ملڪ ۾ سياسي بحران ۽ معاشي بحران ختم ٿيڻ جو نالو به نٿو وٺي، ماڻهو جو معيار زندگي ٻڙي ٿي ويو آهي. اهو معاشي بحران هاڻ ختم به نٿو ٿي سگهي. جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ پئسن کان محروم طبقي ۾ ڏينهن به ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. امير ۽ غريب ۾ نڪتل لڪير هاڻ ڪنهن کان ڳجهي نه رهي آهي. جنهن لڪير جو ذڪر ماهر معشيتدان ڪندا پئي آيا آهن. ملڪ ۾ پئسي روپئي جو ملهه نه رهيو آهي. هتي ملڪ ۽ سنڌ ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ عام استعمال جي شين جي وڌندڙ قيمتن کي ٻنجو ڏيڻ لا ادارا پڻ جڙيل آهن. جتي گزيٽيڊ ڪامورا مقرر ٿيل آهن. جن ڪڏهن به عام شين جي وڌندڙ قيمتن تي ڪنٽرول نه ڪيو آهي. جيڪي ادارا ۽ ڪامورا رڳو نالي سان ئي موجود آهن باقي ڪم ۽ عمل ڳولي به نه لڀندو. حيدرآباد سميت سمورن شهرن ۾ گوشت، ڀاڄين، فروٽ، آنن، بيسڻ، دالين، اٽي، کير ۽ چانورن جي وڌندڙ قيمتن عوام کان سڪون کسي ورتو آهي. هر نئين روز شيون جون قيمتن جو وڌڻ روز جو معمول بڻيل آهي.
ساڳئي وقت ٻاهران گهرايل ۽ ايمپورٽ ٿيل سامان جي قميت 2 سئو سيڪڙو وڌي وئي آهي. ڪنهن به دڪان يا مارٽ تي وڃي ٻن کان ٽن يا هڪ سال دوران هڪ به شئي کڻي ان جي قيمت پڇا ڪنداسين ته حڪمرانن، ڪامورن، صعنتڪارن ۽ واپارين جا اڇا ڪارا ڪرتوت اچي پڌري پٽ پوندا. سماج ۾ هنن پرتن ۽ طبقن کي وڌيڪ طاقتور بڻائڻ لا ننڍا ادارا ۽ چيمبرس به ٺاهيا ويا آهن. دڪاندارن، بازارن، اليڪٽرانڪ مارڪيٽس، موبائل، آٽو موبائل مارڪيٽ يا انڊسٽري ۾ ڪير هٿ تي وجهي ڏسي پاڻهي خبر پئجي ويندي ته ان جي رڙ ڪٿان ٿي نڪري. ان ڪري اهي انڊسٽريون پنهنجي مرضي جي پروڊڪٽ آڻي ۽ قيمت وڌائي عام ماڻهو کي ذهني مريض بڻائي رهيون آهن. بيمارين جون دوائون 100 سيڪڙو مهانگيون ٿي چڪيون آهن. زرعي دوائن ۽ ڀاڻ جون قيمتون به آسمان تي پهتل آهن. گاڏين، ڪارن ۽ اسڪوٽرن جي مارڪيٽ جو ڪير چڪر لڳائي يا آن لائين قيمتون ڏسي ته ڇرڪ نڪري ويندو. ساڳئي وقت گهرن جي تعميرات جو سامان هجي يا ڪپڙي سميت ڪا به صعنت هجي ان جي قيمتن کي رياست به هاڻ ڪنٽرول نٿي ڪري سگهي.
هنن سمورن ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرز جي معيار زندگي ڏسجي ٿي ته اهو نٻل جسم ۾ نپوڙجي محنت وڪڻڻ جي قابل به نه رهيو آهي. هن مارڪيٽ ۾ خريدار به اهو ئي طبقو آهي. جنهن جي زندگي ۾ ڪڏهن به بهتري ۽ سڌارو نه آيو آهي. سماج ۾ ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار عروج وٺي چڪو آهي. عام مزدور، رازي جي هٿ جي محنت کان وٺي جديد مشينري به هن ڪاروبار کي تيز ڪيو آهي. هاڻ ڏسون ٿا ته حيدرآباد ۾ اڳ ۾ 5 کان 6 ماڙ عمار هونديون هيون، هاڻي 10 کان 12 ماڙ عمارتن جي ڀرمار ٿي وئي آهي. هنن عمارتن جي تعميرات ڪندڙ پورهيتن سان ڪو صحافي ڪچهري ڪري ته سندس بي گهر ٿيل زندگي تي نوحو لکي سگهجي ٿو. اهي بي گهر ماڻهو هاڻ لکين بدران ڪروڙين ۾ شمار ٿيڻ لڳا آهن. جيڪي هر وقت وڌندڙ مهانگائي کي برداشت ڪري رهيا هوندا آهن. هن وقت مارڪيٽون ۽ مهانگيون بازارون عوام لا مسرت خوشي نه پر نفرت جو باعث بڻجي رهيون آهن.
گذريل ڏينهن خبر رپورٽ ٿي آهي ته شماريات کاتي ٻڌايو آهي ته هڪ هفتي دوران پاڪستان ۾ 19 شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي. جڏهن ته 9 شين جي قيمتن ۾ لاٿ آئي آهي. هفتي دوران بصر جي في ڪلو قيمت چار روپيا 48 پئسا، کنڊ جي في ڪلو اگهه ۾ هڪ رُپيو ويهه پئسا، پٽاٽن، تازي کير، چانورن، ٿوم، گوشت جي اگهن ۾ پڻ رڪارڊ واڌ سامهون آئي آهي. هڪ هفتي دوران آنن جي في ڊزن اگهه ۾ 21 رُپيا 50 پئسا واڌ ٿي جڏهن ته جيئري ڪڪڙ 11 رُپيا 60 پئسا مهانگي ڪئي وئي آهي. هفتي دوران ملڪ ۾ هفتيوار بنيادن مهانگائي جي شرح ۾ 0 ڏهائي 48 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. جڏهن سالياني بنيادن تي هفتيوار مهانگائي جي شرح 30 ڏهائي 16 سيڪڙو رهي آهي. ملڪ ۾ گذريل ڇهن هفتن کان مهانگائي جي شرح ۾ واڌ وارو لاڙو ڏسڻ لا مليو آهي. شماريات کاتي اڃا وڌيڪ ٻڌائي ته وڌيڪ شين جو قيمتون آسمان تي پهتل ملنديون.
ساڳئي وقت اسان ڏٺوسين ته گذريل ڏينهن اسٽيٽ بئنڪ طرفان ملڪ ۾ متل مهانگائي جي طوفان جي ضابطي جي دعوا ڪندي وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ ڪئي آهي، جنهن سان پاليسي ريٽ 16 سيڪڙو برقرار رکيو ويو آهي، تازو ٻوڏ دوران آيل نقصان جو کاٿو لڳائڻ به مشڪل آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي طرفان جاري ٿيل پريس بيان مطابق وياج جي شرح انڪري وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته مهانگائي جو دٻاءُ اسان جي سوچن کان کان به وڌيڪ آهي ان ڪري قرض جي شرح ۾ اضافو ڪري مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ مالي استحڪام کي پيش ايندڙ خطرن تي ضابطو آڻڻ آهي. بيان موجب ته ملڪ ۾ معاشي سست رفتاري سبب مهانگائي ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، معاشي سرگرمي ۾ سست رفتاريءَ سان گڏ نجي شعبو به گهڻو متاثر ٿيو آهي. جنهن ۾ پهرين 3 ماهي پاليسي دوران صرف 86.2 بلين رپيا اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ 226.6 بلين جو اضافو سامهون آيو. جڏهن ته مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب انتظامي قدمن سان ملڪي معيشت تي وڏو برو اثر پيو آهي، جنهن ۾ سيمينٽ، پي او ايل، بجلي، گاڏين پيداوار ۾ مسلسل پنجن مهينن ۾ گهٽتائي رهي آهي. برآمدي شعبن ۾ اضافو ٿيو آهي. زراعت مڪمل طور متاثر ٿي تباهه ٿي چڪي آهي. چانورن جي وڏي پيداوار ۾ نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي، ڪپهه، فصل جي مينيوفيڪچرنگ ۽ تعميرات ۾ تيز رفتاري سان هن سال اضافو ڏسڻ لا ملندو. واڌارو ٿيندو. جڏهن ته ملڪ ۾ ڊالر جي قيمت پڻ اضافي حد تائين برقرار آهي. جنهن ۾ ڪجهه لاٿ ٿي آهي. ڊالر جي گهٽ ٿيڻ باوجود شين جا اگهه گهٽ نه ٿيا آهن. اهڙي ريت اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد به چيو آهي ته هڪ ارب ڊالرن جي بين الاقوامي بانڊ جي واپسي جي هڪ ارب ڊالر بانڊ جي ادائيگي مقرر وقت کان اڳ 2 ڊسمبر تي ٿيندي. هڪ ارب ڊالر انٽرنيشنل بانڊ جي ٻيهر ادائيگي مقرر تاريخ کان 3 ڏينهن اڳ 2 ڊسمبر تي ٿيندي. هڪ بريفنگ دوران هن وڌيڪ چيو ته بانڊ جي ادائيگي 5 ڊسمبر تي ڪرڻي هئي، جيڪا مجموعي طور 1.08 ارب ڊالر آهي. پرڏيهي ذخيرن تي اثر نه پوڻ جي تاثر کي يقيني بڻائڻ لا فنڊنگ مختلف ذريعن کان ٿيڻي هئي ۽ امڪان آهي ته فوري طور 50 ڪروڙ ڊالر اڱاري تائين ايشين انفرااسٽرڪچر انويسمينٽ بئنڪ کان ملي ويندا. پاڪستان جي مرڪزي بئنڪ ۾ ذخيرا 18 نومبر تائين 7.8 ڊالر هئا، جيڪي هڪ مهيني جي درآمد لا ڪافي آهن. هن موجب ته ذخيري جي سطح ڊالرن جي امڪاني آمد ۽ دوست ملڪن کان قرض جي فراهمي تي انحصار ڪري ٿي، پر مالي سال جون 2023ع جي پڄاڻي تائين ذخيرن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيندو. پرڏيهي ذريعي کان فنڊنگ وقت تي ٿيندي، ڇاڪاڻ ته بين الاقوامي قرض ڏيندڙن کان به فنڊ ملندا، نومبر ۾ 1.8 ڊالر جي ادائيگي باوجود قومي ذخيرا مستحڪم رهيا. وفاقي وزير اسحاق ڊار بلومبرگ جي انفوگرافڪ دستاويز جاري ڪيا، جيڪي ايمرجنگ مارڪيٽس ۾ ڏيوالپڻي ٿيڻ جي شرح جي لاڳت لڳائي وئي آهي. هن چيو ته اداري پاڪستان جي ڏيوالپڻي جي هڪ سال جي شرح جاري ڪئي آهي، جيڪا 10 سيڪڙو جي گهٽ سطح تي آهي، جيڪا ڪجهه ڏينهن کان پاڪستان ۾ سياستدانن پاران پکيڙي ويندڙ شڪي 93 سيڪڙو انگ اکرن کان بلڪل ابتڙ آهي. اسان ڏسون ٿا ته هي حڪمران ۽ رياست جا نمائندا به هڪ معاشي بحران کان منهن نٿا موڙي سگهن. اهو بحران هاڻ رياست ۾ داخل ٿي چڪو آهي. جنهن جي هڪ شڪل سياسي بحران جي صورت ۾ اسان جي سامهون آهي. جنهن جو وري اثر معيشت تي به پئجي رهيو آهي. پاڪستان کي گري لسٽ مان نڪرڻ تي پڻ معاشي ماهرن بيانيا پئي ڏنا ته عالمي سرمائيدار هاڻ آساني سان هتي اچي ڪاروبار ڪري سگهندو ۽ بينڪون پڻ آساني سان ٽرانزيڪشن ڪري سگهنديون. ان گري لسٽ مان آجپي باوجود معيشت پنهنجي پيرن تي نه بيهي سگهي آهي. تازو مها ٻوڏ دوران عالمي مالياتي ادارن ۽ ڊونرز فنڊز به ڏيڻ شروع ڪيا آهن. ان لا شين جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ سان ئي سماج کي تڪليفن کان بچائي سگهجي ٿو. ٻي صورت ۾ هڪ انارڪي جي فضا به هلي رهي آهي. جيڪا سمورن ادارن جو به ستياناس ڪري ڇڏيندي.