
پاڪستان جي نئين فوجي سربراهه جي مقرري کان مھينو اڳ ۾ ئي اخبارن، ٽي وي چئنلز ۽ سوشل ميڊيا تي ھن ڀيري جيترو بحث مباحثو ٿي رهيو آهي سو پھرين ڪڏهن به ڪونه ٻڌوسين ۽ نه پڙھيوسين!
سڀ کان جھجھو تڪرار ته نون سياسي پارٽين جي گڏيل وفاقي حڪومت جي ليڊرن ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان وچ ۾ ٿيندڙ آهي. گذريل ڇهن سالن اندر ته احتساب جي نالي تي اھڙو ڍونگ رچايو ويو جنهن ماڳھين اسان جي ملڪ جو ڏيوالو ئي ڪڍي ڇڏيو آھي. اقتصادي ماهرن ڏاڍي ڇرڪائيندڙ دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ھن مھل اسي سيڪڙو ڊيفالٽ ڪري چڪو آهي. جيڪڏهن باقي ويھه سيڪڙو به ڊيفالٽ ٿي ويو ته پوءِ سڄي دنيا سان واپار جا موقعا ۽ عالمي بئنڪن کان قرض وٺڻ ناممڪن ٿي ويندو، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي خطرناڪ بيروزگاري ۽ مھانگائي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندي. اڳ ۾ ئي اسان جي معاشي صورتحال ڏاڍي ڏکوئيندڙ ٿي ويئي آهي.
سنڌ ايڪسپريس ۾ اڄوڪي ڏينهن (ڇنڇر) تي لڳايل ھيڊلائين مان ظاھر ٿئي پيو ته 9 جماعتن واري سرڪار جا سمورا اڳواڻ وزير اعظم شھباز شريف کي خاطري ڏين پيا ته ھن جو صوابديدي اختيار آهي ته جنهن به آفيسر کي پاڪستان جو آرمي چيف ٺاهڻ چاھي بنا ڪنهن فڪر جي ٺاهي سگهي ٿو، اتحادي پارٽيون ھن سلسلي ۾ شھباز شريف جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهن. جلاوطن مسلم ليگي اڳواڻ ميان نواز شريف جو ويجھو مائٽ ۽ خزاني جو وزير اسحاق ڊار جمعي تي پي ٽي آئي جي صدر عارف علوي سان ملي اھا پڪ ڪرڻ ويو ته جنهن به آفيسر جي مقرري واسطي وزير اعظم کيس سفارش موڪليندو، ان کي ھڪدم قبول ڪري، سپريم ڪمانڊر جي حيثيت ۾ فائيل تي صحيح ڪندو يا پنھنجي ليڊر عمران خان سان صلاح مصلحت ڪرڻ خاطر ٻه چار ڏينهن لڳائي ڇڏيندو؟
عمران خان جنھن نموني ان مقرري جي مامري تي آسمان مٿي تي کنيو ھو، ان جي تڪراري ڪيفيت ۾ به ڪجھه ٺاپر ڏسڻ ۾اچي ٿي.
ھڪڙي لحاظ کان عمران خان جي ھاڻوڪي پوزيشن ته، “سڀني کان سينئر حقدار فوجي آفيسر کي نئون آرمي چيف ٺاهڻ گهرجي” سياسي اڳواڻن لاءِ قبول ڪرڻ جوڳو ھئڻ گھرجي. سندس انھيءَ راءِ سان ھرھڪ باشعور ماڻهو سھمت ٿيندو ڇاڪاڻ ته ھو پنھنجي پسند ناپسند بجاءِ سينارٽي واري عالمي اصول کي لاڳو ڪرڻ جي گھر ڪري پيو جيئن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري ٿيندي آهي.
اڄ اردو جي ھڪ وڏي اخبار 8 ڪالمي سپر ھيڊ لائين لڳائي آهي ته، “مخالف ڌر سان وڌي ويل ويڇا ختم ڪرڻ خاطر ميان نواز شريف جي خاص ايلچيءَ اسحاق ڊار جمعي تي پاڪستان جي صدر عارف علوي سان بنھه ڊگهي گڏجاڻي ڪئي ۽ سياسي اختلافن کي نبيرڻ لاءِ کيس صلاح ڏني ته آئيني ۽ قانوني مامرن تي ڊيڊ لاڪ پيدا نه ڪرڻ گهرجي”
ڪمال جي ڳالهه ھي آهي ته آصف علي زرداري جيڪو سنڌ تي راڄ ڪرڻ جا فيصلا به سالن کان وٺي پنهنجي دبئي واري محل ۾ ڪندو رهيو آهي سو به ٽن چئن ڏينهن کان گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ آهي. جمعي تي زرداريءَ بيان جاري ڪري مخالف ڌر جي اڳواڻن کي نصيحت ڪندي چيو آهي ته، “آرمي چيف جي مقرري واري فيصلي کي سياسي رنگ نه ڏيڻ کپي! ” ان کي ته اڄ اسلام آباد بدران ٻوڏ ستايلن جي واهر ڪرڻ لاءِ سندس پنهنجي تڪ نوابشاهه عرف بينظير ڀٽو آباد ۾ ھجڻ گھرجي ھا. جيڪڏهن توهان سياسي رنگ ڏيڻ جي خلاف آهيو ته پوءِ چئن مهينن کان سنڌ جي ڪروڙين ٻوڏ سٽيل مظلومن سان گڏ بيھڻ بجاءِ گاديءَ واري شهر مان سياسي بيان ڇو ڏيو ھا؟
پڙھندڙ دوستن جي گھڻائي کي ڄاڻ ھوندي ته پاڪستان جي جمهوري حڪومتن ۾ ملڪ جو صدر سدائين ھڪڙو بي اختيار شخص فضل الاهي چوڌري يا ممنون حسين جيان رھيو آهي. پر 1973 جي دستور ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جيڪو پاڻ خود آپيشاهي جو مجسمو هو، ان صدر پاڪستان کي ٽنهي فوجن جو آمريڪا وانگر سربراهه ٺاهي ڇڏيو. منهنجي ناقص راءِ هي آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پارلياماني سرشتي کي “ڌڙ ريڍو، منڍي ٻاڪري” ڪري آمريڪي فيڊرل آئين جي ڪاپي ڪري سامراجي آقائن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن ته جنرل ايوب خان جي پرڏيهي وزير واري حيثيت ۾ ھن سدائين سامراجي قوتن کي خوش ڪرڻ سان گڏوگڏ چائنا جھڙو سوشلسٽ نظام ڏيڻ لاءِ پنهنجي نئين ڄاول پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور هڪڙي ھارڊ لائينر بنگالي دانشور جلال عبدالرحيم عرف جي اي رحيم ۽ انڊين ڪميونسٽ پارٽيءَ جي فلاسافر ڊاڪٽر مبشر حسن کان لکرائي ڇڏيو. ڀٽو صاحب ھڪڙو فيشني سوشلسٽ ھو جنھن 1962 واري چين-ھندستان تبت جبٽ جنگ مھل نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي اجلاس اندر ڀارتي اڳرائي کي نندي، چين جي پرڏيهي وزير چؤ اين لائي سان سنگت رکي ۽ انهي دوستيءَ جو فائدو وٺي ھن ڪامريڊ مائوزي تنگ تائين رسائي حاصل ڪري ورتي.
ڏاڍو موقعي پرست ھو ڇاڪاڻ ته 16 ڊسمبر 1971 تي بنگلاديش آزاد ٿيڻ وقت ھو نيويارڪ ۾ ڪميونسٽ بلاڪ جي اھم ميمبر پولينڊ جو امن قائم ڪرڻ وارو ٺهرا ڦاڙي، روس کي ناراض ڪرڻ سان گڏوگڏ آمريڪي سامراج کي به خوش ڪندو رهيو.
ساڳي حالت اڄ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي آھي جيڪو به موقعي پرست آهي. عمران خان جي سوچ بنھه دقيانوسي آهي. پر فقط اقتدار جي لالچ ۾ ھن شخص پنجاب کان خيبرپختونخواهه تائين جيڪا سجاڳي ڪروڙين پنجابي پختون جوانن ۾ پکيڙي ڇڏي آهي سا بي مثال آهي. عمران خان جھڙو شاهراهن کي مھينن کان بند ڪندڙ لانگ مارچ جو جلوس ڪوبه سنڌي يا بلوچ اڳواڻ ڪڍي ھا ته مٿس غيبي طاقتن جي نامعلوم ھٿياربندن ھٿان اھڙي ڇتي فائرنگ ٿي وڃي ھا جو ڪوبه ماڻهو بچي نه سگهي ھا. مون مٿي جيڪا منافقي جي ڀيٽ ڪئي آهي ان مطابق ئي عمران خان ڪڏهن آمريڪا جي حاڪمن کي گھٽ وڌ ڳالهائي ٿو ته ڪڏھن وري دستور موجب يوٽرن کائي ھو آمريڪا سان سٺن لاڳاپن جي ھام ھڻي ٿو.
ياد رکجو ته پاڪستان جا اصل واڳ ڌڻي اھڙي ڦرڻي گھرڻي سياسي ليڊر کي ٻيهر ملڪ جي اھم عھدن تي نه ويھاري سگهندا آهن. بيشڪ ھو دل سان انھيءَ ليڊر کي ڀائيندا ھجن؛ ڇو ۽ ڪيئن؟ انھيءَ ڪري جو اسان جي سمورن سياسي اڳواڻن ۽ واڳ ڌڻين جون ملڪيتون اھڙن ملڪن ۾ آهن جيڪي آمريڪا جي ناٽو واري ناٽڪ جا معمولي ايڪٽر آهن.
)هلندڙ)