ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

گانڌي ۽ روسي انقلاب-IV

Editorial-Article- Yameen Jatoi

1928 ۾ هن لکيو: هيءُ منهنجو پڪو ايمان آهي ته تشدد ذريعي ڪنهن جٽادار شئي جي تخليق نٿي ڪري سگهجي، اهو ٺيڪ آهي پر ان باوجود ان ڳالهه تي ٿورو به شڪ نٿو ڪري سگهجي ته بالشيوڪن جي آدرشن جو بنياد اڻڳڻين مردن ۽ عورتن جي مقدس بي لوث پڻي تي آهي. جن ان آدرش جي حاصلات لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه ارپي ڇڏيو آهي جنهن آدرش کي لينن جهڙي مهان آتما جي بي لوث پڻي جو تقدس حاصل ٿيو ۽ اهو اجايو نٿو وڃي سگهي.
گانڌي آخر تائين پنهنجي ان موقف تي قائم رهيو. ٻڌايو وڃي ٿو ته 1942 ۾ (جڏهن برطانوي سرڪار کيس قيد ۾ رکيو هو) گانڌيءَ کي اها خبر ڏني وئي ته سرخ فوج هارائي رهي آهي، ۽ لڳي ٿو ته روس هارائي ويندو ته هن نهايت ئي چٽن لفظن ۾ چيو هو ته جيڪڏهن روس هارائي ويو ته پوءِ غريبن جي حفاظت ڪير ڪندو.
۽ ان جو مستند اطلاع موجود آهي ته 1942 ۾ هڪ جلسي ۾ تقرير ڪندي گانڌي اعلان ڪيو هو ته هندستاني عوام ان جنگ ۾ روس سان گڏ آهي هو پاڻ روسين جي ڪاميابيءَ جو خواهشمند آهي، جنهن پورهيت عوام لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي.
پر اهم شئي رڳو اهي همدرديءَ وارا بيان ئي ناهن. اصل ڳالهه هيءُ آهي ته عظيم آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب قومي آزاديءَ جي تحريڪ جي ارتقا تي ۽ ترقي پسند سماجي سياسي فڪر تي زبردست اثر وڌو ۽ ان شئي اڻسڌي طرح ئي سهي پر گانڌيءَ جي عالمي نقطه نظر کي متاثر ڪيو ۽ اسان ڏسون ٿا ته پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ مهاتما گانڌي انهن سماجي سڌارن جي حق ۾ ٿي ويو هو جيڪي منهنجي راءِ ۾ تمام بنيادي هيون.
مهاتما گانڌيءَ جي سئو سالا سالگرهه جو جشن عاليشان نموني ملهائي سوويت عوام سندس ياد کي ڀيٽا پيش ڪري ٿو. اسان جي ملڪ ۾ سندس اهميت ۽ سندس ڪم کي سمجهڻ جو لينني انداز ڪافي ڏينهن کان بحال ٿي ويو آهي. اسان مهاتما گانڌيءَ جي ياد جو هڪ عظيم انسان دوست جي حيثيت سان احترام ڪيون ٿا جنهن عوام جي زندگيءَ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي هڪ اهڙي مفڪر جي حيثيت سان احترام ڪيون ٿا جنهن قومي برابري ۽ سماجي انصاف جي خيالن جي پرچار ڪئي ۽ هندستان جي عظيم عوام جي فتحياب آزاديءَ جي جدوجهد جي اڳواڻ جي حيثيت سان احترام ڪيون ٿا.
(پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button