ميلان ڪنڊيرا موجوده دور جو نمائنده ناول نگار آهي، چيڪوسلاڪيا ڄائو هيءَ ليکڪ ناول ۾ نئون تجربن جي ڪري مشهور آهي. هن پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب “آرٽ آف ناول” ۾ ٿلهن متارن روسي ناولن کي “ناول جو موت” قرار ڏنو. ان سان گڏ هن پنهنجي اباڻي وطن کي انقلاب جي پيچيده سفر مان گذرندي ڏٺو ۽ ان کي پنهنجي ناولن جو موضوع بڻايو، جنهن جي ڪري 1975ع ۾ هن کي جلاوطن ڪيو ويو ۽ هو فرانس ۾ اچي رهيو. هن “دي جوڪ”، “ان بيئر ابيل لائيٽنيس آف بينگ” “دي بُڪ آف لافٽر اينڊ فارگيٽنگ” ۽ “آئيڊنٽي” جهڙا مشهور ناول لکيا آهن. هن جي ناولن جي سڀ کان اهم ڳالهه ڪردارن جو نفسياتي پاسو هوندو آهي، جنهن جو بهترين مثال هن جو ناول “آئيڊنٽي” آهي.
“ڇا آهي، ڇا ٿيو؟”
“ڪجهه نه، ڪجهه به ته نه…” هو چئي ٿي.
“ڪجهه به نه مان تنهنجو ڇا مطلب، تون ته صفا مٽجي وئي آهين.”
“ڏاڍي خراب ننڊ آئي، جهڙوڪر آئي ئي ڪونه. صبح به سٺو نه گذريو.”
“صبح به سٺو نه گذريو، ڇو؟”
“ڪو ڪارڻ ناهي، سچ ڪو ڪارڻ ناهي.”
“ٻڌائي کڻي.”
“سچ ڪو ڪارڻ هجي ته ٻڌايان به.”
هو نٽائيندي رهي، نيٺ چئي ٿي:
“مرد هاڻي وڌيڪ مڙي مون کي نٿا ڏسن.” هو هن کي تڪي ٿو ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ڇا ٿي چوڻ چاهي.
هيءَ ٽڪرو ميلان ڪنڊيرا جي جڳ مشهور ناول “آئڊينٽي” جيڪو 1998ع ۾ فرانسيسي ٻولي ۾ ڇپيو، مٿيون سٽون ان جي اٺين باب جو آخري حصو آهن، جنهن ۾ زان مارڪ پنهنجي محبوبه شونتال سان مخاطب آهي. مارڪ جڏهن هوٽل جي ڪمري ۾ اچي ٿو ته هو شونتال کي پريشاني واري حالت ۾ ڏسي ٿو ۽ هن کان پهچي ٿو ته کيس ڇا ٿيو آهي ۽ جڏهن پنهنجي محبوبه جي واتان اهو جملو ته مرد هاڻي وڌيڪ هن کي مڙي نٿا ڏسن، ٻڌي ٿو ته حيران ٿي وڃي ٿو. ان جملي مان وري پڙهندڙ کي اهو احساس ٿئي ٿو ته شونتال هڪ اهڙي مائي آهي جنهن کي پنهنجي جواني ۽ حسن وڃائجڻ جو ڀئو آهي، بلڪل ايئن جيئن آسڪر وائلڊ جي مشهور ڪردار ڊورين گري کي هو، جنهن جو ذڪر اسان کي وائلڊ جي مشهور ناول “پڪچر آف ڊورين گري” ۾ پڙهڻ لا ملي ٿو. ڊورين کي به پنهنجو حسن ۽ جواني وڃائجي وڃڻ جو ڀئو هو ۽ هن کي لڳندو هو ته هن بدران هن جي تصوير پوڙهي ٿي رهي آهي. ماين ۾ ان قسم جي ڀئو کي gerascophobia سڏجي ٿو، جنهن ۾ ڪنهن به مائيءَ کي پنهنجي سونهن جي وڃائجي وڃڻ سان گڏ اهو احساس ٿيڻ لڳي ته هاڻي جنسي طور مرد هن ۾ وڌيڪ دلچسپي نٿا وٺن. نفسياتي ماهرن موجب هن ڀئو جي ڪري ڪيتريون مشڪلون پيدا ٿي سگهن ٿيون ۽ اهو ڀئو حقيقي يا تصوراتي به ٿي سگهي ٿو ۽ ان ڪري عورتن ۾ ڪيترائي نفسياتي بدلاءُ اچي ويندا آهن، انهي سان گڏ سندن ورتا ۾ بدلا اچي ويندو آهي.
نفسياتي ماهرن موجب هن قسم جي نفسياتي بيماري گهڻي ڀاڱي سهڻين ماين ۾ ٿيندي آهي، جيڪي هر هنڌ پنهنجي سونهن جي ڪري پنهنجي اهميت ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ۽ ڪنهن محفل ۾ هر ڪنهن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل هونديون آهن. اهي ان ڳالهه تي به فخر محسوس ڪنديون آهن ته مرد هنن جي پٺيان لوڻا هڻي رهيا آهن. پر جڏهن هنن کي اهو احساس ٿيڻ لڳندو آهي ته ڪا ٻي مائي هنن کان وڌيڪ سهڻي آهي يا ڪي مرد هن کي ڇڏي ان ٻئي مائيءَ کي وڌيڪ اهميت ڏئي رهيا آهن ته سڀ کان پهرين ان عورت جي من ۾ان ٻي مائيءَ لا ساڙ ۽ نفرت جا جذبا جاڳي پوندا آهن ۽ هوريان هو ان ڀئو ۾ وڪوڙجڻ لڳندي آهي ته هاڻي هن جي سونهن هن کان کسجي رهي آهي، هو پوڙهي ٿي رهي آهي، جنهن ڪري هو جلد ئي پنهنجي اهميت وڃائي ويهي رهندي. هن نفسياتي بيماريءَ ۾ عورتن اندر anxiety وڌي ويندي آهي ۽ سندن مزاج چڙچڙو ٿي ويندو آهي ۽ اهي پنهنجن جذبن تي قابو نه رکي سگهنديون آهن. بلڪل ايئن ئي جيئن اسان کي شونتال جي ڪردار ۾ نظر اچي ٿو.
ان کان سوا شونتال هڪ اهڙي مائي آهي، جيڪا تصورن ۽ خوابن ۾ رهي ٿي ۽ پنهنجي ماضي جي ڪري پنهنجي شخصيت جي حوالي سان عدم تحفظ جو شڪار آهي. هن جو پٽ گذاري وڃي ٿو ۽ هو مڙس کي ڇڏي هڪ ايڊ ايجنسيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ لڳي ٿي ۽ اتي زان مارڪ سان ملي ٿي، جيڪو عمر هن کان ڪجهه ننڍو آهي.
ڌيان جو مرڪز (Center of Attention):
شونتال جي ڪردار مان هڪڙو احساس اهو به ٿئي ٿو ته هو ڌيان جو مرڪز (Center of Attention) گهري ٿي. هيءَ اهڙو ماڻهو هوندو آهي، جيڪو پنهنجي آس پاس جي ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل هوندو آهي. هر ڳالهه ۾ هن کان صلاح ورتي ويندي آهي ۽ هن جي ڳالهه کي مٿي ڪيو ويندو آهي. اهڙي قسم جي ماڻهن ۾ ٽي خاص عادتون هونديون آهن:
1- اهي ڪنهن محفل ۾ وچ ۾ وڃي بيهندا آهن،
2- اهي هر 15 کان 20 منٽن ۾ هڪ کان ٻي جا تي وڃي بيهندا آهن، ۽
3- گهڻي ڀاڱي ڪوشش ڪري پاڻ ئي ڳالهائڻ شروع ڪندا آهن.
ان جو احساس شونتال جي هنن جملن مان ٿئي ٿو:
“ان وٽ نوڪري ڳوليندڙن جا پروفائيل مون کي ڏنا ويندا آهن، انهن کي قبولڻ يا رد ڪرڻ جي سفارش منهنجي هٿ ۾ هوندي آهي، هڪ ڀيرو ان جي سفارش ڪندي آهيان، جيڪو مون کي وڻي وڃي ۽ ٻه ڀيرا ان جي جيڪو ڪم جو هجي.”
شونتال جو ڪردار پڙهندي اهو به احساس ٿئي ٿو ته هو ڌيان جو مرڪز رهڻ چاهي ٿي، ايتري تائين جو هن مڙس کان طلاق ان ڪري ورتي جو هن جا ساهرا هن کي ٻيو ٻار ڄڻڻ تي زور ڀرڻ لڳا، جنهن مان هن کي احساس ٿيو ته هن جي پنهنجي ڪابه اهميت ناهي ۽ هو هنن لا رڳو ٻار ڄڻيندڙ مشين آهي.
اهڙي نموني ناول جا ٻئي مک ڪردار شونتال ۽ زان مارڪ ڪيترن ئي وجودي ۽ سڃاڻپ جي بحرانن مان گذرن ٿا. جيئن ناول جي بيڪ ٽائيٽل تي ڄاڻيل آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته اسين پنهنجي ويجهي ساٿي کي نه سڃاڻي سگهندا آهيون، اهو رڳو هڪ پل لا ئي هوندو آهي، پر اهو سڃاڻي نه سگهڻ وارو هڪ پل ٻن پيار ڪندڙن جي وچ ۾ اچي وڃي ته ڇا ٿيندو؟ ان هڪ پل لا سڃاڻپ ختم ٿي ويندي ۽ اسين پنهنجي ئي وجود تي به شڪ ڪرڻ لڳنداسين. هيءَ ناول به اهڙي ئي هڪ پل جو داستان آهي، ننڍڙو پر جذبن سان ڀريل، هڪ اهڙي پل جو داستان جيڪو حيرانين ۽ خوف جي ڇولي بڻجي اڀري ٿو ۽ واقعن جو هڪ ڊگهو سلسلو بڻجي وڃي ٿو، جو پڙهندڙ اهو ئي وساري ويهي ٿو ته حقيقت ڇا آهي ۽ افسانو ڪٿان شروع ٿئي ٿو؟
ناليواري نثرنويس سائين حسين ڪپري هڪ ڪچهري دوران پنهنجي استاد پروفيسر غوريءَ جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته هڪ سٺو افسانوي ليکڪ ٿيڻ لا ٽن مضمونن جو علم ضروري آهي. هڪ بايولاجي، نفسيات ۽ معاشيات. انهي کان سوا سٺو افسانو نٿو لکي سگهجي. مان سمجهان ٿو ته ميلان ڪنڊيرا جو هيءَ ناول انهن ٽنهي ڪسوٽين تي پورو لهي ٿو ۽ اهو به ارمان اٿم ته هڪ ڏينهن سنڌي ادب ۾ به هن قسم جا ناول لکيا ويندا.