس جي مڪتيءَ جو سبب بڻجي.
اسلامي تهذيب کان اڳ واري عرب سماج ۾ حوا ڄاڻائي کي ننڍي هوندي جيئري پوريو ويندو هو ته اهي وڏيون ٿي ڪو اهڙو ڪم نه ڪري وجهن جنهن سان سندن قبيلي جو نالو خراب ٿئي.
ايڪهين صديءَ جهڙي جديد دور ۾ عراق جي صدر صدام حسين عراقي قانون ۾ آرٽيڪل 111 متعارف ڪرايو جنهن ۾ ڪوئي به ماڻهو پنهنجي خاندان جي عزت خاطر غيرت ۾ اچي قتل ڪري ٿو ته کيس اهو قتل معاف آهي. تحقيق موجب سنڌ ۾ ڪارو ڪاريءَ جي رسم موجب پهريون قتل ٽالپرن جي دور ۾ سترهين صديءَ ۾ ٿيو هو. بلوچستان ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ اها ڪڌي رسم اڳ ۾ ئي موجود هُئي. سنڌ ۾ اها رسم ٻاهران کان آيل آهي.
ڪنهن به سماجَ جي سوچن ۽ خيالن کي تبديل ڪرڻ جو واحد ۽ مستقل حل تعليم ئي آهي. سنڌ ۾ عورتن، معصوم نياڻين ۽ ڇوڪرَن سان ٿيندڙ جنسي زيادتين تي مختلف ماڻهن جا مختلف رايا پڙهڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ ملندا رهن ٿا. ڪِن دوستن جو چوڻ آهي ته جنسي ضرورتون پوريون نه ٿيڻ ڪري سندن اندر ۾ ويٺل وحشي ماسَ لاءِ چريو ٿي وڃي ٿو، تنهنڪري هو اهڙي قسم جو قدم کڻي ٿو. ڪوبه فطري ضرورت کان مٿانهون ٿي نه ٿو سگهي ۽ جنسي ضرورتون فطري ضرورتون آهن، تنهنڪري جنسي لذتَ حاصل ڪرڻ کان بنا ماڻهو رهي نه ٿو سگهي. ڪِن حضرات جو چوڻ آهي ته اسان جي سماج ۾ بي حيائي وڌي وئي آهي، ڪپڙن پائڻ جي طريقيڪار تي ڳالهائيندي چون ٿا ته جينس ۽ شرٽ پائڻ سان مرد اڪسائجي وڃي ٿو، تنهنڪري جنسي زيادتيون معمول بڻجي ويون آهن. ٻيو نمبر خيال ايترو ته مقبول آهي جو ملڪ جي اڳوڻي وزير اعظم عمران خان پڻ ان خيال جو آهي ته اولهه جي طرز تي ڪپڙا پائڻ ڪري جنسي زيادتيون ٿين پيون. اسان جي نظر ۾ ان قسم جا خيالَ نه فقط مغالطا آهن پر اُن پٺيان پدرشاهي سماج کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جا هٿڪنڊا آهن. پهرين ايتريون جنسي زيادتيون ڪونه ٿينديون هُيون! پهرين ليکڪ ايترو عورت دشمن ٻولي ڪونه ڳالهائيندا هئا، جيئن اڄ خليل الرحمان قمر جهڙا اديب عورت دشمن مواد لکي رهيا آهن. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ته دنيا سان گڏ پاڪستاني سماج ۾ عورت پنهنجن حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جو طريقيڪار اپنائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان ئي جدوجهد جي ڪڙي 8 مارچ تي ٿيندڙ عورت آزادي مارچ به آهي. نظرياتي اختلاف هوندي به مان سمجهان ٿو ته اسان جهڙن پٺتي پيل سماجن ۾ عورت جدوجهد کي نه فقط سپورٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي پر انهن سان گڏ بيهڻ جي به سخت ضرورت آهي.
8 مارچ تي ٿيندڙ عورتَ مارچ خلاف جيڪا پروپيگنڊا ٿيندي رهي آهي، اها سراسر ناانصافيءَ تي ٻڌل رهي آهي. مون کي پهريون ڀيرو اهو محسوس ٿيو ته دنيا جو ڪوبه انقلاب عورت جدوجهد کان سواءِ کوکلو آهي. تنهنڪري اسين سمجهون ٿا ته عورت جي آزادي دراصل مرد جي ئي آزادي آهي. عورت جي آزادي هڪ سماج جي آزادي آهي. عورت جي آزادي هڪ نئين دنيا ۽ نئين سماج جي کوجنا لاءِ هڪ آزاد وک آهي جنهن کي گڏجي کڻڻ تمام اهم ۽ وقت جي اهم ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button