ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ارونڌتي راءِ جا انٽرويو

Editorial-Article-Ali Akbar Nohri

“ڪيرلا ۾ هر ڪنهن وٽ ٿرواد آهي، يعني اوهان جو اباڻو گهر، پر جيڪڏهن توهان جو پي ڪونهي ته توهان وٽ ٿرواد ڪونه هوندو، توهان لاپتا ماڻهو هوندا. آئون ايمينم ۾ پيدا ٿيس، اهو ڳوٺ جتي جي منظرنگاري “گاڊ آف سمال ٿنگز” ۾ آهي. جيئن شيون تبديل ٿيون آهن ته مون لاءِ اهو ٻڌائڻ آسان آهي ته مون وٽ ڪا سهولت نه هئي جيڪا ڪنهن وچين طبقي جي هندوستاني ڇوڪريءَ وٽ هوندي آهي. مون وٽ پي نه هو، نه ڪنهن اهڙي ماڻهو جي موجودگي هئي جيڪو اسان جي سار لهي سگهي ۽ جنهن جي بدلي ۾ هو اسان جي ماءَ کي ماري ۽ بي عزتي ڪري. مون وٽ ڪا ذات، نه ئي ڪو مذهب هو ۽ نه ئي ڪا نگهباني. آئون جڏهن ننڍڙي هيس، تڏهن آئون جيڪا به فلم ڏسندي هيس، ان ۾ اداڪاره سان جبري زنا ٿيندو هو. آئون پندرهن سالن جي هيس ته مون کي ايئن لڳندو هو ته هر عورت جي عزت لٽجي ٿي. اهو رڳو سوال هو، جيستائين اهو اوهان سان ٿئي.”

مٿي لکيل ڳالهيون ايشيا جي برک ليکڪه ۽ ناول نگاره ارونڌتي راءِ جون آهن، جيڪي هن آمريڪي براڊڪاسٽر ڊيوڊ برسيمين سان انٽرويو ۾ سندس ننڍپڻ جو ذڪر ڪندي ڪيون آهن. اهي ڳالهيون اسان کي برسيمين جي ارونڌتي کان ورتل انٽرويوز واري ڪتاب The Checkbook and Cruise Missile ۾ پڙھڻ وٽان ملن ٿيون. پاڪستان ۾ هن ڪتاب جو اردو ترجمو به ٿي چڪو آهي.

ان ڪتاب ۾ ارونڌتي جا ڪل چار انٽرويوز آهن، جيڪي مختلف هنڌن تي ورتا ويا آهن. پهريون انٽرويو Knowledge and Power ارونڌتي کان آمريڪي رياست ميساچوسٽس ۾ گاڏي هلائڻ دوران ورتو ويو. پهرين انٽرويو ۾ ارونڌتي ايمينيم ۾ گذاريل سندس ننڍپڻ بابت تفصيل سان ٻڌائي ٿي. برسيمين هن ڪتاب ۾ ارونڌتي کان مختلف موضوعن تي سوال ڪيا آهن. جن ۾ انڊيا جي سياست، ڊيمن جي تعمير ۽ ارونڌتي جا ڪتاب اهم موضوع آهن.
پهرين انٽرويو ۾ سوال ڪيو ويو آهي ته علم، طاقت ۽ سياست ۾ ڪهڙو فرق آهي. جنهن جي جواب ۾ ارونڌتي چيو آهي ته اڄ دنيا ۾ ماڻهو حق حاصل ڪرڻ لاءِ وڙھن پيا. دنيا اڄ آ ايم ايف، ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن ۽ ورلڊ بينڪ جي قبضي هيٺ آهي. حڪومتون انهن سان جيڪي معاهده ڪن ٿيون، اهي ماڻهن جي زندگين تي وڏا اثر انداز ٿين ٿا. اهي معاهدا راز ۾ رکيا وڃن ٿا ۽ طاقتور ۽ طاقت کان محروم ۾ فرق اهو آهي ته هڪڙا فيصلا ڪن ٿا ۽ ٻيا فيصلا ڀوڳين ٿا. سندس جواب موجب واشنگٽن جينيوا جي آفيسن ۾ ويهي ڪروڙين ماڻهن جي قسمتن جا فيصلا ٿين ٿا ۽ ڪير به ڪجهه چوڻ وارو ڪونهي. ورلڊ بينڪ جي طاقت رڳو پيسو ناهي بلڪه سندس اها قابليت علم تي قبضو ڪرڻ لا آهي.

هن انٽريو ۾ ارونڌتي کان گهڻا سوال ڊيمن بابت به ڪيا ويا آهن جيڪو پڻ ارونڌتي جي لکڻين جو اهم موضوع آهي. سردار سروار ڊيم، باکرا ڊيم ۽ نروارا وادي منصوبو جي اڏاوت سببِ لکين ماڻهو متاثر ٿيا. انهي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ ارونڌتي جو چوڻ آهي جو ايتري قدر حڪومت کي اهو اندازو به ناهي ته متاثر ماڻهن جو انگ ڪيترو آهي. ڇو ته انهي جو وڏو سبب اهو آهي متاثرن مان گهڻي انگ ۾ دلت آهن. ارونڌتي هڪ ريسرچ جو حوالو ڏيندي ٻڌايو آهي ته هڪ ڊيم جي تعمير سبب چوئيتاليهه هزار ماڻهو متاثر ٿين ٿا. انهي موجب گذريل پنجاهه سالن ۾ انڊيا ۾ ٽيٽيهه ڊيم ٺهيا آهن جن ۾ متاثرن جو انگ تقريبن 56 ملين آهي. سندس موجب ماڻهن کي دربدر ڪرڻ کانپو ڪو ٺڪاڻو به نٿو بچي پوءِ شهرن ۾ ڌاريا ٿي رهن ٿا ۽ وري اتي به ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل يا ڪنهن ٻي بلڊنگ جي تعمير لاءِ انهن کي وري رلايو وڃي ٿو.

برسيمين هن ڪتاب جو ٻيو انٽرويو ارونڌتي راءِ کان مئڪسيڪو ۾ ڪيو جيڪو Terror and the Maddended King جي عنوان سان آهي. انهي انٽرويو ۾ گهڻي ڳالهه ٻولهه آمريڪا بابت آهي جنهن ۾ 9/11 جو واقعو اهم موضوع آهي. انهي انٽرويو ۾ گهڻا سوال ارونڌتي جي تفصيلي مضمون Come September مان ڪيا ويا آهن جيڪو 9/11 واقعي ۽ عالمي سياسي صورتحال تي لکيل آهي.
هن انٽرويو ۾ هڪڙو سوال ڪيو ويو آهي ته هو “اچ سيپٽمبر” مضمون ۾ جتي بش تي تنقيد ڪري ٿي ته اتي وري عراق ۽ فلسطين جون به ڳالهيون کولي ٿي. جڏهن ته آمريڪا ۾ ماڻهن کي عراق ۽ فلسطين بابت ڪا دلچسي ناهي. انهي جي جواب ۾ ارونڌتي دلچسپ ڳالهه ڪئي آهي ته توهان جيڪڏهن ليکڪ آهيو ته توهان ووٽ نٿا کڻو. سندس جواب موجب هتي هو اهي ڪهاڻيون ٻڌائيندي جيڪي هو ٻڌائڻ چاهي ٿي، نه ڪي اهي جيڪي ماڻهو ٻڌڻ پسند ڪن ٿا ۽ جن جي نتيجا ڪڏهن سٺا آهن ته ڪڏهن خراب.

ڪتاب جي ٽين انٽرويو Privatization and Polarization جي شروعات ۾ ارونڌتي پنهنجو ذاتي تجربو ٻڌائي ٿي ته ناڪامي هن کي وڌيڪ متاثر ڪيو آهي. ناڪامي، ڏک ۽ خوشي هن کي لکندي متاثر ڪن ٿا ۽ لکڻ بابت سندس چوڻ آهي ته اهو توهان کي دنيا سان ڳنڍي ڇڏي ٿو.

هن انٽرويو ۾ ارونڌتي نوڪر شاهي ۽ ڪورٽ تي به سخت تنقيد ڪري ٿي. سپريم ڪورٽ بابت سندس چوڻ آهي ته اها اهڙا حيرتناڪ فيصلا ڏئي ٿي، جيڪي لکين ماڻهن جي زندگيءَ اجڙڻ جو سبب بڻجن ٿا پر ڪير به انهن جو احتساب نٿو ڪري ۽ انهن خلاف ڳالهائڻ سنگين جرم سمجهيو وڃي ٿو. انهي ڊپ کان ڪير انهن تي آڱر نٿو کڻي. هن پنهنجو تجربو به ٻڌايو آهي ته ڊيمن جي معاملي ۾ سپريم ڪورٽ خلاف ڳالهائڻ تي ڪيئن هن کي ڀوڳڻو پيو. هن ڪورٽ بابت هڪ دلچسپ ڳالهه ڪئي آهي ته وچين طبقي جو ماڻهو سمجهي ٿو ته رڳو سپريم ڪورٽ ئي هڪ واحد ادارو آهي جيڪو سچائي سان ڪم ڪري ٿو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ وڏي پيماني تي احتساب نه ڏيندڙ ادارو آهي. هن انٽرويو ۾ ارونڌتي اين جي اوز تي به تنقيد ڪئي آهي.

ڪتاب جي چوٿين ۽ آخري انٽرويو Globalization of Dissent جي شروعات ارونڌتي گجرات ۾ ٿيل ٽرين واقعي جي جواب سان ڪري ٿي، جنهن جو ذڪر اسان سندس ٻين لکڻين ۽ ناول “منسٽري آف اٽموسٽ هيپي نيس” ۾ به ملي ٿو. جتي هندو زيارتين جي ريل سان آيل حادثي جي بدلي ۾ هزارين مسلمانن کي قتل ڪيو ويو ۽ رستن تي عورتن جون لڄون لٽيون ويون. جيئن ته هن انٽرويو جي تفصيل جو اندازو اسان ان جي عنوان سان لڳائي سگهون ٿا، پر ڪالم کي مختصر رکندي آئون رڳو انٽرويو جي آخري ڳالهه رکندس جنهن ۾ برسيمين ارونڌتي کان سندس لکڻي ۾ استعمال ٿيل لفظن Checkbook ۽ Cruise Missile جو مطلب پڇيو آهي. جنهن جي جواب ۾ ارونڌتي ٻن ملڪن جا مثال ڏنا آهن، جيڪي ان جو شڪار ٿيا. هڪ ارجنٽينيا جيڪو آ ايم ايف هٿان تباهه ٿيو جنهن کي هو چيڪ بوڪ سڏي ٿي. ٻيو عراق جيڪو خطرناڪ ڪروز ميزائيل سان تباهه ٿيندو رهيو آهي.
ارونڌتي راءِ جا اهي انٽرويو تمام ضروري موضوعن تي آهن. هو پنهنجي ڳالهين ۾ انڊيا جي مسئلن کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿي، جن ۾ ڊيمن جي تعمير ۽ انتهاپسندي اهم آهن. ارونڌتي حڪومت سان گڏوگڏ اتان جي انتهاپسند تنظيم آر ايس ايس تي به سخت تنقيد ڪري ٿي. وڏي ڳالهه اها جو هن پنهنجي ڳالهين ۾ سپريم ڪورٽ کي مجرم سڏيو آهي.

ارونڌتي راءِ جون اهي ڇرڪائيندڙ ڳالهيون پڙھڻ کانپوءِ ڪجهه نظر پنهنجي ملڪ ڏانهن ڦيرايون ٿا ته ڪو فرق نٿو نظر اچي. هتي به ڊيمن جي تعمير سبب ماڻهن کي بيدردي سان روليو ٿو وڃي، ڪورٽن جي اوچتن فيصلن تي ماڻهن جو زندگيون اجڙي وڃن ٿيون ۽ مذهبي انتهاپسندي جو لاڙو به هتي انتهائي سنگين آهي.

ارونڌتي راءِ هنن انٽرويوز ۾ پنهنجي ذاتي زندگيءَ کان وٺي انڊيا جي سماج ۽ سياسي حالتن سان گڏوگڏ عالمي پسمنظر ۾ شاندار جائزو پيش ڪيو آهي. هر ڀيري جيان هن ڀيري به ارونڌتي جي ڪچهري ۾ بي ترتيبي نظر آئي، جيڪا سندس لکڻين جي خوبصورتي آهي. جنهن ۾ هو ڪٿي صفا سوال کان هٽي ٿي وڃي ته ڪنهن مهل اوچتو انهي ڳالهه تي واپس ٿي اچي وڃي.

ارونڌتي راءِ جون اهي ڳالهيون پڙهندي ڪٿي اداسي ملي ٿي ته ڪٿي هن جا وڏا ٽهڪ به ڏسڻ ۾ ملن ٿا.
برسيمين سوال به ڏاڍا زبردست ڪيا آهن، ۽ هر سوال صورتحال موجب آهي.
ادب جي چاهيندڙن کي ارونڌتي راءِ جي انٽرويوز وارو هي اهم ڪتاب ضرور پڙھڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button