ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مظلوم قومن جون ٻُڏل ڪَنڌيون ۽ جھوڪُون

Editorial-Article- Irshad Leghari

تنھن ڏينھن سرائيڪي وسيب ساکي سياسي ڪردار استاد فدا حسين گاڏھي جي چونڊ مضمونن جي ڪتاب (سرائيڪي سُڃاڻ …وسيب، ٻولي اتين ڪلچر) پڙھندي جڏھن سندس مضمون (ٻُڏديان ڪنڌيان ۽ اُڄڙيان جھوڪان) پڙھيم تڏھن مون کي ايئن لڳو تھ ڄڻ اھا منھنجي ئي ڳوٺ جي ڳالھه ھجي!! بلڪل ساڳيو لقاءَ، ساڳيا سُور ۽ پُور ۽ اھو انگريز سامراج پاران سنڌو سڀيتا جي تاريخي قومن جي تھذيب ۽ ثقافت تي سوچيل سمجھيل ان چڙھائي جي نمونو، جنھن چڙھائي سان انگريز سامراج سنڌو سڀيتا جي اصلوڪين قومن کان سندن ثقافتي سگھه ۽ يادگيري کسي، ان جي جاءِ تي اھو جُڙتو قابض نظام جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن کي اسين اڄ ڏينھن تائين ڀوڳيندا پيا اچون.
اھا سرمائيداري جيڪا جڏھن اڳتي وڌڻ شروع ٿي ۽ دنيا جي عوامي وسيلن کي ارڙ بلا جيان ڳڙڪائيندي وئي، تنھن جي والار سان اسان کان جيڪي شيون وينديون رھيون، تنھن ۾ اسان جي اھا ثقافتي بيھڪ پڻ ھئي، جنھن بيھڪ ۾ اسين ڏُکن سُکن کي مثبت ثقافتي سوچ ڌارائين ۾ ڳاري اڳتي وڌندا پئي رھياسين پر سرمائيداري اسان کان اھو ويساھه ۽ انتظار جي سگھه کسي، ان جاءِ تي اھا غيريقيني عام ڪئي، جيڪا لڳاتار اسان جو پيڇو ڪندي پئي اچي. ھاڻ سوال اھو آھي تھ اسين ان اويساھي مان ھن دور ۾ جيڪڏھن جند آجي ڪرائڻ چاھيون تھ اسان جي ثقافتي ورثي جا اھي ڪھڙا پاسا آھن، جيڪي اسان جا سھڪاري ٿي سگھن ٿا. اھو آھي پنھنجي اڄوڪي ڳالھه جو اصل ڳر.
سو بھرحال اول اچو تھ پاڻ استاد فدا حسين گاڏھي جي انھي مضمون جون ڪجھه ڳالھيون ڏسون، جن پاڻ کي ھي مضمون لکڻ لاءِ اُتساھيو. ھا تھ سرائيڪي لوڪ سانجھه جو اھو بنيادي ۽ سرموڙ اڳواڻ پنھنجي وستي کي ساريندي ٻُڌائي ٿو تھ سندن ڳوٺ ڪوھه سُليمان جي نئين بغلاڻي جي ڪنڌي مٿان ھوندو ھو ۽ ان جي ڇا تھ ڀلان ڀلي ھوندي ھئي. ھو ٻڌائي ٿو تھ گھرن کان ٿورڙو پرڀرو کوھه سان لڳ ھڪ سرينھن جو ھڪ وڏو وڻ ھوندو ھو. چون ٿا تھ ڦوڳ نالي ھڪ ھمراهھ سرينھن جو اھو وڻ پوکي، نپائي وڏو ڪيو ھو. اونھاري جي ڪاڙھن ۾ سرينھن جي انھي وڻ ھيٺان ڄڻ تھ ميلو لڳو پيو ھوندو ھو. ڪم ڪار مان واندو ٿي ھر پوڙھو پڪو توڙي جوان اچي انھي سرينھن ھيٺان آرامي ٿيندو ھو، جن ۾ ڏاڏي حَسو ۽ الھه بخش جھڙا وڏڙا الف ليليٰ يا امير حمزي جا قصا پيا ڇيڙيندا ھئا ۽ پوءِ سڀ مِڙي پيا اھي قصا ٻُڌندا ھئا. جن کي قصي ٻڌڻ لاءِ ويجھي جاءِ نھ ملي سگھندي ھئي، سي وري ويھي پاڻ ۾ ساريون کيڏندا ھئا.
جڏھن ساوڻ رُت ايندي ھئي تھ ڍڳين جا ڌڻ ۽ انھن مٿان ڪڪر گڏ گڏ پيا ھلندا ھئا. ھي اھو دور ھو جڏھن لقاءَ ڳوٺن جي ڳالھين ۾ سھيڙجي ويندا ھئا پر اڄ نھ اھي لقاءَ رھيا آھن ۽ نھ اھي ڳالھيون.
اڄ اسان جي ڳوٺ جو ڪوئي ماڻھو ان دور جي انھي سموري ڏيک ان ڪري نٿو سمجھي سگھي جو ڳالھيون تھ رھجي ويون آھن پر اھي ڪيفيتون ناھن رھيون. اھا ڳالهھ تھ اسان جھڙا ٻُڍڙا ئي سمجھي سگھن ٿا تھ پوھه جي ٺريل راتين ۾ نار جي ڳاڌي ڪيئن ويھي ھڪلبي ھئي؟ يا ان دور ۾ کوھه تي ايندڙن ۾ واعدي جا ڇلا ۽ مُنڊيون ڪيئن ۽ ڇو گُھريا يا ڏنا ويندا ھئا؟ ان وقت جي ڏيڻ وٺڻ جون پنھنجون پنھنجون شيون ھونديون ھيون ۽ تنھن ويلي جون ڳالھيون توڙي ڳائڻ وڄائڻ بھ پنھنجو ھوندو ھو. اڄ اھي شيون ناھن رھيون ۽ تنھن دور جون ڳالھيون بھ ھوا سان رلجي الائي ڪھڙي پاسي ويون ھليون. اڄ اھو ماحول رھيو آھي ۽ نھ اھي ڪيفيتون.
اھو سماج جيڪو پوکي راھي وارو سماج ھو. ان سماج جون دعائون بھ پنھنجون ھونديون ھيون. مثال طور ان دور جي ھڪڙي عام دعا ھوندي ھئي تھ (اللھ سائين توکي گھوڙا جوڙا ۽ کير پُٽ بخشي ڏي) پر اڄ اھي دعائون ناھن رھيون. جو اڄ نھ گھوڙا آھن نھ جوڙا نھ ھر آھن ۽ نھ پاڃاريون. اھو سڀ تيزي سان تبديل ٿيو ۽ اڃا بھ لازمي تبديل ٿيڻو آھي.
ان سموري ڳالهھ رکڻ جو مقصد اھو آھي تھ اسان جو ماضي جنھن انداز ۾ ختم پيو ٿئي، تنھن ۾ ان جو ڪوبھ اير ڀير يان نشان بچندي نٿو پسجي. بس وقت اکرن ۾ اڙجي گذريل زماني جا پاڇا ئي پسائي رھيو آھي. اسان جي ٻولي ۽ ڪلچر ميسارجي پيو. اھو سڀ ان ڪري جو ھتان سامراج تھ ظاھر ۾ ويو ھليو پر پويان پنھنجي اھا آفيسر شاھي ڇڏي ويو، جنھن جا ڏند تلوار کان تِکا ۽ وار کان سنھا آھن.
اھي ھيون استاد فدا حسين گاڏھي جون اھي ڳالھيون جيڪي ھو پنھنجي سرائيڪي وسيب جا سُک توڙي سُور ساريندي پنھنجي ان مضمون ۾ لکي ٿو. ۽ جڏھن آئون فدا حسين گاڏھي جون اھي يادون پڙھي رھيو ھئس تڏھن مون کي پنھنجو اھو ڳوٺ بھ ياد اچي رھيو ھو، جنھن ۾ ڏاندن جا ڀلا ڀلا جوڙا ھوندا ھئا. ڪڻڪ توڙي ڦٽين کي ٻنين مان کڻي بازار تائين پُڄائڻ لاءِ اُٺن جون قطارون پيون ھلنديون ھيون ۽ انھن ڏاگھن جي گوڏن ۾ ٻڌيل وڏن گينگھرن واريون ڇيرون جڏھن ڇمڪنديون ھيون تڏھن زمان و مڪان جھومندي محسوس ٿيندا ھئا. جيڪو سرينھن جو وڻ وستي گاڏھي جي گڏيل آسيس ھو بلڪل ئي اھڙا وڻ اسان جي ڳوٺ جي مشھور ٽِدري موري تي پڻ ھوندا ھئا، جن وڻن جي ھيٺان ستن راڄن جا ھاري منجھند جي ساھي پٽيندا ھئا. اھا ٽِدري موري ۽ ان جا سرينھن جا وڻ اڄ بھ اسان جي دوست حسن مجتبيٰ کان ڪوئي پڇي سگھي ٿو. ھا حسن مجتبيٰ جنھن روازني برسات ۾ پنھنجي ڪالم ۾ ٽِدري موري جي وڻن ان مان نڪرندڙ ٽن شاخن جي ۽ ان پاڻي ۾ ترندڙ پکين جي سونھن بابت لکيو ھو تھ اسان جي شھرن ۾ رھندڙ وڏي طبقي وارا خواب ۾ اھڙو منظر نٿا پَسي سگھن.
دراصل اھو سڀ ڇا ھو؟ اھو اسان جو ڪلچر ھو، جنھن ۾ اسين فطرت سان جُڙيل ھئاسين. وڻن جي وڏي عزت ھوندي ھئي، پکي پکڻ لاءِ احترام ھو، بُک ڏُک ۾ بھ ھمت ڪونھ ھاربي ھئي، ھڪ ٻئي ۾ آئي ويل جي اميد ھوندي ھئي ۽ اھڙيون ٻيون اڻ ڳڻيون چڱيون ڳالھيون ڳڻائي سگھجن ٿيون جيڪي سنڌو سڀيتا جو حُسن ھيون. پر پوءِ جيئن ئي ڌاريو سامراج اسان تي قابض ٿيو، تيئن اسان کان اھي سڀ ڳالھيون ويون ھليون. پاڻ جڏھن اھي ڳالھيون ڪري رھيا آھيون تھ ان مطلب اھو قطعي ناھي جو پاڻ ماضي پرست آھيون، نھ ايئن ڪڏھن بھ ناھي، ارتقا اڻٽر آھي ۽ ڪلچر وقت سان پاڻ ۾ نوان رجحان جذب ڪندو بھ آھي پر اسان کي جيئن تھ صدين جي غلامي ۽ محڪومي پلي پئي، تنھن ڪري اسان کان ماضي بھ کسيو ويو تھ حال توڙي آئيندو پڻ. اسان جي سماج ۾ جيڪي بھ تبديليون آيون سي عالمي ۽ مقامي سامراج جي گڏيل ڳٺ جوڙ سان سان آنديون ويون. جنھن ۾ اسان جي ٻولين جي اھميت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اسان جا تاريخ ميساري پنھنجي مرضي جي تاريخ کي اسان مٿان مڙھيو ويو. اسان جا ھيرو غدار ۽ اسان مٿان ڪاھون ڪندڙ ڏوھاري اسان کي ھيرو ڪري ٻُڌايا ويا. اسان جا وسيلا اسان کان کسي اسان کي اھو ٻڌايو ويو تھ توھين اھل ناھيو. مطلب عالمي توڙي مقامي سامراج اھي سڀ سازشون ڪيون جيڪي ڪنھن مفتوح پرڳڻي جي اصولي لوڪ کان سندس اتھاس جي يادگيري کسڻ لاءِ ڪيون وينديون آھن.
ھا پر اڄ جڏھن عالمي سرمائيداري جا سمورا ٽڪساٺ وائکا ٿي چڪا آھن ۽ ھڪ عالمي سياسي معاشي بحران سموري دنيا جي قومن کي گھيري چڪو آھي، تڏھن اسان کي پنھنجي مثبت تھذيبي ۽ ثقافتي قدرن کي ٻيھر اُڀارڻ ۽ انھن جو ثمر پنھنجي اڄوڪي نسل تائين پھچائڻ ۾ ڇو نھ اڳيان اچڻ گھرجي؟ آئون سمجھان ٿو سرائيڪي وسيب جي جواني کي استاد فدا حسين گاڏھي جو ڪتاب سرائيڪي سُڃاڻ ۽ اسان جي سنڌ جي جواني کي سائين جي ايم سيد جو ڪتاب سنڌي ڪلچر لازمي پڙھڻ گھرجي تھ جيئن اھي پنھنجي قومي سُڃاڻپ جا اھي سِرا ھٿ ڪري سوگھا ڪري سگھن جيڪي وقت جي واھڙ ۾ وھي وڃڻ جو انديشو آھي.
پنھنجي ان ڏس ۾ اھا صلاح پڻ آھي تھ سنڌ ۽ سرائيڪي وسيب جي سُڄاڻ دوستن کي ان ڏس ۾ ھڪڙو گڏيل ڪٺ پڻ ڪوٺائڻ گھرجي ۽ ان ۾ اھو ويچارڻ گھرجي سنڌو سڀيتا جون اھو ٻئي مظلوم قومون ڪيئن ھڪ ٻئي جي تھذيبي ۽ ثقافتي سڱ ۾ سلھاڙيل رھيون آھن ۽ اڄ اھي ڪيئن ثقافتي توڙي سياسي ميدان ۾ ھڪ ٻئي سان سھڪاري ٿي سگھن ٿيون. پاڻ کي اميد آھي تھ پنھنجي انھي صلاح تي سنگت لازمي ويچاريندي ۽ لطيف ۽ خواجھ فريد جي ديس جا لوڪ ھڪ ٻئي سان سھڪاري ٿي پنھنجو اھو سڀڪجھه موٽائيندا جيڪو تاريخ جي جبر کانئن کسيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button