ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان پوءِ حيدرآباد ۾ عوام کي سفر جون بهتر سهولتون ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت پيپلز بس شروع ڪئي آهي. سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر هوندي به حيدرآباد ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ نالي ماتر آهي. نه هتي ڪي بسون هلن ٿيون ۽ نه ئي وري ڪي اهڙيون سواريون آهن، جن ۾ شهري گهٽ ڀاڙي تي سفر جون بهتر سهولتون ماڻي سگهن. پر هاڻ جڏهن سنڌ حڪومت حيدرآباد ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪئي آهي ته ان فيصلي کي ساراهڻ گهرجي. وڏي وقت کان حيدرآباد کي سٺي بس سروس جي ضرورت هئي، جيڪا عوام لاءِ لاڀائتي هجي. ٻه ڏينهن اڳ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ان بس سروس جو افتتاح ڪيو آهي. جنهن کي عوام به ساراهي رهيو آهي.
سنڌ ۾ ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کانپو سنڌ سرڪار حيدرآباد جي شهرين کي به پيپلز بس سروس جو تحفو ڏئي ڇڏيو. شروعاتي 3 ڏينهن شهري مفت سفر ڪندا. اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ حيدر چوڪ تي پيپلز بس سروس جو افتتاح ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت جي خاص هدايتن تي ٽرانسپورٽ کاتو پيپلز بس سروس شروع ڪري رهيو آهي، پ پ اها واحد پارٽي آهي، جيڪا هر مشڪل گهڙي ۾ ڪارڪنن کان وٺي اعليٰ قيادت تائين عوام جي خدمت ۾ مصروف عمل آهي. هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي خاص هدايتن تي ترقياتي منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن. ٻوڏ دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سميت سمورا صوبائي وزير ۽ ڪارڪن ماڻهن جي خدمت لاءِ موجود رهيا. هن چيو ته حيدرآباد ۽ لطيف آباد کان ڪچرو کڻڻ لاءِ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ بورڊ صفائيءَ جو ڪم شروع ڪيو آهي. جڏهن ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ۾ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ تحت اڳئي ڪچرو کڻڻ وارو ڪم جاري آهي. پيپلز بس سروس ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ۾ اڳئي موجود آهي ۽ اڄ کان حيدرآباد ۾ پڻ پيپلز بس سروس جي شروع ٿي وئي آهي، ايندڙ مهيني کان سکر ۾ به پيپلز بس سروس شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته وڏي وزير حيدرآباد جي ترقي لاءِ اربين رپيا مختص ڪيا آهن، جنهن سان حيدرآباد جو انفرااسٽرڪچر بهتر ٿي سگهندو، دنيا ۾ پهريون ڀيرو ٻوڏ کان متاثر ٿيل 20 لک ماڻهن کي سنڌ حڪومت گهر ٺاهي ڏيندي، هارين کي به ڪڻڪ جي پوکي لاءِ في ايڪڙ 5 هزار رپيا فراهم ڪيا ويندا. حڪومتن جو ڪم عوام جي ڀلائي وارا ڪم ڪرڻ آهي. هن چيو ته پيپلز بس سروس جو معمولي ڀاڙو 20 کان 50 رپيا تائين رکيو ويو آهي، پر شروع جا 3 ڏينهن پيپلز بس سروس ۾ سفر ڪندڙ ماڻهن کان ڪو به ڀاڙو وصول نه ڪيو ويندو. هن عوام تي زور ڀريو ته هو انهن بسن کي پنهنجون بسون سمجهي حفاظت ڪن، ڇاڪاڻ ته اها بس سروس سندن ئي ٽئڪسن مان فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پ پ جي سنڌ حڪومت طرفان حيدرآباد جي عوام لاءِ پيپلز بس سروس هڪ تحفو آهي ۽ تمام جلد حيدرآباد کان پو ميرپورخاص ۽ ٻين روٽن تي به اها سروس شروع ڪئي ويندي.
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته جڏهن حڪومت عوام کي سهولتون فراهم ڪندي آهي ته ان سان عوام خوش به ٿيندو آهي ته اهو انهن سهولتن مان ڀرپور فائدو پڻ وٺندو آهي. حيدرآباد ۾ ان بس سروس کان پوءِ غريب عوام پنهنجي سواري نه هئڻ ڪري بس سروس وسيلي فائدو وٺي سگهي ٿو. پر ان کان به اهم ڳالهه اها آهي ته ان بس سروس کي بند نه ٿيڻ گهرجي. ماضي ۾ اسان وٽ ايس آر ٽي سي جو مثال سامهون آهي. عوامي سهولت لاءِ شروع ڪيل سواري ڪجهه عرصو هلڻ کان پوءِ بند ٿي وئي هئي، نتيجي ۾ عوام کان سفر جو هڪ سٺو ذريعو کسجي ويو هو. ان ڪري پيپلز بس سروس جي حفاظت ڪرڻ به عوام جي ذميواري آهي. جيڪڏهن هو ان بس سروس کي پنهنجو نه سمجهندو ته هڪ ڏينهن اها سهولت به ان کان کسجي ويندي.