گهڻو ڪري اسان وٽ ٻُڌڻ کي ترجيح ناهي ڏني ويندي. اسين گهڻو ڪري ڳالهين جي جوهر کي سمجهندا ئي ناهيون. ان ناسمجهي جي ڪري ڪافي ڳالهيون زندگيءَ ۾ نقصانڪار ثابت پڻ ٿينديون آهن. ٻُڌڻ سان ڪافي فائدا ۽ مفيد شيون جُڙيل هونديون آهن. اسان ٻُڌندا فقط جواب ڏيڻ لاءِ آهيون پر سمجهڻ لاءِ ٻُڌڻ ناهيون چاهيندا. ان ڪري ڳالهه ٻولهه ۾ اها چس ۽ ذائقو ناهي رهندو.
نه سمجهڻ جا الاهي سبب آهن. ماس ڪميونيڪيشن جو اهو موضوع وڏي اهميت رکي ٿو. جنهن مان ڪجهه هيٺ واضح ڪجن ٿا.
-1 ناڪافي ٻڌڻ:
گهڻا ماڻهو ڄاڻي واڻي ان ڳالهه تي ڌيان ئي ناهن ڏيندا ته اڳئين ماڻهو کي ڇو ٻُڌجي؟ “پوئر لسننگ” ڪميونيڪيشن جو اهڙو ايليمنٽ (عنصر) آهي، جنهن جي ڪري شيون سمجهڻ ۾ ڪافي مشڪلاتون پيش اينديون آهن. گهڻو ڪري انگريزي سيکاريندڙ ادارا پڻ ان ڳالهه تي ڌيان ڏياريندا آهن ته جيتري انگريزي ٻولي گهڻي ٻُڌي ويندي، اوترو سُٺي نموني سمجهي وينداسين ۽ ڳالهائي سگهنداسين. يعني ٻُڌڻ واري مَشق ڪرڻ سان نه فقط صحيح سمجهه ٿيندي پر ان سان گڏ ٻوليءَ کي ڳالهائڻ ۾ پڻ فائدو پهچندو.
2- وقت:
ڪنهن شيءِ کي ٻُڌڻ وقت ڪنهن به قسم جي تڪڙ ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ بهترين عمل آهي. اسين گهڻو ڪري جواب ڏيڻ جي پويان سطحي ڳالهه ڪري وٺندا آهيون. جڏهن ته حقيقت ڪجهه ٻي هوندي آهي. ان ڪري ڪنهن به موضوع، ليڪچر ۽ ڳالهه کي ٻُڌڻ کان اڳ ۾ ان تي ٿورو ئي صحيح پر وقت لازمي ڏجي. وقت نه ڏيڻ سان شيون سمجهه کان مٿانهون ٿي وينديون آهن.
3- گوڙ:
آواز، گوڙ، گهمسان سدائين غلط تاثر پيدا ڪندو آهي، جنهن جي ڪري سمجهڻ واري قُوت گهٽجي ويندي آهي ۽ ٻُڌندڙ جو ڌيان سڌو سنئون ان ايندڙ آواز طرف هليو ويندو آهي جنهن جي ڪري سمجهه ۾ خلل ايندو آهي. ان ڪري گوڙ به ناسمجهي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
-4 جذبا:
جذبات، احساس گهڻو ڪري ٿيندو ايئن آهي ته اسان ڪنهن اهڙي ڪيفيت ۾ هوندا آهيون جنهن ۾ شعوري طور اسان آس پاس جي شين کان به خبر هوندا آهيون. جيڪڏهن ڪير غمگين يا ڪنهن عزيز جي فوتگيءَ تي اُداس آهي ۽ ان مهل توهان ان سان ڪنهن نئين پروجيڪٽ جي باري ۾ ڳالهائيندا ته اها ڳالهه ٻولهه ڪارگر ثابت نه ٿيندي. ڀلي اُهو اداس فرد توهان کي جواب به ڏئي پر هُن جو ذهن مڪمل طور ڪنهن ٻي جاءِ تي هوندو آهي. ان ڪري گهڻو ڪري جذبات واري وقت ۾ انسان شين جي پرک صحيح نموني ناهي ڪري سگهندو.
-5 مفروضو:
ڪڏهن ڪڏهن اسين ڳالهه جي سطح تي ناهيون پهچي سگهندا. پنهنجون ڳالهيون ۽ مفروضا گهڙي وٺندا آهيون (Whispering Communication)، ان قسم جي راند ۾ هڪ فرد جي ڪن ۾ توهان هڪ ڳالهه سس پس ڪري ٻُڌائيندا. جڏهن هو ٻئي کي ٻُڌائيندو، اُن ڳالهه جو مطلب تبديل ضرور ٿيندو ۽ اهو سلسلو تقريبن هڪ گروپ تائين هلائڻ سان ڳالهه ئي تبديل ٿي ويندو ۽ اندازن تي نئين ڳالهه جُڙجي ويندي. ايئن ئي هن عنصر ۾ ڳالهه هڪ هوندي آهي ۽ سمجهه ڪجهه ٻيو ايندو آهي.
-6 سمينٽڪ يا معنوي:
اُهو هڪ يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن کي سترهين صديءَ ۾ استعمال هيٺ آندو ويو. جنهن جي معنيٰ آهي مطلب هُئڻ. هاڻي ان ۾ لفظن جي گهرائي ۽ ٻوليءَ تي عبور لازمي آهي. ان ۾ اسان مطالعي کي به شامل ڪري سگهون ٿا. يعني گهڻو ڪري ڳالهائيندڙ لفظ جيڪي چوندو آهي سمجهندڙ کي ان جو مطلب سمجهه ئي ناهي ايندو. يعني لفظ هڪڙو مطلب ٻيو ان سان سمجهڻ ۾ ڪافي مونجهارا پيدا ٿي ويندا آهن.
-7 ڄاڻ جي کوٽ:
ڪڏهن ڪڏهن اسان کي موضوع جي باري ۾ علم ناهي هوندو. جنهن جي ڪري ڳالهائيندڙ کي سمجهڻ مشڪل هوندو آهي. ان ڪري شين جي باري ۾ گهٽ ايترو علم هُئڻ گهرجي جيئن اڳئين فرد کي آساني سان سمجهي سگهجي.
اهي هئا ڪجهه بنيادي عنصر جن جي ڪري سمجهڻ ۾ ڪافي مُشڪلاتون پيش اچن ٿيون. جيڪڏهن انهن تي ڪم ڪيو وڃي ته ڪافي شيون سُڌاري سگهجن ٿيون.
ان کان سواءِ اسان “ڪميونيڪيشن” ٻُڌندا آهيون ته ان لاءِ ڪجهه اهم ڳالهيون جن تي ڌيان ڏيڻ لازمي آهي.
-1 مواد:
توهان ڳالهايو ڇا ٿا؟ ڪنهن لاءِ؟ ڪٿي؟ ڪيئن؟ اوهان جو مواد وڏي اهميت ٿو رکي ٻُڌڻ واري لاءِ. جيڪڏهن توهان ڪا نئين ڳالهه ڪيو ٿا ته ٻُڌندڙ مڪمل ڌيان سان توهان ڏانهن غور ڪندو پر ڳالهين جي ورجاءُ ڪرڻ سان عدم دلچسپي جنم وٺي ٿي. ان عمل سان ٻُڌندڙ بوريت محسوس ڪندو ۽ ڌيان طلبي نه ڪرڻ سان کيس ڳالهيون سمجهه نه اينديون.
-2 ڳالهائڻ جو ڍنگ:
ڪڏهن ڪڏهن ڳالهائڻ واري جو انداز ايترو ته ڪارائتو هوندو آهي، جنهن تي دل چوندي آهي بار بار ٻُڌجي. ان عنصر جو مقصد آهي، توهان پنهنجي ڳالهه ڪهڙي طريقي سان ماڻهن تائين پهچايو ٿا ۽ هُو سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ڊيليوري ڳالهائڻ ۽ ٻُڌڻ لاءِ تمام ضروري آهي. ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن.
Content + delivery + context = Impact
ڊيليوري ۽ ڪنٽينٽ تي مٿي ڳالهه ٿي چُڪي آهي. ڪنٽيڪسٽ مان مُراد هوندي آهي ته ڳالهايو ڪهڙي زمري ۽ نوعيت ۾ وڃي، جنهن سان هڪ ٻُڌندڙ تي اهڙو ۽ ايترو اثر پوي جو هُو ٻُڌڻ سان گڏ سمجهڻ تي به مجبور ٿي پوي.
Context: it’s the relation of things
ان مان مُراد هوندي آهي ته ڪهڙي رُخ ۾ ڳالهايو ٿو وڃي.
ڌيان سان نه ٻُڌڻ جي ڪري اهڙا نقصان آهن ٻڌندڙ کي؟ جن مان ڪجهه اهم هيٺ ڏجن ٿا.
-1 موضوع/ ڳالهه ٻولهه جو متن سمجهه ۾ نه ايندو.
Deprived of main idea that has been conveyed
-2 صحيح معنيٰ ان ڳالهه جو اصل مقصد معلوم نه ٿيندو.
One will not get the right concept of words.
-3.لفظن جا اُچار ۽ لفظن جي ادائيگي سمجهه نه ايندي.
-4ڪيل ڳالهه تي مُفيد Constructive جواب ڏيڻ ڏکيو ٿي پوندو.
-5 ڪنهن به قسم جي ڄاڻ حاصل نه سگهندي.
-6پنهنجا خيال، تجويز، تاثر ڪيل ڳالهه ٻولهه جي باري ۾ نه ڏئي سگهندو.