2017ع ۾ ٻارڙن لاءِ هڪ تصويري ڪتابThe Tantrum that Saved the World جي ٽائيٽل سان منظر عام تي آيو، جيڪو ناليوارن آمريڪي ماحولياتي سائنسدان مائيڪل اي مين ۽ ميگن هربرٽ گڏجي لکيو هو. ڪتاب جي ڪهاڻي هڪ ڇوڪري صوفيا جي چوڌاري گهمي ٿي.
ٿئي ايئن ٿو ته سڀ کان پهرين هڪ برفاني رڇ صوفيا جي گهر اچي ٿو نڪري ۽ پوءِ حيرت انگيز طور سامونڊي ڪمي، سامونڊي چاڙهه، ڏڪار ۽ ٻين آفتن سبب متاثر ٿيل ماڻهون، بنگالي چيتو ۽ ٻيا موسمياتي تبديلين سبب ڏتڙيل جانور سندس گهر اچي ٿا گڏ ٿين. جنهن سبب صوفيا پهرين ته ڏاڍو پريشان ٿي وڃي ٿي ۽ شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪري ٿي، پر پوءِ مختلف طريقن سان هوءَ ان ڪاوڙ کي هڪ مهم جي صورت ٿي ڏئي جنهن جو مقصد سماج ۾ ماحولياتي تبديلين جي باري ۾ شعور پيدا ڪرڻ، وڏي عمر جي ماڻهن توڙي اهم عهدن تي ويٺل ماڻهن کي ان ڳالهه جو احساس ڏيارڻ هوندو آهي ته اسان کي هر صورت ۾ موسمي تبديلين جي بحران جو حل ڪڍڻو پوندو.
هن ٻاراڻي ڪتاب جي منظر عام تي اچڻ سان هڪ سال اندر سوئيڊن سان تعلق رکندڙ ڇوڪري گريٽا ٿنبرگ سوئيڊن جي پارليامينٽ آڏو موسمياتي تبديلين جي باري ۾ شعور ڏيڻ لاءِ اڪيلي سر احتجاج ڪندي هڪ زبردست تحريڪ جي شروعات ڪئي، جنهن ٿوري عرصي ۾ سڄي دنيا ۾ طوفان برپا ڪري ڇڏيو آهي. گريٽا ڪجهه سالن ۾ ئي دنيا ۾ ماحولياتي تحريڪ جي هيروئن بڻجي ويئي آهي ۽ کيس سياستدانن ۽ هاليووڊ جي اداڪارائن کان وڌيڪ شهرت حاصل ٿي وئي آهي.
اڄ کان رڳو ٽي سال اڳ اها ڇوڪري هڪ غير معروف شخصيت هئي ۽ هن مطابق ننڍي هوندي کان ئي هن کي اهو خوف ڏڪائي وجهندو هو ته اسان جي ڌرتي اسان جي پنهنجي هٿن سان برباد ٿي رهي آهي ۽ اسان جا وڏڙا خاموش تماشائي بڻيل آهن. ان حالت ۾ هن اڪيلي سر ڪجهه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ٽوئيٽر تي هڪ پيغام ڇڏي اسڪول وڃڻ بدران سوئيڊش پارليامينٽ جي سامهون احتجاج طور ويهڻ جي شروعات ڪئي. هن مطابق شروع شروع ۾ هن کي اها اميد ڪانه هئي ته ڪو ماڻهو سندس ان حرڪت جو نوٽيس وٺندا، سو ٿنبرگ پنهنجي ان مهم جو پهريون ڏينهن سوئيڊن جي پارليامينٽ اڳيان اڪيلي ويٺي گذاريو ۽ سندس هٿ ۾ ڪاٺ جو ٺهيل هڪ بينر هو جنهن تي سوئيڊش ٻوليءَ ۾ لکيل هو ته اسڪول اسٽرائيڪ فار ڪلائيميٽ. پر هن اتي ويٺي به پنهنجي اسڪول جا ڪتاب پڙهڻ ڪونه ڇڏيا هئا. هڪ هفتي کانپوءِ ڪجهه وڌيڪ ٻارڙا ۽ نوجوان هن سان اچي گڏيا ۽ گڏوگڏ هن جي ان مهم کي ميڊيا ڪوريج ملڻ لڳي. بعد ۾ هن هر جمعي تي پنهنجي ان تحريڪ لاءِ اسڪول ڇڏڻ شروع ڪيو، ان ڪري ان تحريڪ کي فرائيڊيز فار فيوچر به سڏيو ويو. آهستي آهستي مختلف ملڪن ۾ هن جي ان مهم کي مثبت موٽ ملڻ لڳي ۽ 2019ع تائين اها مهم دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ڦهلجي چڪي هئي جو 20 سيپٽمبر 2019ع تي دنيا جي سئو کان وڌيڪ ملڪن ۾ لکين ٻارڙن ۽ نوجوانن ماحولياتي آلودگي بابت شعور بيدار ڪرڻ لاءِ مختلف سرگرمين ۾ حصو ورتو. ان تحريڪ کي هاڻي عالمي فورمن تي زبردست موٽ ملي رهي آهي ۽ گڏيل قومن طرفان اڄڪلهه گلاسگو ۾ هلندڙ ڪانفرنس ۾ دنيا جي مشهور سياستدانن، سفارتڪارن ۽ ماحولياتي ماهرن به موسمياتي تبديلين بابت فيصلائتا اپا کڻڻ جي حوالي سان پيدا ٿيل شعور جو ڪريڊٽ گريٽا ٿنبرگ ۽ ٻين نوجوانن پاران شروع ڪيل تحريڪ کي ڏنو آهي.
جيتوڻيڪ نوجوانن جي ان تحريڪ جو مک چهرو گريٽا ٿنبرگ آهي پر هاڻي ماحولياتي شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ سرگرمين ۾حصو وٺڻ سبب دنيا جي غريب توڙي امير ملڪن سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي نوجوانن ۽ ٻارڙن کي ڪلائميٽ ليڊرز واري حيثيت حاصل ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي دنيا جي وڏن وڏن ملڪن جا سربراهه ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جا چيف ايگزيڪيوٽوز نوجوانن ۽ ٻارڙن جي ڳالهه ٻڌڻ تي مجبور ٿي پيا آهن. نه رڳو ايترو پر نوجوانن طرفان پيدا ڪيل ان ماحولياتي تحريڪ سبب موسمياتي تبديلين جو مسئلو نه رڳو عالمي ميڊيا جي هيڊ لائينز ۾ آهي پر سياسي فورمن کان وٺي عوامي ڪچهرين تائين هر هنڌ بحث هيٺ اچڻ لڳو آهي. اها ماحولياتي تحريڪ سرمائيداري نظام خاص طور آلودگي پيدا ڪندڙ صنعتن لاءِ هڪ اهڙو چئلينج ٿي اڀري آهي، جنهن کي هاڻي نظر انداز ڪرڻ ڪنهن جي وس ۾ ناهي رهيو.
گڏوگڏ ان تحريڪ مختلف ملڪن جي ڌرتي، فطرت توڙي انسانيت سان پيار ڪندڙ نوجوانن ۽ ٻارڙن جي وچ ۾ هڪ عجيب قسم جو ڳانڍاپو پيدا ڪيو آهي، جيڪو ذاتي توڙي گروهي مفادن ۽ تعصبن کان مٿڀرو آهي. گريٽا جو به چوڻ آهي ته هن انهيءَ مهم مان سڀ کان وڌيڪ مثبت سبق اهو سکيو آهي ته ماڻهو ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ هٿ ونڊائين ٿا ۽ ايئن هن جو انسانذات ۾ اعتماد بحال ٿيو آهي. گريٽا مطابق ان مهم سبب سندس ملاقات آفريڪا ۽ ٻين خطن جي اهڙن کوڙ سارن باشعور نوجوانن سان ٿي آهي، جن جي ڌرتيءَ جا فطري رنگ بچائڻ جي جهدوجهد هو هنن لاءِ اتساهه جو سبب بڻي آهي.
گريٽا ننڍي هوندي کان ئي حساس طبيعت جي مالڪ رهي آهي. گڏوگڏ هوءَ Asperger’s syndrome جي مريض به رهي آهي پر ڌرتي ۽ ان تي وسندڙ جيوت جي مستقبل بابت سندس ڳوڙهي سوچ دنيا ۾ هڪ مثبت قسم جي تبديليءَ ۽ فڪر کي جنم ڏنو آهي. هاڻي هن کي ماحوليات بابت نوجوانن جي هڪ عالمي تحريڪ جو روح روان تصور ڪيو وڃي ٿو. سندس ماءُ ميلينا مطابق گريٽا کي ننڍي عمر کان ئي ماحولياتي تبديلين سبب ٿيندڙ تباهين ۽ مستقبل جي اونداهي منظرنامي جو ارمان هڪ روڳ وانگر کائڻ لڳو هو ۽ هن جي شخصيت آهستي آهستي ڄڻ اونداهين ۾ ٻڏندي پئي وئي. هن پيانو وڄائن ڇڏي ڏنو، کلڻ ۽ ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو ۽ ايتري قدر جو صحيح نموني کائڻ پيئڻ به ڇڏي ڏنائين پر پوءِ هن پنهنجي ان روڳ کي طاقت ۾ بدلائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ عالمي سطح تي ماحولياتي شعور جو استعارو بڻجي ويئي.
گريٽا Asperger’s syndrome کي هاڻي پنهنجي سپر طاقت چوي ٿي، جو هن جي خيال ۾ ان بيماري هڪ طرح سان هن ۾ اها صلاحيت پيدا ڪئي آهي ته هوءَ پنهنجي مقصد ۽ دلچسپيءَ واري ڪم سان مسلسل لڳي رهي ٿي ۽ بور نه ٿي ٿئي. هن جي تقريرن ۾ غضب جي معصوميت ۽ اخلاقي طاقت آهي جيڪا دلين ۾ گهر ڪري ٿي وڃي. ان ڪري ئي اهم عالمي اڳواڻن ۽ ماحولياتي سائنسدانن جي موجودگيءَ ۾ هن جي ڳالهائڻ جو انتظار ٿئي ٿو. گريٽا ٿنبرگ ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سندس سوين مداح ٻارڙن ۽ نوجوانن پاران هلايل مهم جي نتيجي ۾ ماحولياتي مباحثي جي قيادت هاڻي نئين ٽهيءَ جي هٿن ۾ آهي ۽ نوجوانن ۾ ان قسم جي تحرڪ جو هڪ سبب اهو به آهي ته اڄ جي تاريخ ۾ پيدا ٿيندڙ توڙي وڏو ٿيندڙ ٻارڙن کي پنهنجي والدين جي ڀيٽ ۾ شديد گرميءَ جي لهرن، طوفانن، سيلابن ۽ ٻين موسمياتي تبديلين سان لاڳاپيل مسئلن کي ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ منهن ڏيڻو پوندو.
ان حوالي سان هن وقت سڄي دنيا جون نظرون گلاسگو ۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس تي کتل آهن، جتي عالمي ليڊرن طرفان پئرس معاهدي کانپوءِ جي صورتحال، موسمياتي تبديلين جي روڪٿام، انهن جي اثرن کي گهٽائڻ ۽ ماحولياتي بحران کي منهن ڏيندڙ غريب ملڪن جي مدد جي حوالي سان بحث مباحثي جو سلسلو جاري آهي. گريٽا ۽ ٻيا ماحولياتي ڪارڪن به گلاسگو ۾ موجود آهن ۽ پنهنجي احتجاجن ذريعي عالمي ليڊرن تي سبز عالمي معيشت ڏانهن اڳڀرائي ڪرڻ لاءِ وڌيڪ سخت فيصلا ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن. هنن جو چوڻ آهي ته ڪانفرنس ۾ لفظي دعوائن بدران عملي قدم کڻڻ جا چٽا اعلان ٿيڻ گهرجن. گريٽا پاڻ هن ڪانفرنس کي گرين واشنگ فيسٽيول ٿي سڏي پر پوءِ به ماحولياتي ماهر هن ڪانفرنس کي ڪافي اهميت ڏين پيا. جيتوڻيڪ اڃان ڪانفرنس جاري آهي پر هن وقت تائين مختلف ملڪن طرفان گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي وعدن کانسواءِ فوسل فيولز لاءِ مالي مدد ۾ گهٽتائي ۽ ميٿين گئس جي اخراج کي گهٽائڻ لاءِ الڳ الڳ معاهدن جي سلسلي ۾ به پيشرفت ٿي آهي. تنهنڪري اها اميد ڪئي پئي وڃي ته ان ڪانفرنس ۾ ماحولياتي تبديلين جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ انقلابي نوعيت جا فيصلا ڪيا ويندا، جن تي عمل درآمد سان گريٽا ۽ ان کانپوءِ جي پيڙهين لاءِ فطرت جون رنگارنگيون ۽ حسناڪيون برقرار رکڻ ۾ مدد ملندي.