ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام تي ايترو معاشي بار نه وجهو

Editorial

پي ٽي آ حڪومت جا عوام تي معاشي وار جاري آهن. هاڻي تي روزانو جي بنياد تي شيون مهانگيون ڪيون پيون وڃن، پئٽرول مهانگو ڪرڻ جو اعلان اڃا ختم مس ٿئي ٿو ته بجلي مهانگي ٿي وڃي ٿي، بجلي مهانگي ڪرڻ جو اعلان اڃا ختم مس ٿئي ٿو ته کنڊ مهانگي ٿي وڃي ٿي، ايئن عام واهپي واريون شيون هڪٻئي پٺيان مهانگيون ٿي رهيون آهن ۽ حڪمرانن کي عوام تي ڪو به رحم نه پيو اچي. هڪ دفعو ٻيهر نيشنل اليڪٽرڪ ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 68 پئسا في يونٽ تائين واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽ مطابق نيپرا حڪومتي درخواست تي بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ اضافي جي منظوري ڏيندي محفوظ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. نيپرا موجب ماهوار 200 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙ گهريلو واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي نه ٿيندي، 200 کان وڌيڪ يونٽن جي استعمال تي گهريلو واهپيدارن لاءِ بجلي هڪ رپيو 68 پئسا مهانگي ٿي، جڏهن ته ڪمرشل، صنعتن ۽ باقي شعبن لاءِ بجلي جي قيمت ۾ في يونٽ هڪ رپيو 39 پئسا واڌ هوندي. قيمتن ۾ اضافي سان بجلي جي يونٽ جي قيمت 24 رپيا 33 پئسن تائين پهچي وئي آهي. 300 يونٽ استعمال ڪندڙ واهپيدارن لا بجلي جي قيمت 13 رپيا 83 پئسا، 400 کان 700 يونٽ استعمال ڪندڙ واهپيدارن لا، 21 رپيا 23 پئسا ۽ 700 کان وڌيڪ يونٽ استعمال ڪندڙ واهپيدارن لا بجلي جي في يونٽ جي قيمت 24 رپيا 33 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي وفاقي حڪومت تيل اسمن تي لڳل ليوي ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب قيمتون رڪارڊ سطح تي پهچي ويون آهن، پيٽروليم ڊويزن مان جاري نوٽيفڪيشن مطابق پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي ليوي ۾ في ليٽر 4 رپيا جو اضافو ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ هاڻي پيٽرول تي ليوي وڌائي 9 رپيا 62 پئسا جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 9 رپيا 14 پئسا ڪئي وئي. هن کان اڳ پيٽرول تي 5 رپيا 60 پئسا جڏهن ته هاءِ اسيڊڊيزل تي 5 رپيا 14 پئسا ليوي لاڳو هئي. ان کان سواءِ گاسليٽ تي به في ليٽر ليوي 2 رپيا 6 پئسا لڳائي وئي پر لائيٽ ڊيزل آئل تي ليوي جي شرح 0 آهي نوٽيفڪيشن مطابق پيٽروليم ليوي ۾ واڌ 5 نومبر کان عمل ۾ آندي وئي.
جڏهن ته ملڪ ۾ گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ مهانگائيءَ جي شرح 16 ڏهائي 43 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. ڳڻپ واري کاتي مهانگائي جي حوالي سان هفتيوار رپورٽ جاري ڪئي، جنهن موجب هن هفتي دوران مهانگائي ۾ ٻڙي ڏهائي 67 سيڪڙو واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ مهانگائي جي هفتيوار ۽ مجموعي شرح 15 ڏهائي 21 سيڪڙو ٿي وئي، جڏهن ته گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ مهانگائي جي شرح 16 ڏهائي 43 سيڪڙو تي پهچي وئي. ڳڻپ کاتي ٻڌايو ته هڪ هفتي ۾ 28 شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، ٽماٽو 20 رپيا 9 پئسا في ڪلو، کنڊ 5 رپيا 56 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي ۽ ايل پي جي جو گهريلو سئلينڊر 77 رپيا 96 پئسا مهانگو ٿيو. هڪ هفتي ۾ في ڪلو گيهه جي قيمت 10 رپيا 21 پئسا وڌي، في درجن بيضا 3 رپيا 60 پئسا ۽ 20 ڪلو اٽو 4 رپيا 71 پئسا مهانگو ٿيو. رپورٽ موجب ڳائو گوشت 5 رپيا 34 پئسا مهانگو ٿيو، جڏهن ته ٻاڪرو گوشت، پٽاٽا، ٿوم ۽ ڳُڙ به مهانگو ٿيو.
ٻئي طرف حڪمرانن جا عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جهڙا بيان به جاري آهن. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته “دنيا ۾ سڀ کان سستو پيٽرول پاڪستان ۾ آهي.” حڪومت جي عوام خلاف معاشي قدمن تي هاڻي اپوزيشن به اک پٽي آهي، هن ايوانن ۾ احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو آهي. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي خلاف شديد احتجاج ڪيو. قومي اسيمبلي جي ميمبرن پلي ڪارڊ کڻي شيم شيم جا نعرا هنيا. مسلم ليگ (ن) جي خواجه آصف ايوان ۾ مهانگائي تي بحث ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته “رات جي اونداهي ۾ غريب عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرايو ويو. 160 روپيه ڪلو کنڊ ٿي وئي آهي. هي ڪهڙي حڪومت ۽ ڪهڙا واعدا آهن.” هوڏانهن مخالف ڌر جي پارٽين پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو معاملو سينيٽ ۾ به اٿاريو. اپوزيشن وزيراعظم طرفان اعلان ڪيل ريليف پيڪيج کي رد ڪندي مطالبو ڪيو ته عوام کي ريليف پيڪيج جي نه پر ضروري عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي ضرورت آهي. اپوزيشن طرفان سينيٽ ۾ گوڙ ڪيو ويو ۽ نعريبازي پڻ ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ ميمبر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا. جنهن سبب ڪورم مڪمل نه ٿيڻ تي اجلاس سومر جي شام تائين ملتوي ڪيو ويو.
اسان سمجهون ٿا ته موجوده حڪمرانن عوام دشمني ۾ ماضي جي حڪمرانن جي سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. پي ٽي آ حڪومت جنهن نموني عوام تي معاشي بار وجهي رهي آهي، ان سان ته عوام وٽ زندگي گذارڻ وڏو مسئلو بڻجندو پيو وڃي. اسان جو حڪمرانن کان مطالبو آهي ته تيل ۽ بجلي سميت جن جن شين جا به اگهه وڌايا ويا آهن، اهي فوري طور واپس ورتا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button