جهڏو، ڪي اين شاهه ۽ ٻڏي ويل سنڌ ۾ ٽي وي ڏسندڙن کان روز پڇيو ويندو آهي، ڏيو خبر سرڪار ٻوڏ وارن لاءِ ڪو نئون اعلان ڪيو؟ انهن سڀني لاءِ سٺي خبر ٿي سگهي ٿي ته فرعون واري ملڪ مصر ۾ هلندڙ عالمي ماحولياتي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ٻوڏ سميت دنيا ۾ ٻوڏ، ڏڪار ۽ طوفان جي متاثرن جي مسئلن تي ڳالهايو ويندو ۽ انهن جي نقصان جي ادائيگي طئي ڪئي ويندي. ان ڪري هيءَ اهم ڪانفرنس آهي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ دنيا جي 90 ملڪن جا اڳواڻ ۽ دنيا جي ملڪن جا 900 سول سوسائٽي ۽ ٻيا ماهر شرڪت ڪندا. جيڪي موسمي تبديليءَ کان پوءِ پيدا ٿيل زميني حقيقتون دنيا جي سامهون پيش ڪندا. ڪانفرنس ۾ دنيا جي شاهوڪار ملڪن کي سائنسي بنيادن تي ٻڌايو ويندو ته 2 سئو سالن جي صنعتي ترقيءَ جي نتيجي ۾ جيڪو ڪاربان (گئس وارو دونهون) ماحول ۾ ڇڏيو ويو آهي، ان جي نتيجي ۾ دنيا جون موسمون تبديل ٿيون آهن. جنهن نه رڳو دنيا جي موسمن کي تبديل ڪيو آهي پر دنيا جي سياست کي به تبديل ڪري ورتو آهي.
موسمي تبديلين جي نقصان جي ازالي لاءِ يا ائين کڻي چئجي ته موسمي انصاف لاءِ گڏيل قومن پاران 6 نومبر کان مصر جي ساحلي ۽ تفريجي ماڳ واري شهر شرم الشيخ ۾ شروع ٿي وئي آهي. موسمي تبديلين جي ڪري آفريڪا جي ملڪن ۾ ڏڪار، ٻوڏون ۽ طوفان واري تباهيءَ کي بنياد بنائي ڪانفرنس مصر ۾ رکي وئي آهي. هونءَ به ڪووڊ اچڻ جي ڪري هڪ سال جي وٿيءَ کان پوءِ هيءَ ڪانفرنس ٿي آهي. پاڪستان ۾ آيل وڏي ٻوڏ کان پوءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس پاران دنيا جي ملڪن جو ڌيان ڇڪائڻ کان پوءِ پاڪستان جي وزير اعظم شهباز شريف کي هن ڪانفرنس جو ڪو چيئرپرسن مقرر ڪيو آهي. اهوئي سبب آهي جو ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس جي صدارت ميزبان ملڪ مصر جي صدر السيسي، ناروي جو وزير اعظم جوناس گهر اسٽور ۽ پاڪستان جو وزير اعظم شهباز شريف گڏيل طور ڪندا. پاڪستان ۾ وڏي ٻوڏ اچڻ سبب ساڍا ٽي ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جنهن ۾ 18 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. 13 هزار ماڻهو زخمي ٿيا آهن. ٻوڏ کان پوءِ جي حالتن سبب پيدا ٿيل مليريا، ڊينگي ۽ ٻين بيمارين ۾ سوين ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. ٻوڏ ۾ 20 لک جانور مري ويا، لکين گهر ڊهي ويا. ٻوڏ کي چوٿون مهينو شروع ٿيڻ وارو آهي، پر ٻڏل علائقن مان بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي ۽ متاثرن جي ٻيهر بحالي عمل ۾ نه اچي سگهي آهي. جڏهن ته باقي ڏينهن وارو اجلاس مصر جي پرڏيهي وزير سامح شڪري جي صدارت ۾ ٿيندو. ڪانفرنس ۾ هن کان اڳ ۾ گلاسڪو ۾ ڪاربان گهٽائڻ لاءِ مقرر ڪيل هدف جنهن ۾ 2030ع تائين 30 گيگا ٽن (GHG) جي اخراج کي گهٽائڻ ۽ 1 ڏهائي 5 سينٽي گريڊ گرمي پد گهٽائڻ وارو هدف مقرر ڪيو ويو هو. ان کان به اڳ ۾ پيرس ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو هو. پر گلاسڪو ۾ ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ زور ڏنو ويو هو. ان ڪري گلاسڪو وارن فيصلن تي عمل ڪرڻ ۽ ان ۾ ڪيتري حاصلات ٿيڻ واري، رپورٽ پڻ ورتي ويندي.
هن وقت دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪاربان پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ چين پهرين نمبر تي آهي. 2018ع جي رپورٽ موجب عالمي سطح تي ماحول ۾ ڪاربان جي اخراج ۾ چين جو حصو 27 پوائنٽ 79 سيڪڙو حصو آهي. آمريڪا جو ٻئي نمبر تي 12 پوائنٽ 74 سيڪڙو حصو آهي. انڊيا جو شمار ٽئين نمبر تي ٿئي ٿو. جيڪو ست پوائنٽ 32 سيڪڙو آهي. پاڪستان ۾ ويجهڙائيءَ ۾ وڏي انگ ۾ ڪوئلي وارا بجلي گهر اڏجڻ کان پوءِ هڪ پوائنٽ 10 سيڪڙو کان وڌي چار سيڪڙو تي پهتو آهي.
سائنسي طور تي جڏهن کان ڪلائيميٽ چينج جو ٻه طرفو سسٽم ڏٺو ويو آهي. جنهن ۾ هڪ سسٽم ايل نينو آهي، جيڪو سوڪهڙو ۽ ڏڪاري حالتون پيدا ڪري ٿو ۽ ٻيو لائنينيا وارو سسٽم آهي. جيڪو سيلاب ۽ ٻوڏ آڻي ٿو. موسمي تبديليءَ ٻنهي نظامن ۾ شدت پيدا ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته خط استوا وارن ملڪن تي موسمي تبديليءَ جو اثر اڃان وڌيڪ ٿئي ٿو. اهڙي صورتحال کان پوءِ دنيا جي سياست نئين رخ ۾ تبديل ٿي وئي آهي. هونءَ دنيا ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ طبقاتي طور تي مارڪسزم جي ايجنڊا به تبديل ٿي چڪو آهي. پر سائنسدانن جي انهيءَ تحقيق کان پوءِ اتر (ترقي يافتا صنعتي ملڪ) ۽ ڏکڻ (ترقي پذير ملڪ) جي اصطلاح واري سياست نئين رخ سان سامهون آئي آهي. لاڳيتو ڏڪار، ٻوڏون ۽ طوفان جي زد ۾ ايندڙ ملڪن صنعتي ملڪن کان موسمي تبديليءَ جو ڪمپنسيشن (معاوضو) ۽ ڪاربان خارج ڪرڻ جو هرجاڻو ڀري ڏيڻ وارو مطالبو سامهون آندو آهي. برازيل ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن ڪاربان جو نقصان ڀري ڏيڻ واري ڳالهه جي بنياد تي آءِ ايم ايف ۽ ٻين مالياتي ادارن کي قرض ۽ وياج جي ادائيگيءَ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي. برازيل ٻڌايو آهي ته سندن ملڪ جو اميزون ٻيلو جيڪو دنيا لاءِ ڦڦڙن وارو ڪم ڪري ٿو. ان جي قيمت ڏني وڃي.
هوڏانهن عالمي سطح تي پاڪستان جي پهريون ڀيرو ٻيلن جو دستاويزي بنياد تي سيٽلائيٽ ذريعي رپورٽ جوڙي وئي آهي. قدرتي طور تي وڻ ڪاربان پاڻ ۾ جذب ڪري ٿو. ان ڪري جيترا وڻ ۽ ٻيلو هوندو، ان ملڪ ۾ دنيا جو فضا ۾ ويندڙ ڪاربان پاڻ وٽ جذب ڪيل هوندو ۽ ان ملڪ کي ان جو معاوضو ڏنو ويندو. هن وقت سنڌ جي تمرن واري ٻيلي جي به عالمي سطح تي معاوضو وصول ڪرڻ جي رٿا جڙي چڪي آهي. پهريون ڀيرو سنڌ کي مينگروز ڪاربان جي رقم لکين ڊالرز ۾ ملڻي آهي. جيڪا هن وقت تائين ڪيل لک پڙهه موجب شروعاتي طور تي 60 سالن تائين سنڌ کي ڏني ويندي. اهڙي ريت دنيا ۾ نئين انداز ۾ ترقيءَ جي ڊاڪيومينٽينشن ٿيڻ شروع ٿي آهي. جنهن ۾ ڪچين ڀتين وارا گهر، ڇپرانوان گهر پائيدار ترقيءَ ۾ وڌيڪ اهميت وارا قرار ڏنا ويا آهن. ڇو ته اهڙن گهرن ۾ زيرو ڪاربان جو استعمال ٿئي ٿو. (ٿر ۾ ڪوئلي واري بجلي گهرن جي اڏاوت کان اڳ ۾، چونئرن وارا گهر منفرد سڏيا ويا هئا. جنهن ۾ زيرو ڪاربان جو استعمال هو) دنيا ۾ اهڙي ترقي پڪا گهر جن ۾ سيمينٽ، لوهه، پڪيون سرون استعمال ٿين ٿيون. اهو اڏاوتي سامان ڪاربان پيدا ڪرڻ جي صورت ۾ ٺاهيو ويو آهي. ان ڪري ڪاربان پيدا ڪري وڏا محل ۽ گهر ته جوڙيا ويا، پر انهيءَ ڪاربان جي صورت ۾ موسمي تبديلي ٿيڻ جي صورت ۾ ٻوڏون، ڏڪار ۽ سامونڊي طوفان اچي رهيا آهن. ان ڪري مصر واري ماحولياتي ڪانفرنس ۾ اهم موضوع ايجنڊا ۾ رکيل آهن.
هوڏانهن دنيا ۾ امير ۽ صنعتي ملڪن پاران پيدا ڪيل ڪاربان ۽ ٻي آلودگيءَ کان پوءِ پيدا ٿيل موسمي تبديلين دنيا جي سياست ۾ اوچ ۽ نيچ کي ويتر وڌائي ڇڏيو. موسمي تبديلين کان پوءِ غريب ملڪن ۾ آيل ٻوڏ ۽ ڏڪار جي حالتن دنيا جي سياست ۾ نئون موضوع بنجي سامهون آيو آهي. پر عالمي سطح تي اهڙي انداز وارو ڪيس پيش واري پاڪستان ۾ ليڊرشپ موجود نه آهي. اسان جي ملڪن جي سياسي پارٽين جو منشور ڏٺو ويندو ته انهن وٽ اهڙو ويزن به موجود نه آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جهڏو، ڪي اين شاهه، جوهي ۽ سامارو جي علائقي واسين کي پنهنجي علائقي ۾ بيٺل پاڻيءَ جي نيڪال واري جدوجهد کي عالمي سطح واري جدوجهد سان ڳنڍڻو پوندو.