دنيا ۾ ماحولياتي تباهي هڪ سنجيده مسئلو ٿي چڪو آهي. دنيا جيترو تڪڙي ترقي ڪئي آهي، اوترو ئي اها ماحولياتي تباهي ڏانهن تيزيءَ سان وڌي آهي، نتيجي ۾ ان تباهيءَ کي هر ملڪ ڀوڳيو آهي. ان کان سواءِ ڌرتيءَ تي رهندڙ انسانن کان وٺي هر جيو ڀوڳيو آهي. پر ان تباهيءَ کي ختم ڪرڻ يا منهن ڏيڻ ڪنهن هڪ ملڪ جي وس جي ڳالهه ناهي، ان لاءِ هر ملڪ کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ ان کان سواءِ هر سطح تي ماحول جي بهترين لاءِ شعوري ڪوششُون پڻ ڪرڻيون پونديون. هن وقت تائين اسين رڳو اهو ئي ڏسندا آيا آهيون ته ماحولياتي تباهيءَ کان پوءِ سيمينار ٿيندا آهن ۽ ٺهراءَ پاس ڪيا ويندا آهن پر عملي طور ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪجهه نظر ڪونه ايندو آهي. تازو ئي مصر ۾ ڪوپ-27 ٿي آهي، جنهن ۾ اهو طئي ڪيو ويو آهي ته ماحولياتي تباهيءَ جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ ملڪن کي معاوضو ادا ڪيو ويندو ته جيئن اهي پنهنجن ملڪن ۾ ماحوليات بهتر ڪري سگهن.
ماحولياتي تبديليءَ جي متاثر ملڪن کي هاڻي معاوضو ملندو، ڪوپ-27 غريب ملڪن لاءِ فنڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي اجلاس ۾ اتفاق ٿي ويو آهي. مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ٻن هفتن کان هلندڙ گڏيل قومن جي ڪوپ-27 جي سڀ کان ڊگهي ۽ تاريخي اجلاس ۾ موسمياتي نقصانن جي متاثر پٺتي پيل ملڪن کي معاوضو فراهم ڪرڻ لاءِ اهم معاهدو طئي ٿيو آهي، امير ملڪ گذريل 3 ڏهاڪن کان هن معاهدي کان ڪن لاٽار ڪندا رهيا پر نيٺ هاڻ هو مڃڻ تي مجبور ٿيا آهن. ذريعن موجب ٻوڏ سبب متاثر ٿيل پاڪستان لاءِ به اها سٺي خبر آهي ته دنيا ماحولياتي تبديلي سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن جي مدد جي حامي ڀري ورتي آهي. امير ملڪن طرفان قائم ڪيل فنڊ کي “لوسٽ اينڊ ڊيميج فنڊ” جو نالو ڏنو ويو آهي، امير ملڪ گذريل 30 سالن کان ان بحث کي نظرانداز ڪندا رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته کين معلوم آهي ته ماحولياتي تبديليءَ جا اهي پاڻ ئي ذميوار آهن. واضح رهي ته ڪوپ-27 اجلاس ۾ تازو ٻوڏ سبب متاثر ٿيل پاڪستان سميت 200 ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف موسمياتي تبديلين بابت وفاقي وزير شيري رحمان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته گڏيل قومن جي موسمياتي سربراهي اجلاس ۾ غريب ملڪن جي نقصانن جي ازالي لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ تي اتفاق موسمياتي انصاف جي هدف ڏانهن پهريون قدم آهي. پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي ماحوليات جي حوالي سان ماڻهو بنهه گهٽ ڄاڻ رکن ٿا. اهي ماحول کي خراب ڪرڻ ۾ به پيش پيش هوندا آهن پر ماحول کي سڌارڻ ۽ ان کي بهتر ڪرڻ انهن لاءِ ڏکيو آهي. تنهنڪري هاڻوڪين ٻوڏن سبب جيڪا تباهي آئي آهي سا رڳو ٻين ملڪن جي ڪاربان خارج ڪرڻ جي ڪري ڪونه آئي آهي پر ان ۾ اسان جون پنهنجون ڪوتاهيون به آهن. ڇاڪاڻ ته اهي ماحوليات جهڙي اهم موضوع کي ڪا اهميت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، اهي سمجهن ٿا ته ماحوليات انهن جي ترجيح تي ناهي ڇاڪاڻ ته اها حڪومت جي ذميواري آهي. ڪوپ-27 ۾ پاڪستان کي به فنڊ ڏيڻ جو طئي ڪيو ويو آهي، پر اها ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي ته پهرين دنيا جي ماحوليات کي تباهه ڪيو ٿو وڃي، ان کان ان کي بهتر ڪرڻ لاءِ فنڊ رکيا ٿا وڃن. دنيا پاڪستان کي فنڊ ڏيڻ لاءِ راضي آهي پر هاڻي پاڪستان جي ذميواري آهي ته اها ان فنڊ کي ڪهڙي ريت استعمال ٿو ڪري ۽ ڪهڙي ريت ماحوليات کي بهتر ڪرڻ ۾ ڪردار ٿو ادا ڪري.
اسين سمجهون ٿا ته پاڪستان کي انهن مسئلن کي پنهنجي سر حل ڪرڻ گهرجي، جن ۾ دنيا جي مدد جي ڪا ضرورت ڪانهي. ملڪ ۾ ٻيلا پوکڻ، جهنگلي جيوت لاءِ ماحول بهتر ڪرڻ ۽ قدرتي وهڪرا بحال ڪرڻ پاڪستان جي پنهنجي هٿ وس آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستان ماحوليات جي بهتري لاءِ جيڪو پاڻ ڪري سگهي ٿو، اهو ڪرڻ ۾ دير نه ڪري. ٻي صورت ۾ دنيا مان ملندڙ فنڊ به پاڪستان کي ماحُولياتي تباهيءَ کان نٿا بچائي سگهن.