ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪامريڊ اظهر جتوئيءَ جي اڻٿڪ جدوجهد

Editorial-Article-Ahmed NAwaz

دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو ملندا آهن هڪڙا اهي جيڪي عام روٽين ۾ هلن پيا جن وٽ سوا ذاتي مفاد جي ٻيو ڪجهه نه هوندو آهي جيڪي سوچيندا ته صرف پنهنجي خاندان لا، انهن لا قوم ڌرتي جهڙا لفظ بي معنيٰ هوندا آهن، اهي صرف اهو سوچيندا آهن ته پنهنجي ذات لا ڪنهن کان ڪم ڪيئن وٺجي ۽ ٻيا اهي جيڪي اجتماعي سوچيندا آهن جن وٽ قوم ڌرتي سڀ ڪجهه هوندي آهي جيڪي ذات کي نقصان پهچائي سموري قوم کي فائدو پهچائڻ لا به تيار هوندا آهن جن وٽ پنهنجو ذاتي مفاد بي معنيٰ هوندو آهي جيڪي ٻين لا جيئندا آهن ته تاريخ انهن جي انهي پنڌ کي سيني سان لائي هڪ ڪردار بڻائي ڇڏيندي آهي. هڪ اهڙو ڪردار جيڪو وطن ۽ قوم جو وفادار هجي جنهن تي پنهنجي قوم فخر ڪري.
اڄ هن مضمون ۾ جنهن عظيم شخصيت تي لکي رهيو آهيان جيڪو نظرياتي ڪمٽيڊ قومي عوامي پورهيت سياست جو نرالو ڪردار هو، اهو هو ڪامريڊ اظهر جتوئي. ڪامريڊ اظهر جتوئي بابا سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو پوٽو ۽ شهيد ڪامريڊ مظهر جتوئي جو پٽ هو. ڪامريڊ اظهر جتوئي ننڍپڻ ۾ جيڪي شيون ڏٺيون اهي مختلف هيون اها زندگي مختلف هئي ۽ ميچوئر ٿيڻ کان پو جي زندگي هڪ الڳ داستان آهي. ڪامريڊ اظهر جتوئي هڪ بيورو ڪريٽ جو پٽ هو ۽ هتي اسان کي اهو عام خيال ڏنو ويندو آهي ته بيورو ڪريٽ جو پٽ وري بيورو ڪريٽ ٿيندو پر ڪامريڊ اظهر جتوئي ته ڪامريڊ ٿي ويو، هو وڃي پورهيتن سان ويٺو، هن ته وڃي پورهيتن جي ڳالهه ڪئي. ان جو سبب اهو آهي ته بابا سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سندس ڏاڏو هو، هن ننڍي هوندي کان ئي ڪامريڊ کي ڏٺو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي پڙهيو ته هن کي پنهنجي ڏاڏا ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان عشق ٿي ويو، هن اهو ئي جهنڊو کڻي ورتو، جيڪو بابا سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کنيو هو اهو ساڳيو ڇڏيل رستو اختيار ڪيو، جيڪو بابا سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو هو.
ڪامريڊ اظهر جتوئي بابا سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو صرف سياسي علم نه کنيو پر هن ڪامريڊ جتوئي جي ڇڏيل ادبي ڪم کي قوم جي امانت سمجهي قوم جي سامهون ڪتابن جي صورت ۾ آندو. بابا سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو قلمي پورهيو ڀرپور طريقي سان عوام تائين پهچايو، جيڪو ڪم قابل تعريف آهي. ان سان گڏوگڏ ڪامريڊ اظهر جتوئي بابا سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سياسي جدوجهد جو جهنڊو کنيو، سنڌ هاري ڪاميٽي کي سگهارو ڪرڻ لا زبردست جدوجهد ڪندو رهيو. منهنجو ان خاندان سان ٻن پيڙهين جو واسطو آهي مون جڏهن کان سمجهه سنڀالي ته مون کي سياسي طور تي سنڌ هاري ڪاميٽي جو جهنڊو مليو ۽ سياسي ادب جي حوالي سان مون کي بابا سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جا ڪتاب مليا. مون کي ڪامريڊ اظهر جتوئي ڪڏهن مايوس نه مليو، نه ئي ڪڏهن ڪا اهڙي مايوسي جي ڳالهه ڪئي، ساهه جي آخري ساهي تائين وطن جو سپاهي ٿي اڏول ٿي بيٺل رهيو. ڪامريڊ اظهر جتوئي سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشين خلاف سنڌ دوست ڌرين جي گڏيل اتحادن ۾ رهي زبردست ڪردار ادا ڪيو. سنڌ دشمن منصوبن خلاف وڙهندو رهيو سنڌ هاري ڪاميٽي جي پليٽ فارم تان پورهيتن مسڪينن جو تاريخي ڪيس وڙهيو، ڪامريڊ اظهر جتوئي هميشه سنڌ جي تاريخ ۾ سونهري باب جيان چمڪندو رهندو. ڪامريڊ اظهر جتوئي کي اسان کان وڇڙيي ٻه سال ٿي ويا پر اڄ به ڪامريڊ اظهر جتوئي اسان سان گڏ آهي سندس دوست همدرد اڄ به ان ئي وٽ تي هلن پيا، سنڌ هاري ڪاميٽي جا ڪارڪن همدرد به سندس ڪيل تقريرون ٻڌي اتساهه وٺن ٿا. اڄ ڪامريڊ اظهر جتوئي سان وفا ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته اسان سندس جدوجهد وارو جهنڊو کڻي هلون. اڄ سندس ٻي ورسي تي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button