ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جوهي-دادو روڊ بحال ڪريو

Editorial

ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ جو سلسلو اڃا تائين هلندڙ آهي، ان ڪري اهو نٿو چئي سگهجي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ هاڻ اهي معمول واري زندگي گذاري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته هن وقت به ڪيترن ئي شهرن جا رستا بند لڳا پيا آهن. شهرن ۾ پاڻي بيٺل آهي، ان کان سواءِ ماڻهن جو وڏو انگ اڃا تائين به ڪئمپن ۾ رهيو پيو آهي. جڏهن ته حڪومت جون دعوائون اهي آهن ته ان نه رڳو شهرن مان گهڻي ڀاڱي پاڻي نيڪال ڪري ڇڏيو آهي پر اتي زندگي به بحال ٿي وئي آهي. پر جڏهن حقيقتن کي پسجي ٿو ته خبر پوي ٿي ته حڪومتي دعوائون غلط بياني تي آڌاريل آهن. اهڙي ريت ان ماحول ۾ ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ ٻوڏ متاثرن کي پنهنجي حال تي ڇڏيو آهي ته جيئن اهي ڀلي پريشانيءَ کي منهن ڏيندا رهن. جڏهن ته هيترو وقت گذرڻ کان پوءِ حڪومتي مشينري کي تحرڪ ۾ اچي ٻوڏ متاثرن جي بحالي ڪري ڇڏڻ گهرجي ها. دادو ضلعي جا ڪيترائي شهر آهن، جتي پاڻي اڃا تائين بيٺل آهي. ان کان سواءِ روڊ رستن جي به بحالي نه ٿي سگهي آهي. جنهن ڪري رابطو ڪٽيو پيو آهي. پر ڇا اهي سڀ معاملا سنڌ حڪومت کي نظر ڪونه پيا اچن. ڇا حڪومت کي اهو اندازو ناهي ته ڪهڙي ريت ماڻهو اڃا تائين پريشانيءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ انهن پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجن شهرن ۽ شهر واسين کي بچايو آهي. سنڌ ۾ جتي جتي به شهرن ۾ پاڻي بيٺل آهي يا وري روڊ رستا بند آهن، اتان جا ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن، اهي مطالبو ڪري رهيا آهن ته روڊ بحال ڪيا وڃن، شهرن مان پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ته جيئن اهي روزمره جا ڪم ڪار سولائيءَ سان ڪري سگهن پر تنهن هوندي به حڪومت جي ڪن تي جونءِ به ڪانه ٿي سري. ڪالهه به هڪ اهڙي ئي خبر رپورٽ ٿي آهي، جنهن موجب جوهي-دادو روڊ بحال نه ٿيڻ خلاف شهرين احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي.

خبر موجب جوهي-دادو روڊ جي بحالي لاءِ ڪالهه ٻئي ڏينهن به مختلف سياسي، سماجي، مذھبي ڌرين، شھرين ۽ واپارين پاران جزوي شٽربند هڙتال ڪري ناڪا چوڪ وٽ روڊ بند ڪري ڌرڻو هنيو ويو. مظاهرو ڪندڙن ناڪا چوڪ تي نور محمد شاھه، قربان کوکر، غلام مصطفى لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائر ساڙي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته جوهي-دادو روڊ بحال نه ٿيڻ تائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو ۽ جلد جوهي جا رستا بحال ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ چونڊيل نمائندن جا علامتي جنازه به کنيا ويندا. هي اتان جي شهرين جو احتجاج ۽ ردعمل آهي، اهي پنهنجن چونڊيل نمائندن ڏانهن واجهائي رهيا آهن ۽ کين ٻڌائي رهيا آهن ته انهن جي حالت خراب آهي، ٻوڏ سبب جيڪي تباهه ڪاريون ٿيون آهن، اهي اڃا تائين انهن کي ڀوڳي رهيا آهن. پر حڪومت انهن جي مطالبن ڏانهن ڪن ڪونه پئي ڌري ۽ نه ئي وري انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو تحرڪ وٺي رهيا آهن. ٻوڏ کي ٽي مهينا ٿي چڪا آهن. ان عرصي دوران حڪومت ڪي ٿورا گهڻا اپاءَ ورتا به آهن ته اهي ناڪافي آهن. اڃا به وڌيڪ اپائن جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ماڻهن هاڻوڪي ٻوڏ ۾ پنهنجا گهر وڃايا آهن، فصل ٻڏندي ڏٺا آهن ۽ ان کان سواءِ انهن جي روزگار جا وسيلا به متاثر ٿيا آهن. اهڙي ريت اهي انهن جي معاشي حالت به سخت متاثر ٿي آهي. حڪومت کي ان حوالي سان ٻوڏ متاثرن جي وڌيڪ مدد ڪرڻ جي ضرورت آهي. پر اها مدد هن وقت تائين ان پئماني نظر ڪونه پئي اچي.
اسين سمجهون ٿا ته جوهي واسين جو احتجاج جائز آهي ۽ ان پاسي جيڪي روڊ رستا بند لڳا پيا آهن، انهن کي ترت کولڻ جي ضرورت آهي ته جيئن انهن جي زندگيءَ جا معاملا بهتر نموني هلي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button