جيئن جيئن نومبر پنهنجي پڄاڻي ڏانهن وڌي رهيو آهي، اهڙي ريت پاڪستان جي سياست جو گرمي پد به لاڳيتو وڌي رهيو آهي.
گذريل ڪجهه ڏينهن کان نئين آرمي چيف جي مقرري بابت نوان نوان افواهه گردش ڪري رهيا آهن. هڪ پاسي اهم مقرريءَ جي حوالي سان حڪومتي حلقن ۾ ڀڄ ڊوڙ لڳي پئي آهي ته ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ وفاقي گادي واري شهر جي دروازن کي کڙڪائي رهيو آهي. مطلب ته ملڪي سياسي صورتحال عجيب مرحلن ۾ داخل ٿي وئي آهي.
سڀ کان پهرين پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي حوالي سان ڳالهه ڪريون ٿا. جنهن وقت هي سٽون لکي رهي آهيان، ان وقت تائين عمران خان اهو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته هو 26 تاريخ تي اسلام آباد پهچي ويندو.
هاڻ هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن عمران خان راولپنڊي پهچڻ جي تاريخ ڏئي به ڇڏي آهي ته ان سان هاڻوڪي سياسي صورتحال تي ڪهڙُو فرق پوندو. ڇا عمران خان جي تاريخ ڏيڻ سان آرمي چيف جي مقرري سان ڪو تعلق ٺهي ٿو؟
لانگ مارچ گذريل هڪ مهيني کان جاري آهي، ان دوران هڪ دل ڏاريندڙ واقعي جي نتيجي ۾ تحريڪ انصاف جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان به زخمي ٿيو، جنهن جي ڪري لانگ مارچ کي ڪجهه ڏينهن ملتوي ڪرڻو پيو هو. هاڻ اهو لانگ مارچ هڪ ڀيرو وري اسلام آباد ڏانهن گامزن آهي ۽ ان ۾ گذريل هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪافي تيزي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.
عمران خان پاران لانگ مارچ جي راولپنڊي پهچڻ ۽ اهم مقرريءَ جي حوالي سان اڳڀرائيءَ ۾ هڪجهڙائي ڪافي معنيٰ خيز آهي ۽ ان تناظر ۾ مختلف سوال به اٿاريا وڃن پيا.
ڇا لانگ مارچ وسيلي پي ٽي آءِ فقط ترت چونڊن جو مطالبو مڃرائڻ اچي رهي آهي يا ان جا مقصد ڪي ٻيا آهن. ڇا تحريڪ انصاف لانگ مارچ سان حڪومت تي دٻاءُ وجهي سگهندي. ڇا تحريڪ انصاف ۽ حڪومت ۾ ڪا جهڙپ ٿي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن اهڙي قسم جو ڪو واقعو ٿئي به ٿو ته ان سان عمران خان کي ڪجهه حاصل ٿيندو يا حڪومت ان صورتحال مان فائدو کڻندي يا وري ان سڄي منظرنامي مان ڪو ٻيو فائدو ٿيندو. ان سموري صوتحال کان پوءِ پاڪستان جي سياست جو منظر نامو ڇا هوندو؟
هاڻوڪين حالتن ۾ جتي هڪ پاسي آرمي چيف جي مقرريءَ ۾ لاڳيتو دير سبب ڪئين افواهه جنم وٺي رهيا آهن. اتي ٻئي پاسي حڪومت ان حوالي سان سڀئي پتا پنهنجي سيني سان لڳائي رکيا آهن ۽ خاموشي ڇانيل آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڪجهه به ممڪن آهي.
پيپلز پارٽي به هاڻوڪي صورتحال ۾ نيٺ ماٺ ٽوڙيندي، گذريل ڏينهن اهم مقرريءَ تي پنهنجي پارٽيءَ جو اهم مشاورتي اجلاس ڪيو هو. جنهن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زردي ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو سوڌو پارٽيءَ جي سينيئر قيادت شريڪ ٿي هئي.
هن وقت ملڪ ۾ فقط اهو ئي هڪ موضوع بحث هيٺ آيل آهي ته ڪير ٿيندو نئون سپهه سالار؟ ڇا حڪومت پاڪستان جي فوج پاران ڏنل لسٽ مان ڪنهن کي چونڊيندي يا هاڻُوڪي آرمي چيف کي هڪ ڀيرو وري ايڪسٽينشن ڏني ويندي.
عمران خان آرمي چيف جي مقرريءَ کي سياسي رنگ ڇو ڏئي رهيو آهي؟
هن وقت صورتحال انتهائي غير يقيني واري آهي. سواءِ ڪجهه ماڻهن جي ڪنهن کي به خبر ڪونهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ڇا ٿيندو.
ان حوالي سان صدر مملڪت عارف علويءَ تي به کوڙ نظرون ڄميل آهن. جيڪڏهن آئيني طور ڏٺو وڃي ته صدر پاڪستان فوج جو سپريم ڪمانڊر آهي، پر اهم مقرريءَ ۾ هن جو ڪردار ڇا هوندو؟ اهو بنهه گهڻُو معنيٰ خيز آهي.
هونئن ته آرمي چيف جي مقرري وزير اعظم جو اختيار آهي، هن جي مرضي اهو جنهن کي چاهي مقرر ڪري ۽ ان مقرريءَ ۾ صدر جي مشوري جي ڪابه اهميت ڪانهي پر خزاني واري وزير اسحاق ڊار جي صدر سان ملاقات ۽ اها به اهڙي وقت ۾ معنيٰ رکي ٿي. اهڙي ريت اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جي اسلام آباد ۾ موجودگي به نظر انداز نٿي ڪري سگهجي.
اڏندڙ افواهه اهي به اچي رهيا آهن ته آرمي چيف مقرريءَ تي راولپنڊي اسلام آباد ۾ به اتفاق راءِ نه پيو ٿي سگهي ۽ ان سلسلي ۾ گذريل ڪجهه ڪلاڪن ۾ لاڳيتو ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي.
ٻئي پاسي عمران خان پاران به ان حوالي سان دٻاءُ وڌائڻ جو انديشو آهي پر اهو دٻاءُ ڪنهن حد تائين اثرائتو ٿيندو. اهو ٻڌائڻ ڏکيو آهي. هاڻي اها ڳالهه اچي ٿي ته اهو ڪهڙُو نالو آهي، جنهن لاءِ نواز ليگ لاڳيتو اصرار ڪري رهي آهي، اهڙو ڪهڙوُ سبب آهي جو پندي اهو نالو ڏيڻ کان انڪار ڪري رهي آهي.
گذرندڙ وقت سان گڏ وفاقي حڪومت تي به فيصلو وٺڻ لاءِ دٻاءُ وڌي رهيو آهي. مسلم ليگ نواز ان حوالي سان ڪافي محتاط آهي ۽ ڪافي سوچي سمجهي ان اهم مقرري ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهي. ان حوالي سان وزير اعظم شهباز شريف جي لنڊن ۾ اڳوڻي وزير اعظم ۽ پارٽي قائد ميان نواز شريف سان ملاقات کي به ڏسڻو پوندو.
ان ملاقات ۾ ڪهڙا اهم فيصلا ٿيا، اهو به اڃا تائين معلوم نه ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن کان شهباز شريف لنڊن مان واپس آيو آهي، هو ڪورونا جو شڪار هجڻ جي ڪري سياسي منظرعام تان غائب لڳو پيو آهي. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ان لاءِ اهم آهن جو هڪ پاسي چيف جي مقرريءَ جو معاملو حڪومت جي ڳچيءَ ۾ آهي ته ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ به اسلام آباد پهچڻ وارو آهي.
بهرحال فيصلي جي گهڙي ته اچي وئي آهي، جنهن ۾ ايندڙ هڪ کان ٻه ڏينهن اهم ڪردار رکن ٿا ۽ فيصلو به اهڙو، جنهن سان نه رڳو حڪومت پر عمران خان کي به سرپرائز ملندو.
انڊپينڊنٽ اردو جي ٿورن سان