ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سڀ کان وڏي خبر

Editorial-Article-Asar Imam

پاڪستان جي ماڻهن کي هن وقت جيڪو سوال هڪ ٻئي کان ۽ پنهنجو پاڻ کان به ضرور پڇڻ گھرجي سو اهو آهي ته ملڪ هن موجوده بحراني ڪيفيت منجهان نيٺ ڪيئن نڪرندو؟ نڪري سگهندو به يا نه؟ ڇاڪاڻ ته هن وقت ملڪ هڪ اهڙي گهوٽالي ۾ ڦاٿل آهي جيڪو پنهنجي نوعيت جو نه رڳو تمام وڏو پر منفرد گھوٽالو آهي. هن ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي ئي هن سان مسئلا رهيا آهن. توانائيءَ جو بحران، سياسي عدم استحڪام ۽ ڪرپشن هن وقت پاڪستان جا سڀ کان وڏا مسئلا بڻيل آهن. ظاهر آهي هر هڪ ملڪ سان مسئلا هوندا آهن پر انهن مسئلن جي نوعيت الڳ الڳ هوندي آهي. اهي تبديل ٿيندا رهندا آهن. اهي سدائين ساڳيا نه رهندا آهن. ڪو ملڪ پنهنجي شهرين لاءِ تعليم جو جوڳو بندوبست ڪري وٺندو آهي ته شهرين جي بيروزگاريءَ جو مسئلو حل طلبيندو آهي پر اسان جي ملڪ اندر ته سدائين ساڳيا مسئلا رهيا آهن. سدائين اڪثريتي عوام جي عقيدن کي خطرو. سدائين اڪثريت کي اقليت کان خطرو. سدائين جمهوريت ۽ پاڻ سياست کي غيرجمهوري ۽ ظاهري طور تي غير سياسي قوتن کان خطرو رهندو آيو آهي. موجوده دور ۾ ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو سڀ کان وڌيڪ طاقتور سربراه جي مقرري آهي. حڪمران جماعتن منجهان هر ڪوئي چاهي ٿو ته اها مقرري ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جي ٿئي جيڪو سندس ماڻهو هجي يا ٿورو وڌيڪ حقيقت پسند ٿيندي ڳالهه ڪبي ته جيڪو کين پنهنجو ماڻهو قبول ڪري ۽ هلائي.
ملڪ جي سياسي قيادت لڳاتار زوال جو منهن ڏسي رهي آهي. سياسي تاريخ تي نظر ڦيرائبي ته هن ملڪ جا سياسي اڳواڻ ۽ حڪمت عملي جوڙيندڙ ڏاڪي به ڏاڪي هيٺ هلندا ويا آهن. ايتري تائين جو توهان چئي سگهو ٿا ته اهي هاڻي بس رِبن ڪٽڻ جي ڪم کان سواءِ ڪنهن ٻئي ڪم جا اهل ئي نه رهيا آهن. اهي چاهين ٿا ته سندن ذاتي ۽ گروهي مفادن جو پورائو ٿيندو رهي. بدلي ۾ جيڪڏهن عوام جي قسمت گروي رکڻي پئي ٿي ته رکبي. خير، هاڻي ٿوري وقت ۾ ئي اهو پتو پئجي ويندو ته پاڪستان جو ايندڙ آرمي چيف ڪنهن کي ٿو بڻايو وڃي. پر جيسيتائين اهو سڀ ڪجهه طئي ٿئي ان وقت تائين ميڊيا جي سمورن ذريعن تي جيڪا وٺ پڪڙ لڳي پئي آهي. ان موضوع تي بحث مباحثن جي جيڪا وٺ وٺان جاري آهي تنهن ماڻهن کي هڻي بيزار ڪري ڇڏيو آهي. ٻِي ڳالهه اها ته دفاع جي وزارت جي اختيار هيٺ ايندڙ هڪڙي سرڪاري نوڪريءَ تي ڪنهن کي مقرر ڪيو ويندو؟ اهڙا سوال پاڪستان جهڙن ملڪن ۽ اتان جي سماجن لاءِ ئي اهم هوندا آهن. دنيا جي ٻين معتبر ملڪن اندر اهڙي خبر کي خبر ئي نه سمجهيو ويندو آهي. انهن جي نظر ۾ اها ڪا خبر ئي ڪانهي ته آرمي چيف ڪير پيو بڻجي يا ڪير نه پيو بڻجي. اهڙين خبرن ملڪ اندر هڪڙو هيجان پيدا ڪري ڇڏيو آهي. انهن خبرن جي ڪري هن ملڪ جي معاشي حالت تمام گھڻي خراب ٿي وئي آهي. دنيا جي واپارين ۽ سيڙپڪارن کي ڳڻتي وٺي وئي آهي ته هن ملڪ جو مستقبل خبر ناهي ڇا ٿيڻو آهي. ان ڪري اتي سرمايو سيڙائي ڪٿي پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو نه هڻي رهيا هجون.
معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته 1980ع واري ڏهاڪي تائين معاشي اشارا اهو ثابت ڪري رهيا هئا ته هندوستان جي مقابلي ۾ پاڪستان ڪافي بهتر حالت ۾ آهي. 1990ع واري ڏهاڪي کان اهو معاملو ابتو ٿيندو ويو. يعني پاڪستان پوئتي ٿيندو ويو ۽ هندوستان اڳتي نڪرندو ويو. سرمائيدار معاشي ماهرن جي اها ئي خوبي آهي ته اهي اوهان کي مسئلا ته ٻڌائيندا پر ڪارڻ نه. اهي اوهان کي اهو ته ٻڌائيندا ته پاڪستان 1980ع واري ڏهاڪي ۾ معاشي طور تي مستحڪم هو پر اهو نه ته اهو استحڪام اڳوڻي سوويت يونين جي خلاف آمريڪي سامراج جي عالمي جنگ ۾ سڀ کان وڏي سهڪاري يا ائين چئجي غيرت، عزت ۽ آزاديءَ جو سودو ڪندڙ ملڪ طور اڳين صف ۾ هئڻ ڪري پاڪستان کي آمريڪي انعام اڪرام ۾ ملندڙ ڊالرن جي وهڪري سبب هو. بهرحال، هن وقت هندوستان اندر فارين ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ يا پڙهندڙ جي سهولت لاءِ ائين چوڻ گھرجي ته ٻاهرين ملڪن جي سيڙپڪاري پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ٻِيڻ، ٽِيڻ نه پر چاليهه ڀيرا وڌيڪ آهي. هندوستان جي مرڪزي بينڪ اندر مٽاسٽا جا ذخيرا 580 ارب ڊالر جڏهن ته اسان جا رڳو 8 ارب ڊالر آهن، جيڪي به اسان چاهيون ٿا ته نه هجن. اهي به ملڪي خزاني ۽ کاتي بدران اسان جي ذاتي ٽجوڙين يا کاتن ۾ محفوظ هجن. نيپال کي ڇڏي باقي سمورن ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾ پاڪستان جي في ڪس آمدني گھٽ آهي. ٻيو ته ٺهيو پر بنگلاديش به معاشي، سماجي، انساني ۽ ٻين ڪيترن معاملن ۾ پاڪستان کان اڳتي نڪري چڪو آهي، جيڪو جيستائين پاڪستان سان گڏ هو ته في ڪس آمدنيءَ جي لحاظ کان اولهه يا هاڻوڪي پاڪستان جي مقابلي ۾ اڌواڌ هو. هڪڙن ماڻهن جو خيال آهي ته پاڪستان جو اهڙي نموني پوئتي رهجي وڃڻ جو ڪارڻ هتان جو پارلياماني سرشتو آهي. حقيقت اها آهي ته دنيا جا ڪجهه ملڪ صدارتي سياسي سرشتي، ٻيا پارليماني سياسي سرشتي ۽ ايتري تائين جو ٽيان وري فوجي راڄ هيٺ هلندي به اڳتي وڌيا آهن. ترقي ڪئي اٿائون پر اسان جو ملڪ اهي ٽئي دور ۽ حڪومتي انداز آزمائڻ کان پوءِ به اڳتي نه وڌي سگهيو آهي. اسان کي انهن ٽنهي سرشتن منجهان ڪو فائدو ڪونه پئجي سگهيو آهي.
اهو پڌرو سچ آهي ته مُني صديءَ دوران اسان جي ملڪ تي جنهن به حڪومت ڪئي ان ٻيو ته ٺهيو، وڏا ۽ بنيادي مسئلا به حل نه ڪيا. مثال طور تعليم، صحت، انفرا اسٽرڪچر، روزگار، صفائي سٿرائي، ايتري تائين جو پيئڻ جو صاف پاڻي به هن ملڪ جي شهرين جو حق نه سمجهيو ويو آهي. هن وقت تائين ملڪ جي تمام وڏي آبادي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ کان محروم آهي. رڳو ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ رهندڙ ماڻهو نه پر ڪراچي ۽ اسلام آباد جهڙن شهرن منجهه رهندڙ ماڻهن کي به اها بنيادي سهولت ميسر ڪانهي. اسان وٽ تعليم، صحت، روزگار، دهشتگردي، انتهاپسندي، معاشي گھوٽالو، خسارو ۽ ايتري تائين جو چنڊ ڏسڻ جهڙن معاملن کي حل ڪرڻ ۽ نبيرڻ جي صلاحيت به ڪانهي. اسان جا حڪمران ڪنهن به مسئلي کي حل ڪرڻ بدران ان کان اکيون پوري ڇڏيندا آهن. ان مسئلي کي نظر انداز ڪري ان منجهان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ اهو مسئلو جان ڪونه ڇڏيندو آهي. اهو حل نه ٿيندو آهي. اهو وڌيڪ بدبو ڪندو آهي. وڌيڪ خراب ٿيندو آهي. جهڙوڪ: گردشي قرض کي ئي ڏسجي ته جنرل پرويز مشرف جي حڪمرانيءَ دوران اهو لڳ ڀڳ 25 ارب روپيا هو. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ اهو 500 ارب روپين تائين پهتو. نواز ليگ جي حڪومت ۾ 1100 ارب روپيا ۽ تحريڪِ انصاف جي حڪمرانيءَ دوران ته خير سان 2500 ارب روپين جي حد به ٽپي ويو.
مختلف حڪومتن تعليم تي 2000 ارب روپيا خرچ ڪيا آهن. ان هوندي به اسڪول وڃڻ جي عمر واري ٻارن جو پنجاهه سيڪڙو اڄ به اسڪولن کان ٻاهر آهي. اڄ به اسان جي سرڪاري اسڪولن جي ميٽرڪ پاس ٻارن کي رياضيءَ جو مضمون جنن جي ٻولي لڳي ٿو ۽ اهي پنهنجي پسند جي ڪنهن موضوع تي سنڌي يا انگريزيءَ ۾ خوبصورت مضمون نه ٿا لکي سگهن. هڪڙي پاسي پاڪستان جا مسئلا اڻ کٽ آهن ته ٻئي پاسي وري ان جو ٻارن ڄڻڻ وارو خفت گھٽجڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. هيءَ ملڪ ڌرتيءَ تي هر سال 55 لک انسانن جو اضافو ڪري رهيو آهي، يعني فيصل آباد ۽ راولپنڊي شهرن جي ڪل آباديءَ کان به وڌيڪ اسان هر سال پيدا ڪري رهيا آهيون. هڪڙي پاسي وسيلا ۽ سهولتون اڻ پوريون ته ٻئي پاسي وسيلن ۽ سهولتن استعمال ڪرڻ وارن جو انگ وڌائڻ ۾ اڳي کان اڳرا آهيون. جنهن وقت بنگلاديش اسان سان گڏ هو تڏهن ان جي آبادي اسان جي آباديءَ کان 17 سيڪڙو وڌيڪ هئي پر هاڻي اها اسان کان 22 سيڪڙو گھٽ آهي. ويجهڙ ۾ ڪيل هڪ سروي ۾ ظاهر ٿيو آهي ته 40 سيڪڙو پاڪستاني شهري، جيڪڏهن کين موقعو ملي ته پهرين فرصت ۾ ملڪ ڇڏي ڀڄڻ لاءِ تيار آهن.
اڳوڻي وزيرِ اعظم عمران خان پنهنجي لانگ مارچ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪا سان دشمني ۽ اختلاف ختم ڪري ڇڏيا آهن. اسٽيبلشمينٽ سان اختلاف به ختم ڪري ڇڏيا آهن. نئين چيف جي مقرريءَ واري معاملي تي سندس سخت موقف به هاڻي بلڪل نرم ٿي ويو آهي. خان صاحب جي سموري پسپائي ثابت ڪري ٿي ته مٿئين طبقي جي اندروني جهيڙن منجهه ڪنهن انقلاب جي اميد نه رکڻ گھرجي. اهو اصل ۾ اهڙو پاڻي آهي جنهن جي ولوڙڻ سان نه کڙ نڪرڻو آهي نه تيل. اهي اهڙا تِرَ آهن جن ۾ تيل آهي ئي ڪونه.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button