آزاديءَ لاءِ اوڀر جي قومن جي جدوجهد جي حڪمت عملي ۽ طريقيڪار بابت سوالن تي ايم اين راءِ ۽ لينن ۾ اختلاف ان مرحلي تي اڃا به تيز ٿي ويا جڏهن لينن ۽ ايم اين راءِ گانڌيءَ بابت پنهنجن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.
ايم اين راءِ پنهنجين ساروڻين ۾ لکيو آهي ته لينن گانڌيءَ کي هندستان جي قومي آزاديءَ جي تحريڪ جو هڪ مڃيل ليڊر سمجهندو هو. “گانڌيءَ جو رول اختلافن جو نقطو هو. لينن جو خيال هو ته هڪ عوامي تحريڪ جي روح روان ۽ ان جي اڳواڻ جي ڪري هو انقلابي آهي ۽ منهنجو چوڻ آهي ته هو هڪ مذهبي ۽ روائيولسٽ هئڻ جي ڪري سماجي طور بهرحال رجعت پرست آهي کڻي سياسي طور هو ڪيترو به انقلابي نظر اچي.” (ايم اين راءِ جون ساروڻيون، بمبئي 1964 صفحو 379). پر راءِ جو اهو به خيال هو ته گانڌي جنهن هندستاني قومپرستيءَ جي تعليم ڏئي رهيو آهي، اها عوام کي جدوجهد جي انقلابي طريقن کان پري ڪري رهي آهي ۽ ان ڪري معروضي طور رجعت پرست آهي. ڊگهن بحثن باوجود ٻئي پنهنجي پنهنجي موقف تي قائم رهيا.
خيال هيءُ آهي ته راءِ سان ڳالهه ٻولهه کان پوءِ (جنهن جو حوالو اسان کي رڳو راءِ جي ساروڻين ۾ ملي ٿو) لينن گانڌيءَ جي رول تي ويچارڻ بند ڪري ڇڏيو. پر مان پڙهندڙن کي اهو ٻڌائڻ جي جرئت ڪري رهيو آهيون ته ايئن نه هو ۽ لينن هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ جي ان اڳواڻ جي سرگرمين جو جائزو وٺندو رهيو.
جنوري 1922 ۾ لينن هڪ مضمون “هڪ صحافي جون لکڻيون” لاءِ تياريون شروع ڪيون هيون جيڪو بدقسمتيءَ مڪمل نٿي سگهيو. هن هڪ خاڪو جوڙيو ۽ بعد ۾ ان ۾ واڌارا ڪيا. خاڪي تي نظر وجهجي ته خبر پئي ٿي ته هن بين الاقوامي صورتحال ۽ ان وقت جي سوويت روس جي حالت جي هڪ چٽي تصوير پيش ڪرڻ جو ارادو رکيو ٿي.
مضمون جي خاڪي ۾ هڪ نقطو آهي جيڪو منهنجي خيال ۾ سڌيءَ ريت گانڌيءَ بابت آهي. لينن لکيو آهي “ٻه محاذ ۽ وچون رستو؛ ٽالسٽاءِ جو هندو پوئلڳ.”
سوال اهو آهي ته “ٽالسٽاءِ جي هندو پوئلڳ” مان سندس ڇا مراد هئي؟ منهنجو خيال آهي ته سندس اشارو گانڌيءَ ڏانهن هو.
مون جيڪي نتيجا ڪڍيا آهن اهي هيٺ ڏنل حقيقيتن تي ٻڌل آهن:
پهرين ڳالهه ته هيءَ آهي ته راءِ سان لينن جي ڳالهه ٻولهه، جيئن لينن جي سيڪريٽري ايل اي فوتيئوا جي منٽس مان خبر پئي ٿي، ڏيڍ ڪلاڪ جاري رهي. اها ڳالهه ٻولهه 9 فيبروري 1921 تي ٿي، سول نافرمانيءَ جي ان تحريڪ کان پوءِ جيڪا گانڌيءَ آگسٽ 1920 ۾ شروع ڪئي هئي، راءِ ڊسمبر 1920 ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جي ناگپور جي اجلاس کان پوءِ پيش ايندڙ واقعن کان لينن کي آگاهه ڪيو. پنهنجين ساروڻين ۾ راءِ لکيو آهي ته لينن سول نافرمانيءَ جي تحريڪ جي انقلابي امڪانن ۽ خاص ڪري گانڌيءَ جي رول بابت سندس تصورن کي ضرورت کان وڌيڪ قنوطي قرار ڏنو هو. جيئن اڳ ۾ ئي ٻڌائي چڪو آهيان ته راءِ قومي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ گانڌيءَ جي رول جي سوال کي پنهنجي ۽ لينن وچ ۾ اختلافن جو نقطو سمجهندو هو. اسان هيءُ فرض ڪري سگهون ٿا ته راءِ لينن کي گانڌيءَ جي فلسفي کان آگاهه ڪيو هوندو، جنهن ۾ ٽالسٽاءِ جي فلسفياڻن تصورن بابت سندس همدرديون به شامل هيون. مان پڙهندڙن کي اهو به ياد ڏياري ڇڏيان ته گانڌي ڏکڻ آفريڪا ۾ پنهنجي فارم جو نالو ٽالسٽاءِ جي نالي تي رکيو هو. هو نه رڳو ٽالسٽاءِ جي لکڻين جو غور سان اڀياس ڪندو هو پر ٻنهيءَ وچ ۾ خطن جي ڏي وٺ به ٿيندي رهندي هئي.
ٻي شئي جنهن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي هيءَ آهي ته ڪريملن ۾ لينن جي لائبريريءَ ۾ “ڪميونسٽ انٽرنيشل” نالي رسالي جو هڪ شمارو موجود آهي. اهو رسالي جو 19هون شمارو آهي جنهن تي 17 ڊسمبر 1921 جي تاريخ لکيل آهي ۽ هيءَ لکيل آهي: “وي آءِ لينن لاءِ.” ان ۾ هڪ مضمون ڇپيو آهي جنهن جو عنوان آهي: “هندستان جي موجوده صورتحال” (بدقسمتيءَ سان اها خبر نه پئجي سگهي ته ان جو ليکڪ ڪير آهي) ان مضمون ۾ اهنسا جي ان طريقيڪار جو جنهن کي گانڌيءَ سول نافرمانيءَ جي تحريڪ جي سلسلي ۾ استعمال ڪيو، هندستان جي قومي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ان جي رول ۽ سوديشي تحريڪ جي بنيادي شرطن وغيره جو حقيقت پسنداڻو تجزيو ڪيو ويو آهي.
ان مضمون ۾ قومي آزاديءَ جي تحريڪ ان جي روح روان جو جائزو هيٺين لفظن ۾ ورتو ويو آهي: “زرعي، پرولتاري ۽ قومي تحريڪن اڳيان هڪ ئي مقصد آهي، انڊين نيشنل ڪانگريس جي قيادت ۾، جيڪا هن وقت برطانوي سرڪار خلاف هندستانين جي جدوجهد جي عام طور مڃيل ليڊر آهي، قومي آزادي حاصل ڪرڻ.” اهو مڃڻ بنهه مناسب ٿيندو ته لينن جيڪو “ڪميونسٽ انٽرنيشنل” جو اڀياس انتهائي غور سان ڪندو هو، اهو مضمون پڙهيو هو ۽ مطالعي کان پوءِ سندس ذهن ۾ ڪو اهڙو سوال نه اڀريو هو جنهن جو تعلق اعتراضن ۽ اختلافن سان هجي.
ڄاڻايل حقيقتون ان مفروضي لاءِ خاص بنياد فراهم ڪن ٿيون ته جڏهن هن پنهنجي مضمون لاءِ تيار ڪيل خاڪي ۾ “ٽالسٽاءِ جو هندو پوئلڳ” لکيو هو ته سندس مراد گانڌيءَ مان هئي. ٽين شئي اها آهي ته 30 جنوري 1921 تي هڪ هندستاني انقلابي ۽ هندستاني انقلابين جي ايسوسيئيشن جي ميمبر عبدالرب جو هڪ خط لينن کي مليو جنهن ۾ هن کانئس اهو پڇيو هو ته ڇا هو هندستان ۾ انقلابي ڪمن جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه لاءِ ساڻس ملي سگهي ٿو. لينن 14 جنوري 1921 تي عبدالرب سان ملاقات ڪئي. ان ڳالهه ٻولهه جو، جيڪا ڏينهن جو اڍائي وڳي کان 3 وڳي تائين جاري رهي، ڪو رڪارڊ ناهي رکيو ويو ۽ ان ڪري اسان کي اها خبر ناهي ته ٻنهيءَ ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون. پر ايترو ته بهرحال فرض ڪري سگهجي ٿو ته لينن کي هندستان جي صورتحال سان سڀنيءَ کان وڌيڪ دلچسپي هئي. مثال طور هن عبدالرب کي اها درخواست ڪئي ته هو هن لاءِ هندستاني عوام جي قومي آزاديءَ جي تحريڪ بابت ڪتابن جي هڪ فهرست تيار ڪري. کيس عبدالرب پاران 16 فيبروريءَ تي اها فهرست ملي ۽ ٻئي ڏينهن تي ئي هن پنهنجي سيڪريٽريءَ کي هدايت ڏني ته ڪتابن جي خريداريءَ لاءِ اها فهرست ايل بي ڪراسين حوالي ڪئي وڃي. هن فهرست تي لکيوِ: “16 فيبروري 1921 تي عبدالرب کان ملي ۽ 17 فيبروريءَ 1921 تي ڪراسين ڏي اماڻي وئي.” جيڪي 35 ڪتاب لينن جي توجهه جو مرڪز بڻيا انهن ۾ “گانڌيءَ جي زندگي ۽ تقريرون” هندستاني سوراج، سول نافرماني تحريڪ ۽ خاموش مزاحمت تي سندس ڪتاب ۽ انڊين نيشنل ڪانگريس جي تاريخ به ان ۾ شامل هئي. انهن 35 ڪتابن هندستاني زندگيءَ جي انتهائي مختلف پاسن جو احاطو ڪيو ٿي.
ڪتابن جي ان چونڊ مان خبر پئي ٿي ته لينن کي هندستاني مسئلن ۾، جنهن ۾ گانڌيءَ جو فلسفو ۽ سندس سرگرميون به شامل هيون، ڪيتري گهري دلچسپي هئي. پر ٻين مسئلن ۾ الجهڻ جي ڪري يا وري اهو به ٿي سگهي ٿو ته بيماريءَ جي ڪري لينن اهو مضمون مڪمل نه ڪري سگهيو جنهن جو خاڪو هن تيار ڪري ورتو هو ۽ لکڻ جو ارادو رکيو ٿي.
لينن هندستان تي آخري ڀيرو پنهنجي مضمون “ٿورا هجن، پر سٺا هجن.” ۾ توجهه ڏنو جيڪا هڪ لحاظ کان پارٽي ۽ عوام لاءِ سندس آخري وصيت هئي. ڇاڪاڻ ته ان وقت لينن جي حالت خراب ٿي چڪي هئي. (اها 2 مارچ 1923 جي ڳالهه آهي). روسي ۽ عالممي ڪميونسٽ تحريڪ جي اڳواڻ تمام پراميديءَ سان چيو هو: “آخر ۾ جدوجهد جي نتيجي جو تعين ان حقيقت سان ٿيندو ته روس، هندستان، چين وغيره ڌرتي جي گولي جي آباديءَ جي ڳري اڪثريت رکن ٿا، ۽ گذريل ڪجهه ورهين ۾ اها ئي اها اڪثريت آهي جيڪا غيرمعمولي تيزيءَ سان آزاديءَ جي جدوجهد ۾ شامل ٿي ۽ ان ڪري ان ڳالهه ۾ ٿورو به شڪ نٿو ٿي سگهي ته ان عالمي جدوجهد جو نتيجو ڇا نڪرندو. ان لحاظ کان سوشلزم جي مڪمل فتح پوريءَ طرح ۽ قطعي طور يقيني بڻجي چڪي آهي.”