ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مهانگائيءَ جو ماريل عوام

Editorial

ملڪ ۾ ڪهڙي به پارٽيءَ جي حڪومت هجي پر عوام جا مسئلا ساڳيا ئي رهن ٿا. عوام جن مسئلن مان جان ڇڏائڻ لاءِ مختلف سياسي پارٽين کي ووٽ ڏيندو رهيو آهي، اهي ئي سياسي پارٽيون ان جي اهنجن ۾ واڌ ڪنديون رهيون آهن، نتيجي ۾ نه رڳو عوام پوڳيندو رهندو آهي پر ملڪ ۾ موجود مراعت يافته خاندانن جو معاشي بار به عوام جي ڪلهن تي هوندو آهي. جنهن ڪري نه رڳو عوام کي سهولتون نٿيون ملن پر هو جيڪي گهرجون چونڊيل نمائندن آڏو رکي ٿو، اهي پوريون نٿيون ڪيون وڃن. جنهن ڪري عوام لاءِ ساڳي ماني ساڳ سان هوندي آهي. پي ٽي آءِ جي حڪومت ايندي ئي عوام تي مهانگائيءَ جون ڇپون ڪيرايون ويون، جيڪي عوام جي برداشت کان ٻاهر هيون. پر تڏهن به عوام ان مهانگائيءَ کي برداشت ڪندو رهيو. ان زماني ۾ عمران خان عوام جي مٿان جيڪي مهانگائيءَ جي بار وجهي رهيو هو، ان کي جائز قرار ڏئي رهيو هو ۽ ان وٽ هر سوال جو جواب اڳوڻي حڪومت جي ڪارڪردگي هوندو هو. اهڙي ريت عوام کي اها اميد پيدا ٿي ته هاڻوڪي حڪومت مهانگائي گهٽائيندي ۽ جيڪي به معاشي مسئلا آهن، انهن کي حل ڪندي، جنهن لاءِ اسحاق ڊار کي وفاقي وزير بڻايو ويو پر هن به هيستائين ٻوٽو نه ٻاريو.
قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ناڻي بابت وفاقي وزير اسحاق ڊار کي طلب ڪري ورتو آهي. قومي اسيمبليءَ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس قيصر احمد شيخ جي سربراهي ۾ ٿيو. (ن) ليگ اڳواڻ برجيس طاهر چيو ته اسحاق ڊار کي ڪميٽي ۾ اچڻ گهرجي، هن ڊالر 200 رپين کان هيٺ آڻڻ جو اعلان ڪيو هو. هن چيو ته پيٽرول، بجلي ۽ گئس وڌيڪ مهانگي ٿي رهي آهي، آءِ ايم ايف به وڌيڪ مهانگائيءَ لاءِ بار وجهي رهيو آهي. مهانگائي 30 سيڪڙو تائين پهچي رهي آهي، حڪومت مهانگائيءَ تي ڪڏهن ضابطو آڻيندي؟ حڪومت عوام کي ڪڏهن رليف ڏيندي ۽ ڪيترو انتظار ڪرڻو پوندو؟ ڪميٽي چيئرمين چيو ته ڊالر ۽ مهانگائيءَ تي ضابطو نه پيو اچي، حڪومت کي 7 مهينا ٿي ويا آهن، هيل تائين ڪهڙا سڌارا آندا ويا آهن؟ قيصر احمد شيخ چيو ته وڌيڪ قرض وٺڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، قرض 4 هزار ارب رپين کان وڌي ساڍا 4 هزار ارب رپيا ٿي ويندو. ڪميٽي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي اربع تي طلب ڪري ورتو.
اسين سمجهون ٿا ته هيتري مهانگائيءَ ۾ ڪنهن به ريت عام ماڻهو جو جيئڻ آسان ڪونهي، تنهنڪري نه رڳو عوام کي هي حڪومت ترت رليف فراهم ڪري پر جيڪي وعدا عوام سان ڪيا ويا هئا، اهي پورا ٿيڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته عوام هر حوالي سان مهانگائي سبب پريشان لڳو پيو آهي. هڪ پاسي ڊالر جي ڊوڙ آهي ته ٻئي پاسي وري پيٽرول، بجلي ۽ گيس جون وڌندڙ قيمتون آهن.. نواز ليگ حڪومت جيڪڏهن هاڻ به عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ته پوءِ ڪڏهن ڏيندي. عوام جو مسئلو مهانگائي آهي، جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت کي عملي طور اپاءَ ڪري ڏيکارڻا پوندا.

پيرا ميڊيڪل عملي جا مظاهرا
سنڌ ۾ اڄڪلهه پيرا ميڊيڪل عملي پاران احتجاج جو سلسلو جاري آهي. رسڪ الائونس نه ملڻ خلاف احتجاج ۽ ڌرڻن جو سلسلو هلندڙ آهي. جنهن جي ڪري سڄي سنڌ ۾ او پي ڊي بند لڳي پئي آهي ۽ مريض پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. جيڪڏهن احتجاج جو سلسلو وڌيڪ هلي ٿو ته مريضن لاءِ اڃا به ڏکيا ڏينهن ايندا. پر هن وقت تائين نه ته صحت کاتي انهن ملازمن جي مطالبن تي ڪن ڌريا آهن ۽ نه ئي سنڌ حڪومت ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
گرينڊ الائنس جي سڏ تي پيرا ميڊيڪل عملي، نرسن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرن سرڪاري اسپتالن جي او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. ان سلسلي ۾ حيدرآباد سول اسپتال، پريٽ آباد، شاهه ڀٽائي ۽ قاسم آباد تعلقي سميت ٻين سرڪاري اسپتالن ۾ ڪاروهنوار بند رهيو. جڏهن ته پيراميڊيڪس، نرسز ۽ عملي اسپتالن ۾ مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. ٿرڙي محبت ويجهو ڳوٺ عثمان ڪلهوڙو ۾ بيسڪ هليٿ سينٽر جي ليڊي هليٿ ورڪرن اسپتال کي تالا لڳائي ڪم ڇڏ هڙتال ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو. رتوديرو ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. خيرپور ۾ ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف رسڪ الائونس ۽ ڪراچي ۾ نرسنگ ۽ ڊاڪٽرن مٿان پوليس تشدد واري واقعي خلاف سٽي اسپتال خيرپور کان پريس ڪلب خيرپور تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. سول اسپتال مڪلي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ٽنڊو غلام علي اسپتال ۾ او پي ڊي بند ڪري ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن سول اسپتال، چانڊڪا اسپتال، شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۽ شيخ زيد وومين اسپتالن جي او پي ڊيز سميت ليباريٽري، ايڪسري، الٽراسائونڊ، آپريشن ٿئيٽر ۽ ٻين شعبن جي تالابندي ڪري سول اسپتال کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پوري سنڌ ۾ صحت کاتي جا ملازم 32 ڏينهن کان رسڪ الائونس، ٽائيم اسڪيل، سروس اسٽرڪچر ۽ يوٽيلٽي الائنس سميت ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهن.
اسين سمجهون ٿا ته هن مسئلي کي ڳالهين وسيلي ترت اڪلايو وڃي ته جيئن مريضِن جون پريشانيون ختم ٿي سگهن ۽ کين اسپتالن جون سهولتون ترت فراهم ڪيون وڃن

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button