ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

فلسطين جو هڪ انقلابي ڪردار

Editorial-Article-Laila Nizamani

دنيا ۾ ڪيترن ئي اھڙن انسانن جو جنم ٿيو آھي، جن پنھجي محنت ۽ جستجو سان دنيا ۾ پنھنجو نالو روشن ڪيو آھي. پر اڄ اسان ھڪ محب وطن انسان جي زندگيءَ تي روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪنداسين، جنھن پنھنجي سڄي ڄمار وطن کي ارپي ڇڏي. حيفا ۾ جنم وٺندڙ ان قومپرست شخصيت کي اڄ دنيا ليلا خالد جي نالي سان سڃاڻي ٿي. ليلا خالد پنھنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آھي ته چئن سالن جي ڄمار ۾ مون کي پنھنجي ڌرتيءَ کان جدا ٿيڻو پيو. حيفا کي الوداع چئي لبنان ۾ رھڻ لڳاسين. مون کي 1948ع ۾ شيخ مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو. منھنجو پڙھڻ جو ڪوبه ارادو ڪونه ھو پر منھنجي استاد زينا ھڪ وڏي عمر جي ۽ چست عورت ھئٔي، جنھن کي ٻارن سان تمام گھڻو پيار ھوندو ھو. ھن پنھنجي سڄي ڄمار ٻارن جي تربيت لاءِ وقف ڪئٔي ھئٔي پر اسان کي هن جون ڊگھيون ڊگھيون ڳالهيون بلڪل به پسند ڪون ھونديو ھيون. پر هن مون کي باقاعدا پڙھائٔڻ جو منصوبو ٺاھيو ھو.
ان کان پوءِ فلسطينين جي لاءِ قائٔم ڪيل چرچ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، پھرين ڪلاس ۾ مان ھڪ سنجيده شاگردياڻي ھيس. آئون عربي سان گڏ انگريزي حساب ۽ ڳائٔڻ به سکي رھي ھيس. ھاڻي مان سليٽ تي لکڻ به ڄاڻيدي ھيس. امان پنھنجي پراڻن ڪپڙن کي ڪٽي ان مان ھڪ اسڪول بيگ به منهنجي لاءِ ٺاھيو ھو. مان پنھنجي ان سرمائي تي خوشي ۾ ڪونه ماپندي ھيس.
اسڪول جي ان شرعاتي ٻن سالن ۾ مان جلاوطنيءَ جي زندگيءَ جي ھيراڪ ٿي وئي ھيس. انھن ٻن سالن ۾ بس ھڪ ئي مظاھرو ٿيو، جنھن ۾ فلسطين جي ياد جا زخم تازا ٿي پيا، جيتوڻيڪ مون کي ھاڻ فلسطين جي قصي جي ڄاڻ پڻ ھئٔي. پر مون کي ائين لڳو، ڄڻ 15 مئٔي 1955ع وارو مظاھرو منھنجي پڙھائٔي سان ھٿ چراند ھو.
مون کي ابتدائي اسڪول جو سرٽيفڪيٽ مليو ھو. ھاڻ منھنجو ارادو سيڪنڊري اسڪول ۾ وڃڻ جو ھو.
1956ع کان 1959ع وارا سال منھنجي سياسي تربيت جا سال ھئا. منھنجون ڀيڻون زفير ۽ رھاب اڳ ۾ ئٔي 56ع ۽ 57ع ۾ عرب نيشنلسٽ موومينٽ جون ميمبر ٿي چڪيون ھيون. مون 57ع ۾ موومينٽ سان لاڳاپا قائم ڪيا.
مون کي ان وقت اها ڄاڻ ھئٔي ته تحريڪ جو ڪارڪن ھئٔڻ جو مطلب اهو آھي ته ٿوري گھڻي تقرير ڪري سگھون، ضرورت پوڻ تي مظاھري ۾ شريڪ ٿيون، پمفليٽ لکون ۽ ورھايون. پر مون حيفا ۾ پنهنجي گھر جي سامھون قتل ٿيندڙ ماڻھن کان سواءِ ٻيو اھڙو ڪوبه واقعو نه ڏٺو ھو. حلاوا کي ان وقت مرندي ڏٺم، جڏھن سندس باغي ساٿي ڪلھن تي کڻي بيٺا ھئٔا. محمد قاسم کي ان وقت ماريو ويو، جڏھن انتظاميا سور تي به ڪرفيو لاڳو ڪرڻ گھريو ۽ محمد قاسم ان جي مخالفت ڪئٔي. جڏھـن ته مان محمد قاسم کي پٿر هڻڻ لاءِ کڻي ٿي ڏنا. جڏھن محمد قاسم تي حملو ڪيو ويو ته مان رڙيون ڪندي مدد جي لاءِ ڊوڙيس. ھن کي ڪار ۾ وجھي اسپتال پھچايو ويو. ڊاڪٽر آپريشن ٿيٽر مان لڙڪ اگھندي ٻاھر نڪتو. مون کي زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ڪنھن ڪامريڊ جو هيئن وڇڙڻ جو ڏک ٿيو. مان ڪيترن ئي ڏينھن تائٔين روئئندي رھيس. مان تيرھن سالن جي ويڙهاڪ ھيس. منھنجي خواھش ھئٔي ته مان سٺي سپاھي جيان ياد ڪئٔي وڃان.
63ع ۾ اسرائٔيل کي قائٔم ٿئي ڏهه سال ٿي چڪا ھئا. مون کي اندازو ھو ته مان ھاڻ يونيوسٽيءَ نه وڃي سگھنديس. فيصلي جي گھڙي مون مٿان ھئي ڪجھه ڪم ڪرڻ جا امڪان به هئا پر انھن مان ڪوبه ھڪ لبنان ۾ نه ھو. مان اوڻيهھ سالن جي ٿي چڪي ھيس.
1966ع مون لاءِ مصيبتن جو سال ھو. بابا چئٔن سالن جي ڊگھي بيماريءَ کان پوءِ وفات ڪري ويو. مون کي سندس شفقت کان محروميءَ جو شدت سان احساس ٿيو. منھنجي ڦٽن تي لوڻ انھي نموني ٻرڪيو ويو ته منھنجي ڀاءُ کي سياسي سرگرمين سبب ملڪ نيڪالي ڏني وئٔي.
منھنجي نا اميدن ۾ اڃا واڌرو ٿيو، جڏھن 9 آڪٽوبر تي سئ آءِ اي منھنجي سورهيه چي گويرا کي مارائٔي ڇڏيو. چي گويرا جي خون منھنجي ضمير کي زخمي ڪري وڌو ھو.
ڪامريڊ رڪيل آواز ۾ چيو ته اسان کي حڪم مليو آھي ته صبح جو نو وڳي بيروت پھچي وڃو، ھن مھل رات جا نو ٿيا آھن. ڄاڻ نه ھئٔي ته رستي جي، پر وقت سر بيروت پھچي ويس.
ڪامريڊ منھنجي انتظار ۾ ھو. ڪامريڊ مون کي يقين ڏيارڻ لاءِ مرڪي چيو، ڪامريڊ تون جيل وڃڻ لاءِ تيار آھين؟ مون ھڪدم چيو ھا. اذيت سھي سگھندي؟ مرڻ جي لاءِ تيار آھين؟ مان جواب ڏنو ھا، پر تون اھڙا سوال ڇو پڇي رھيو آھين؟ ڪامريڊ اطمينان ۾ ھو چيائٔين، تون وڃ گھر سڀني کي خدا حافظ چئي اچ. ھڪ اھم مشن تنھنجي حوالي آھي. صبح جو ڏهين وڳي موٽي اچجاءِ. مان ڏاڍي خوش ھيس. صبح سان مان بيروت ھلي ويس ابو زيد منھنجي انتظار ۾ ھو. ھن سنجيدگيءَ سان چيو ليلا توکي ٽي ڊيبليو اي جھاز اغوا ڪرڻو آھي. اھو ٻڌي مان کلي ويٺيس. ڪامريڊ ابو زيد چيو کلين ڇو ٿي؟ جڏھن توھان اهو جملو چيو ان ڪري. ڪامريڊ مون کي چيو وڃ جھاز اغوا ڪر ڪنھن کي به پنھنجو منصوبو خراب ڪرڻ نه ڏي.
مان وڃي روم وڃڻ واري جھاز ۾ ويٺس. ٻه ڏينھن روم ۾ رھيس. 29 آگسٽ صبح جو ھوٽل مان حساب ڪتاب ڪري ٻاھر نڪتيس ۽ فو ميڪفر ھوائي اڏي لاءِ بس ۾ ويٺيس اھو ھوائٔي اڏو روم جي ٻھراڙيءَ ۾ ھو. اتي منھنجو ساٿي ڪامريڊ اچڻو ھو، جنھن کي فوٽو ذريعي سڃاڻڻو ھو. ھن جو نالو سليم ھو. ھو حيفا واسي فلسطيني ھو پر هن جي پالنا شام ۾ ٿي ھئٔي. مون جھاز جانچي ڏٺو، سمورا مسافر ويا ھليا وئا. سليم ڪاڪ پٽ کي تارن سان ملايو ۽ فيوز لڳايو. مون ايمرجنسي جي ٽٽل دري مان ٻاھر ٽپو ڏنو. سليم منھنجي پٺيان آيو. پر اڃا ڌماڪو نه ٿيو ھو. سليم جي ذاتي دليري ھئٔي جو ھو وري جھاز ۾ ويو ۽ ھر شيءِ کي جانچي فيوز ھنيائٔين ۽ ھاڻي شامي فوج به اچي وئٔي ھئٔي. مون انھن جو ڌيان ھٽايو ۽ ھن پاسي اسرائٔيلي فوج ھئٔي. ھڪدم سليم ٻاھر آيو ۽ ھٿ لوڏيائين پر جھاز ۾ اڃا ٺڪاءُ نه ٿيو ھو. نيٺ جھاز کي باهه ڏئٔي اسان ويھه فوٽ پري ٿي وياسين. جھاز کي سڙندي ڏسي شامي فوجي حيران ٿي وئي هئي. اڃا به وڌيڪ حيران تڏھن ٿي جڏھن مان ۽ سليم ھٿيارن سميت وڃي وٽن پيش پياسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button