ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

زيڊ جنريشن

Editorial-Article-Ishaq Mangrio

ملڪي تاريخ ۾ هي پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته وڏي ڄمار وارا ننڍي ڄمار کان سکڻ لاءِ پريشان ٿيندي ڏٺا ويا آهن. تمام گهٽ اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي وڏي ڄمار رکڻ جي باوجود آءِ ٽي جي مامرن کان ڀرپور آگاهي رکندڙ هوندا. سنڌي سماج ۾ ته اهڙا ڏاها سڏيا ويندڙ جيڪي هڪ کان وڌيڪ يونيورسٽين جا وي سي به رهيا هجن ۽ ڪيترن ئي ادارن جا سربراهه الڳ رهيا هجن. پر سندن صدارتي تقريرن موجب “مون کي پنهنجو پوٽو آچر جي ڏينهن مون وٽ آيل ايس ايم ايس پڙهي ڏيندو آهي.” اهڙي ريت آءِ ٽي جي حوالي سان وڏي ڄمار وارن وڏن ڏاهن کي پنهنجن گهٽ پڙهيل پوٽن ۽ ڏوهٽن کان آءِ ٽي جا معاملا سمجهڻ کان وٺي واٽس ايپ ميسيج، وائيس ميسيج يا وڊيو ميسيج ڪرڻ ۽ پڙهڻ لاءِ انهن ئي ٻارن کان سکڻو پوي ٿو. جڏهن ته ايس ايم ايس ۽ ان باڪس ميسيج پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ پڻ پوٽن ۽ ڏوهٽن کان سمجهڻو پوي پيو. فوٽو ڪڍڻ، سيلفي ڪڍڻ ۽ ان لائين رکڻ وارا مامرا به سمجهڻا الڳ معاملا آهن. هاڻ بزرگ ٻارن کي ور وڪڙ وارو ليڪو ڪڍي اهو ڪونه ٿا پڇن ته ٻڌايو هيءَ ڇا آهي. پوءِ ٻارن کي ٻڌڻو پوندو آهي ته “ڍڳي به ڪونه ٿو سڃاڻين.؟”
رپورٽ آهي ته پاڪستان ۾ ساڍا نو ڪروڙ واهپيدار انٽرنيٽ جو استعمال ڪندڙ آهن. پنج ڪروڙ پاڪستاني فيس بوڪ استعمال ڪن ٿا. پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته نيٽ ذريعي سمارٽ فون تي واهيپدارن جو انگ وڌائڻ لاءِ ملڪ جي ماڻهن کي ينڊ رائيڊ وارا سيٽ آسان قسطن تي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وقت سر قسط جي ادائگي نه ڪندڙن جو ڪنيڪشن بند ڪيو ويندو. هڪڙي رپورٽ اها به آهي ته 1990ع کان پوءِ پيدا ٿيندڙ نئين نسل کي زي برانڊ سڏيو وڃي ٿو. هي اهو نسل آهي، جنهن ڄمندي ئي ڪمپيوٽر، موبائل ۽ ڊجيٽل ڊوائسز وارا رانديڪا پنهنجي ماحول ۾ ڏٺا. هن وقت ملڪ جي آباديءَ جو 64 سيڪڙو نوجوانن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ انهيءَ آبادي جو پنجاهه سيڪڙو زيڊ جنريشن سان واسطو رکندڙ آهي. هيءَ اهو نسل آهي، جنهن جي گهر ۾ ڀلي اٽو موجود نه هجي، پر ان لاءِ انٽرنيٽ جو بيلنس هجڻ آڪسيجن وانگر ضروري آهي. ان ڪري پاڪستان جهڙي جمهوري ملڪ جي اهڙي شهرين کي جديد گهرجن واري سهولت کان وانجهو رکڻ حڪمرانن لاءِ ڪو گهڻو سولو نه هجڻ گهرجي.
گگ ٽيڪنالاجي:
جديد ٽيڪنالاجيءَ جي اچڻ کان پوءِ گگ ايڪانامي جي صورت ۾ هيءَ معيشت جي نئين شڪل آهي. اهڙا واهپيدار گهر ويٺي پنهنجي اسائمينٽ وٺن ٿا ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ گهران يا ڪنهن به هنڌان ويهي آئوٽ سورس ڪم پورو ڪري ڏين ٿا. اهو ڪاروبار ۽ روزگار جي نئين فنامنا طور سامهون آيو آهي. جنهن ڪووڊ-19 کان پوءِ بيروزگار ۽ غربت جي لڪير کان هيٺ ايندڙ ماڻهن لاءِ روزگار جا نوان گس ڳولي ڏنا آهن. هن وقت ڏينهون ڏينهن ڊجيٽل پليٽ فارمز عالمي سطح تي تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن. جنهن کان پوءِ ڪم ڪرڻ جي نوعيت ئي تبديل ٿي وئي آهي. هن وقت مارڪيٽ ۾ گهٽ آمدني وارا ورڪر پنهنجي روزي روٽيءَ جي لاءِ اهڙي پليٽ فارم کي ڀرپور انداز ۾ استعمال ڪري رهيا آهن. اهڙا ورڪرز اي ڪامرس پليٽ فارمز ۽ سوشل ميڊيا ذريعي غير رسمي آن لائين ڪامرس ذريعي سامان پهچائڻ لاءِ هڪڙي کنڊ کان ٻئي کنڊ تائين ڊليوريز پهچائين ٿا. جيڪي ڊالرز، پائونڊ ۽ يورو ۾ رقم وصول ڪن ٿا. هڪڙي ڪاٿي موجب پاڪستاني ماڻهو هر سال اٽڪل 60 ڪروڙ ڊالرز گهر ويٺي اي ڪامرس يا ڊجيٽل پليٽ فارمز ذريعي ڪمائي رهيا آهن. پر پاڪستان ۾ ڊجيٽل ايپ ٺاهيندڙ ۽ اهڙي ڪم لاءِ نوجوانن کي اتسائيندڙ انڊس سيليڪان جي علي حسن ملاح جو چوڻ آهي ته پاڪستان جا شهري 60 ڪروڙ ڊالرز کان وڌيڪ ساليانو ڪمائيندڙ آهن. پر اهڙو ڪاٿو لڳائڻ ان ڪري مشڪل آهي، ته پاڪستان ۾ ڊجيٽل پيمينٽ حاصل ڪرڻ وارو پي پال گيٽ وي موجود نه آهي. ان ڪري پاڪستاني شهري ڊجيٽل پيمينٽ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪ کان ٻاهر پنهنجي رجسٽريشن ڪن ٿا. پاڪستان جو ڳاڻيٽو فري لانسنگ ۽ سوشل ميڊيا ذريعي روزگار ڪندڙ ملڪن ۾ پنجين نمبر وارو ملڪ چيو وڃي ٿو. جڏهن ته پهرين نمبر تي انڊيا ۽ آمريڪا، ٽئين نمبر تي يوڪرين ۽ چوٿين ۽ پنجين نمبر تي پاڪستان ۽ بنگلاديش اچن ٿا. ڊجيٽل ڪامرس جي مارڪيٽ ٺهڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ عورتن کي پڻ ڊجيٽل ڪاروبار ۾ شامل ٿي روزگار ڪمائڻ وارو اهم ذريعو مهيا ٿيو آهي. ڊجيٽل ڪاروبار ڪندڙ نوجوان عورتون ۽ مرد ڪٿي انٽرويو ڏيڻ ۽ پنهنجي سي وي موڪلڻ جي ضرورت محسوس نٿا ڪن. اهڙي ڪاروباري فنامنا کي عوامي سطح تي قبول ڪرڻ وارو مرحلو سماجي طور تي هلندڙ آهي. سڄي رات جاڳي سوشل ميڊيا تي گذاريندڙن کي اڳ ۾ سندن گهرن ۾ چٻرو سڏيو ويندو هو. هاڻ اي ڪامرس کان پوءِ اهڙا نوجوان ڪمائو پٽ ۽ ڌيئرون بنجي ويا آهن. علي حسن ملاح سنڌ جي پنجن يونيورسٽين واري شهر ڄامشورو واسي آهي. هو پنهنجي سوچ ۽ وت آهر سنڌ جي نوجوانن کي ڊجيٽل ڪامرس ۽ ايپ ٺاهڻ واري ڪم ۾ مصروف رکي ٿو. جيتوڻيڪ آن لائين ايجوڪيشن سسٽم کي ڪووڊ-19 ۾ خصوصي هٿي ملي آهي. پر علي حسن ملاح سنڌ جي يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن تي سخت تنقيد ڪندڙ آهي. هن جو چوڻ آهي ته ڪووڊ-19 دوران آن لائين جيڪي ڪلاس ورتا ويا، اهي سمورا ڪلاس يونيورسٽين جي آفيشل يو ٽيوب چينل تي رکڻ گهرجن ها، پر اهڙا ليڪچر موجود نه آهن.
گلوبل ميڊيا اينڊ انفرميشن لٽريسي ((GMIL:
گڏيل قومن جي سهڪار سان اي ڪامرس ۽ ڊجيٽل ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ لاءِ آفريڪا جي ملڪ نائجيريا ۾ گذريل مهيني گلوبل ميڊيا اينڊ انفارميشن لٽريسيءَ جو هفتو ملهايو ويو آهي. هن وقت انساني حقن ۾ گلوبل ميڊيا اينڊ انفارميشن لٽريسيءَ جو شمار پڻ ڪيو ويو آهي. جنهن جي ذريعي دنيا جي هر شهريءَ کي نيٽ تائين رسائي تي زور ڏنو ويو آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ پڻ هر هنڌ نيٽ جي پهچ موجود نه آهي. ان ڪري انساني حقن جي حاصلات لاءِ ڪم ڪندڙن جو زور آهي ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين نيٽ جي پهچ کي يقيني بنايو وڃي. ساڳي ريت ملڪ جي تعليمي ادارن جون لائبرريون ۽ ڪتاب گهر پڻ آن لائين ڪرڻ تي زور ڏنو وڃي پيو. ان ڪري اڄ جي دنيا ۾ سمارٽ فون ۽ ليپ ٽائيپ شاگردن کان وٺي عام روزگار ڪندڙن لاءِ سوشل ميڊيا جي سهولت ڏيڻ کان وٺي آفيس جو اهم اوزار پڻ آهن. هن وقت ملڪ جي بينڪاري هونءَ ئي ڊجيٽل آهي. جڏهن ته نادره، سي بي آر پڻ ڊجيٽل سسٽم سان ڳنڍيل آهن. ساڳي ريت ملڪ جي پوليسنگ سسٽم پڻ فارنزنڪ ذريعي انويسٽيگيشن ڪري ٿو. ان ڪري ميڊيا يا ملڪ جي ٻين شعبن ۾ ڊجيٽلائيزيشن عام بنجي چڪي آهي ته ڪاروباري طور تي اي ڪامرس ڇو نه؟ پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا جي اثر رسوخ وڌڻ کان پوءِ مين اسٽريم ميڊيا ۾ بحران پيدا ٿيو ۽ وڏي انگ ۾ صحافي ۽ ٻيو ٽڪنيڪل عملو بيروزگار ٿيا. پر سوشل ميڊيا ۽ يوٽيوب وي لاگرز ذريعي اهڙا ماڻهو وڌيڪ بهتر ڪاروبار ڪرڻ لڳا آهن. ان ڪري نيٽ، ڪمپيوٽر ۽ سمارٽ فون جي وڌندڙ لاڙِي کان پوءِ ڪاروبار جا نوان انداز پڻ سامهون آيا آهن. جن ۾ اڳڀرائي حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button