ملير جو نوجوان ناظم الدين جهڙي طرح پنهنجي زندگيءَ جي قرباني ڏئي امر ٿي ويو آهي، تهڙي طرح هن مرندڙ ۽ جهرندڙ وڏيرڪي نظام تي به ڄڻ هڪ اهڙو وار ڪيو آهي، جو اهو هاڻي پنهنجي جياپي جا سمورا رستا بند ڏسي رهيو آهي. انهن وڏيرن کي معلوم ناهي ته هو ڇا ڪري رهيا آهن؟ انهن وڏيرن جو خيال هو ته هو پاڻ کي تبديل ٿيندڙ معاشري سان گڏ تبديل ڪري رهيا آهن پر هو اصولي طور تي غلط ثابت ٿيا. ڇو ته هن جديد دور هڪ عام ماڻهوءَ کي به ايترو سگهارو بڻائي ڇڏيو آهي جو هو وڏيرڪي نظام سان نه رڳو وڙهي سگهي ٿو پر ان کي پنهنجي ٻل تي جهڪائي به سگهي ٿو. هن کان اڳ ۾ به ڪيترائي مثال اهڙا آهن. پر ناظم الدين جوکيو جو ڪيس ته ائين تري آيو آهي، جيئن پاڻيءَ جي مٿان گل تري ايندو آهي. ناظم الدين کي به معلوم نه هو ته هن جي ايتري گهڻي وارثي ٿيندي. هن مهل سمورا وڏيرا پنهنجي کل بچائڻ ۾ پورا آهن.
ڪجهه وقت اڳ سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج درانيءَ پنهنجي علائقي جي هڪ ماڻهوءَ کي داٻا ڏيندي “ووٽ” لفظ جي توهين ڪئي هئي ۽ هن سان اهڙي ٿي هئي جو هاڻي هو اهڙي تهڙي ڳالهه چوڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهي. ان کان اڳ ۾ اهي وڏيرا پاڻ کي پنهنجي تر جو ديوتا سمجهندا هئا ۽ انهن جي هٿن ۾ هوندو هو ته ڪنهن کي مارائي ڇڏين ۽ ڪنهن کي لڏائي ڇڏين پر هاڻي اهو سڀ ڪجهه ايترو آسان نه رهيو آهي. ڇو ته وڏيرن جي مٿان عام ماڻهوءَ جو دٻاءُ وڌي ويو آهي. ان سلسلي ۾ خاص طور تي اسان جي سوشل ميڊيا ايتري ته ڪارائتي بڻجي وئي آهي جو ان جي معرفت سنڌ جا ماڻهو هڪ ڳريل سڙيل ۽ مدي خارج وڏيرڪي نظام کي تاريخ جي قبرستان ۾ دفن ڪري رهيا آهن. انهن کي معلوم به ناهي ته اهو ڪيترو نه وڏو ڪم آهي. هو ته هڪ عام ڳالهه جي حوالي سان پنهنجي حق لاءِ وڙهي رهيا آهن. انهن کي اهو پتو نه هو ته انهن جو اهو جهيڙو تاريخ جو جهيڙو ٿي ويندو ۽ هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو جو اهو نظام پنهنجي موت پاڻ مري ويندو.
اسان جيڪڏهن تاريخ جا پيرا کڻنداسين ته اسان کي هر دور ۾ وڏيرڪي نظام جي خلاف نفرت جا ڪيترائي نشان ملندا. عوام ڪڏهن به وڏيرڪي نظام کي قبول نه ڪيو هو ۽ نه ڪڏهن وڏيرڪي نظام جو تحفظ ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو هو پر انهن وٽ اهو گس نه هو، جنهن سان هو وڏيرڪي نظام سان وڙهي سگهن. ڇو ته هر طاقت واري ڳالهه جي حوالي سان سدائين وڏيرا سامهون رهيا.
تاريخ گواهه آهي ته سياسي طور تي جنهن شخص وڏيرڪي نظام کي جهنجهوڙيو اهو شخص شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هو. جيتوڻيڪ هن جو پس منظر به وڏيرڪو هو پر هو پنهنجي خانداني طبقي سان بيهڻ بدران عوام سان ٿي بيٺو ۽ هن عوامي حقن جي سلسلي ۾ ايتري گهڻي سجاڳي آندي جو عوام هن ۾ تبديليءَ جو هڪ عظيم منظر ڏسڻ لڳو. اسان کي معلوم ناهي ته اهي ڪهڙيون حالتون هيون؟ پر انهن حالتن جو ڇيد ٿيڻ گهرجي. ڇو ته اسان کي اها ڳالهه ڪڏهن به فراموش نه ڪرڻ گهرجي ته قائد اعظم کان پوءِ هن جي ڀيڻ فاطمه جناح جمهوريت جو جهنڊو کنيو ۽ هن کي نه صرف مغربي پر مشرقي پاڪستان ۾ به تمام گهڻي موٽ ملي پر ان جي نتيجي ۾ اڄ به تاريخ جو رڪارڊ موجود آهي ته قائد اعظم جهڙي شخص ۽ هن قوم جي محسن ۽ ملڪ جي بانيءَ جي ڀيڻ سان گڏ بيهڻ بدران وڏيرا ان دور جي سڀ کان وڏي آمر جنرل ايوب سان گڏ بيٺا. اهو به ڪنهن جو سياسي ڪردار ٿي سگهي ٿو. پر ڳالهه صرف ڪردار جي ناهي. ڳالهه ان ڏوهه جي آهي، جيڪو ان دور ۾ ڪيو ويو. ان دور ۾ سنڌ جي وڏيرن نه صرف آمر ايوب جو ساٿ ڏنو پر انهن محترمه فاطمه جناح جي تمام گهڻي توهين ڪئي ۽ تاريخ پنهنجي مٿان لڳل اهو داغ ڪڏهن به ڌوئي نه سگهندي. ڇو ته جنهن وقت سنڌ جا وڏيرا آمر ايوب خان جو ساٿ ڏئي رهيا هئا، ان وقت فاطمه جناح جهڙي بي مثال خاتون جي توهين ٿي ڪئي وئي. سياسي اختلاف جو حق سڀني کي آهي پر اهو حق ڪنهن کي به ناهي ته هو ڪائي توهين ڪري.
قائداعظم ته تمام گهڻي جدوجهد ڪري ۽ خاص طور تي بيمارين ۽ مصيبتن ۾ به پنهنجي هٿ مان پنهنجي مقصد جو جهنڊو نه ڇڏيو پر جنهن قوم جي محسن جي ڀيڻ سان جيڪا تعدي ڪئي وئي، اها تاريخ ۾ ڪڏهن به معاف ڪري نه ٿي سگهجي ۽ اها تعدي ڪرڻ وارو ٻيو ڪو نه پر هڪ آمر ۽ ٻيو سنڌ جا ۽ مجموعي طور تي ملڪ جا وڏيرا هئا. ڇو ته انهن کي صرف ۽ صرف اقتدار جي ضرورت هئي ۽ هڪ آمر وٽان ته اقتدار آسانيءَ سان ملي پئي سگهيو. اهو اقتدار انهن حاصل ڪيو ۽ انهن کي پوءِ به محسوس نه ٿيو ته هو ڇا ڪري رهيا آهن؟
سنڌ ۾ وڏيرن جي سياسي ڪردار تي تمام گهڻا لطيفا ٺهيل آهن. هو جيڪي هر اڀرندڙ سج جا سلامي هوندا آهن. هي اهو ڪلاس آهي، جيڪو تمام گهڻي بيعزتي برداشت ڪرڻ کان پوءِ به ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ بيٺو رهيو. انهن کي شهيد ڀٽو سان ڪا به محبت نه هئي پر انهن کي اقتدار گهربل هو. انهن پنهنجي عزت جو سودو ڪري اقتدار حاصل ڪيو ۽ تاريخ ان جي گواهي به ڏيندي ته جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو نه رڳو پنهنجي ملڪ جي غدار ٽولي پر آمريڪا سان به وڙهيو ته ملڪ جو وڏيرڪو طبقو پنهنجي کل بچائڻ جي لاءِ ڀڄي ويو. انهن مان ڪي نيون شاديون ڪرڻ لڳا ۽ انهن مان ڪي ملڪ کان ٻاهر ڀڄي ويا پر انهن ڪنهن به صورت ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي قاتل آمر ضياءَ سان پنجو نه اٽڪايو.
جنرل ضياءَ جي زندگيءَ سان گڏ جڏهن هن جي اقتدار جو سج لهي ويو ته اهو وڏيرڪو ڪلاس وري بينظير ڀٽو جي چوڌاري ڦهلجي ويو ۽ ائين محسوس ڪرائڻ لڳو ته ڄڻ هو جمهوريت جو سڀ کان وڏو چيمپئن رهيو هجي. جڏهن ته هن جو مجموعي ڪردار منڍ کان وٺي عوام دشمن هو. جيڪڏهن بينظير ڀٽو ان وڏيرڪي ڪلاس کي ٺوڪر هڻي ها ته اهو ان مهل ئي پاش پاش ٿي وڃي ها پر انهن وڏيرن کي اقتداري ڌر جو گهيرو ڪرڻ ايندو آهي ۽ هو آهستي آهستي اهو ڪجهه ڪندا ويا جو آصف زرداريءَ جي معرفت پيپلز پارٽيءَ کي وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي ويا. هن مهل به سنڌ سرڪار ۾ سڀ کان وڌيڪ اثر رسوخ وڏيرڪي ڪلاس جو آهي. اهو ڏيرڪو ڪلاس هڪ اهڙو مرض آهي، جيڪو هن وقت به هن قوم ۽ وطن جي جان نه پيو ڇڏي. پر هاڻي حالتون تبديل ٿي ويون آهن. اها ڳالهه ڪا معمولي ناهي ته اهو وڏيرڪو ڪلاس پنهنجا اقتداري بنياد رکڻ جي باوجود به عام ماڻهن سان وڙهي نه ٿو سگهي. تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن سوچيو به نه هو ته هڪ عام ماڻهوءَ جي قتل ۾ هڪ سنڌ اسيمبليءَ جو چونڊيل ايم پي اي اهڙي طرح قانون جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي ويندو.
سنڌ ۾ وڏيرا هن مهل به هر سطح تي پيپلز پارٽيءَ سان بيٺل آهن. ڇا اها ڳالهه شرم جهڙي ناهي ته ناظم الدين جوکيو جو قاتل به ته تر جو وڏيرو هجڻ جي باوجود پيپلز پارٽيءَ جو ايم پي اي آهي. جڏهن ته هن جو ڏوهه منظرعام تي اچڻ کان پوءِ هن کي پارٽيءَ مان نيڪالي ملڻ کپندي هئي. ڇو ته بلاول پاڻ کي جديد جمهوري سوچ جو سرواڻ سمجهي ٿو پر جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ هن جو ايم پي اي هن مهل تائين پارٽيءَ جو اڳواڻ ڪيئن آهي؟ ڇا پارٽيءَ جي ڪري هن کي سرڪاري رعايتون نه ملنديون؟ جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ کي اهو ڀرم آهي ته اها جمهوري آهي ته پوءِ کيس پنهنجي صفن مان اها گندگي ڪڍڻي پوندي، جيڪا عوام دشمن آهي. جيڪا عوام جي قاتل آهي. جيڪڏهن پ پ ائين نه ڪيو ته پوءِ هوءَ به ان طبقي سان تنها رهجي ويندي، جيڪو تاريخ جي قبرستان ۾ آهي.