جيئن مون ھن موضوع تي لکيل پنهنجي آچر تي ڇپيل ڪالم جي پھرين قسط ۾ لکيو ھو ته 75 سالن ۾ ڪڏهن به، ۽ ڪنھن به آرمي چيف جي مقرري جو اعلان اھڙيءَ ريت تمام گهڻي دير سان ۽ تڪراري ڪيفيت ۾ پاڪستان جي تاريخ اندر نه ٿيو جھڙو گذريل ٽن مهينن کان ٿي رهيو آهي.
تپرس ۾ وجھندڙ سچ ھي آهي ته ڪلھه اڱاري رات يارهين وڳي مھل نئين آرمي چيف جي چونڊ واسطي ڇھن سڀني کان قابل ۽ سينئر جنرلن جا نالا راولپنڊيءَ جي جنرل ھيڊ ڪوارٽر مان اسلام آباد ۾ وزيراعظم ھائوس پھچي چڪا هئا پر پاڪستان جي بچاءُ واري وزير يعني Defence minister خواجه آصف کي اھا ڄاڻ نه هئي. ھو ٽي وي چئنلز ذريعي انھيءَ خبر کي رد ڪندو رهيو ته سمري پي ايم هائوس پهچي ويئي آهي. آخر خواجه آصف پنج ست ڪلاڪ دير سان 22 نومبر بدران 23 نومبر تي مڃي ورتو ته برابر ميڊيا جي نمائندن سچ ٻڌايو آهي ته ڇھن جنرلن جي فھرست جي ايڇ ڪيو پاران وزيراعظم شھباز شريف کي اماڻي ويئي آهي ته انهن مان پنهنجي مرضيءَ مطابق ھڪ کي آرمي چيف ۽ ٻئي کي ٽنهي فوجن جو جوائنٽ چيف آف اسٽاف چونڊي، صدر عارف علوي جي منظوري لاءِ موڪلي ڇڏي.
ھنن ڇھن سينئر جنرلن جا نالا اربع وارين اخبارن ۾ ڇپيل آهن ۽ ٽي وي چئنلز تان به بار بار ٻڌايا وڃن پيا. منهنجي ذاتي راءِ موجب انھن نالن ۾ پاڪستان نيوي ۽ ايئر فورس جي ڪنهن به سينيئر ۽ قابل آفيسر جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي. مونکي ياد آهي ته 1990 ۾ جڏهن تڏهوڪي صدر غلام اسحاق خان ڇھين آگسٽ تي بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت کي ڊاهڻ لاءِ سابق آرمي چيف جنرل اسلم بيگ سان گڏجاڻيون ڪندو هو ته انهن ۾ جوائنٽ چيف آف اسٽاف ائڊمرل سروھي کي به ويھاريندو ھو جنھن جو تعلق سامونڊي فوج سان ھو.
پاڻ مٿي پاڪستان جي دفاع واري وزير خواجه آصف جي اڻڄاڻائي جو ذڪر ڪيو آهي. اصل ۾ حقيقت ھي آهي ته پاڪستاني فوج به دنيا جي دستور مطابق وزير دفاع جي ماتحت ھوندي آھي پر ھتي جڏهن پيپلز پارٽي جو بنياد وجهندڙ باغي اڳواڻ مير علي احمد ٽالپر، وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي ظلمن کان بيزار ٿي جنرل ضياءَ الحق جو ساٿ ڏنو ۽ ضياءَ جي مارشل لا واري زماني ۾ ملڪ جو وزير دفاع ٿيو ته وٽس ڪنھن به فوجي آفيسر جي پروموشن يا پوسٽنگ لاءِ سمري نه موڪليندا هئا. اھڙو ھرھڪ ڪيس وزير دفاع کي بائي پاس ڪري سڌو سنئون صدر مملڪت ڏانهن اماڻيو ويندو هو. اڄ پي ڊي ايم جي 9 جماعتن جي گڏيل حڪمرانن سان به ساڳيو سلوڪ ڪيو پيو وڃي.
جيڪڏهن اسان ماضيءَ جي حڪومتن ۾ ٿيل آرمي چيف جي مقررين تي نظر ڊوڙايون ٿا ته ڏسڻ ۾ ھيئن ٿو اچي ته رڳو چونڊيل سياسي اڳواڻن کي پنهنجي پسند جا آفيسر مقرر ڪرڻ جو شوق هوندو هو. 21 ڊسمبر 1971 تي بنگلاديش جي آزاديءَ بعد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن باقي بچيل پاڪستان جو سياسي حڪمران بڻيو ته ھن ملڪ ٽوڙي ٽڪرا ڪندڙ جنرل يحيٰ خان کي اقتدار جي تخت تان ھٽائڻ واري نئين آرمي چيف جنرل گل حسن کي زوريءَ لاھي پنهنجي پسند جي جنرل ٽڪا خان کي پاڪستاني فوج جو ڪمانڊر ان چيف مقرر ڪيو. جنرل ٽڪا خان کي انٽرنيشنل ميڊيا
The Butcher of Bengal جو لقب ڏنو ھو پر ڀٽو صاحب ان جي پرواهه نه ڪئي ۽ پنهنجي ذاتي پسند کي اوليت ڏنائين. جڏهن جنرل ٽڪا خان رٽائر ٿيو ته ان جي جاءِ تي سينارٽي ۾ ستين نمبر تي بيٺل ملتان جي ڪور ڪمانڊر جنرل ضياءُ الحق کي فوجي سربراهه بڻائي ڇڏيائين جنهن سان ضيا کان سينئر ڇھه جنرل متاثر ٿيا ۽ استعيفا ڏيئي ڇڏيائون.
جنرل ضياءُ بعد ۾ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو جيڪو حشر ڪيو ان کان ته ملڪ جو ٻچو ٻچو واقف آهي.
ايم آر ڊي تحريڪ جي پيدا ڪيل عوامي دٻاءُ جي نتيجي ۾ جنرل ضياءُ جڏھن غير جماعتي چونڊون ڪرايون، انهن چونڊن کان پوءِ سندس ئي خواهش موجب جناب محمد خان جوڻيجو وزير اعظم بڻيو ته جنرل ضياءَ پنهنجو پاڻ کي آئيني ڀڃڪڙين جي الزامن مان آجو ڪرائڻ لاءِ 1973 واري دستور ۾ جيڪي به ترميمون ڪرايون پئي ته 1985 آگسٽ ۾ تڏهوڪي وزير اعظم ھي ترميم ڪرائي ته چيف آف آرمي اسٽاف جي ماتحت سڀ کان سينئر جنرل واسطي وائيس چيف آف اسٽاف جو عهدو به ھجڻ گھرجي جيئن صدر مملڪت جي بيمار يا لاچار ٿيڻ جي صورت ۾ سينيٽ جو چيئرمين خودڪار طريقي سان ملڪ جو صدر ٿي ويندو آهي. اھو عھدو جنرل ضياءُ جي مرضيءَ خلاف تخليق ڪيو ويو پر ھن اھو زھر جو ڍڪ ان ڪري پي ڇڏيو جو سندس Indemnity (يعني سمورا ڏوھه معاف ڪرڻ) لا ئي ته آئين ۾ ترميم پئي ڪيائون!
جنرل ضياءُ الحق ھوائي جھاز جي حادثي ۾ فوت ٿي ويو ته سندس جاءِ تي سينارٽي ۾ سڀ کان مٿانهون آفيسر جنرل اسلم بيگ جيڪو (Indemnity Law) پاس ٿيڻ شرط ٻئين نمبر تي اچي چڪو هو، سو خودڪار طريقي سان پنهنجي سينارٽي جي ڪري چيف آف دي آرمي اسٽاف ٿي ويو. يعني هيڏي وڏي خطرناڪ حادثي کان پوءِ به هن حساس پوزيشن تي ڪوبه سياسي تڪرار نه ٿي سگهيو. حقيقت ۾ سواءِ جماعت اسلامي جي ٻين سڀني سياسي پارٽين 1985 ۾ ٿيل غير جماعتي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ھو پر تنهن هوندي به نئين فوجي سربراهه جي خودڪار مقرري تي ڪنهن به ھڪڙو لفظ نه ڳالهايو.
ساڳيءَ طرح جڏهن ڪنهن به صوبائي ھائي ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ جو سربراهه رٽائر ٿيندو آهي ته ان لاءِ به ڪا ايڪسٽينشن يا سندس نوڪريءَ ۾ واڌ ڪرڻ جو ڪوبه قانوني جواز نه ھوندو آهي. فوج ۾ پنھنجي پسند جو سپهه سالار مقرر ڪرڻ يا ڪنهن به فوجي سربراهه جي مدي ۾ ٽي ٽي سال واڌ ڪرڻ جا ذميوار فقط ٽي سياسي حڪمران آهن اهي سياسي اڳواڻ ميان نواز شريف، آصف علي زرداري ۽ عمران خان آهن.
آئون سنڌ ھائي ڪورٽ ۽ گڏوگڏ ايف آئي اي ۾ پنھنجي حاضريءَ لاءِ اڱاري ڏينهن کان ڪراچيءَ ۾ ترسيل آهيان. جيئن اڄوڪو ڪالم لکي رهيو ھئس ته سامھون ٽي وي اسڪرين تي اسان جو رٽائر ٿيندڙ فوجي سربراهه جنرل جاويد قمر باجوه ھڪ وڏي الوداعي تقريب ۾ پنھنجن ڇھن سالن جو تجربو، سندس چڱائيون، مٺايون ۽ سياسي اڳواڻن تي سندس ڇتي تنقيد ٻڌڻ ويھي رھيس. جنرل صاحب فرمايو ته 2018 واري اليڪشن ۾ چونڊجي آيل عمران خان جڏهن وزير اعظم ٿيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻن مون تي آر ٽي ايس جي ڪمپيوٽرائزڊ سسٽم سان ھٿ چراند ڪرڻ جو الزام ھڻي چيو ته عمران خان اليڪٽيڊ نه پر سليڪٽيڊ وزير اعظم آهي. ڪجھه سالن بعد جڏھن عمران خان جي مخالفن سندس حڪومت کي بي اعتمادي واري رٿ ذريعي ھٽائي ڇڏيو ته وري ھن به امپورٽيڊ سرڪار چئي، فوجي سربراهه ۽ سڄي فوج کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. باجوه صاحب اھو به چيو ته 1971 ۾ پاڪستان ٽڪرا ڪرڻ جا جوابدار به ان زماني جا سياسي اڳواڻ ھئا. فوج ته بنگلاديش کي بچائڻ لاءِ ھزارين قربانيون ڏيئي ڇڏيون. ٽيليويزن چئنلز تي رٽائر ٿيندڙ آرمي چيف جي انھيءَ تقرير تي جيڪا ٽيڪا ٽپڻي ٿي، ان ۾ حڪمران پي ڊي ايم کان سواءِ باقي پارٽين جا مکيه رھنما ۽ وڏا معتبر سياسي تجزيو ڪندڙ ٻڌم جن جي ڳالهين جو تت ھي آهي ته 1970 کان وٺي اليڪشن ۾ اسٽيبلشمينٽ ڄنگھه نه اڙائي ھا ته ملڪ جو ڏيوالو نه نڪري ھا.
جيتري قدر بنگلاديش ٺهڻ ۽ پاڪستان ٽٽي ٽڪرا ٿيڻ جو الزام آهي ته ٻڌايو ته اڪثريتي پارٽي عوامي ليگ کي اقتدار منتقل ڪرڻ جو اختيار جنرل يحيٰ خان وٽ ھو يا ذوالفقار علي ڀٽو وٽ؟
)پورو ٿيو)