ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نئين گئس پاليسي جو مطالبو

Editorial

ملڪ ۾ جيڪي به معدني وسيلا موجود آهن، انهن وسيلن جو گهڻي ۾ گهڻو حصو پتي سنڌ ۾ موجود آهي. سنڌ گئس، ڪوئلي، تيل ۽ ٻين معدني وسيلن ۾ باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پاڻڀري آهي، پر تنهن هوندي به سنڌ کي انهن وسيلن مان ايتري آمدني موٽ ۾ نٿي ملي. سنڌ جي گئس هجي يا ڪا ٻي معدنيات هجي، ان جو گهڻو استعمال سنڌ بدران ٻين صوبن ۾ وڌيڪ ٿيندو آهي. نتيجي ۾ نه رڳو سنڌ جا ماڻهو اها شڪايت ڪن ٿا ته انهن سان نا انصافي ٿي رهي آهي پر اهي اهو پڻ چون ٿا ته ان غير منصفاڻي ورڇ کي بهتر ڪيو وڃي. جيڪو صوبو جيڪا به معدنيا پيدا ڪري ٿو، ان تي پهريون حق ان جو آهي ۽ ان کي ئي وڌيڪ حصو پتي ملڻ گهرجي پر هن وقت تائين اسين ڏسندا پيا اچون ته وفاق ۽ پنجاب سنڌ جي وسيلن تي قابض آهن. جنهن ڪري ماڻهن ۾ احساس محرومي به آهي ته وسيلن جي بهتر نموني ورڇ نه هجڻ ڪري، انهن کي سهولتون به ڪونه ملي رهيون آهن. ارڙهين ترميم اچڻ کان پوءِ به وسيلن جي ورڇ وارو مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي ۽ وفاق صوبن جي وسيلن تي ڌاڙا هڻي رهيو آهي ته پوءِ ارڙهين ترميم جو ڪوبه فائدو ناهي. ڇاڪاڻ ته ارڙهين ترميم ۾ به گئس جي ورڇ جو فارمولو بيان ڪيل آهي. پر هن وقت تائين اسين رڳو ڪاغذن ۾ ارڙهين ترميم کي پڙهي رهيا آهيون. گئس جي غير منصفاڻي ورڇ کي نظر ۾ رکندي. سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ حڪومت کي خط لکيو آهي. جنهن ۾ هن نئين گئس پاليسي جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ وفاقي حڪومت کان صوبن لاءِ نئين گئس پاليسي ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. امتياز شيخ پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ کي خط لکي صوبن لاءِ نئين گئس پاليسي ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سنڌ جي توانائي واري وزير پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته وفاق سنڌ حڪومت جي مشاورت سان نئين سر گئس پاليسي ٺاهي ۽ وفاقي ريگيوليٽري ادارن ۾ صوبي جي نمائندگي يقيني بڻائي وڃي. امتياز شيخ چيو آهي ته سنڌ مان گئس جي پيداوار هر ڏينهن 2111 ايم ايم سي ايف ڊي آهي، صوبي کي گئس جي گهرج 1600 کان 1700 ايم ايم سي ايف ڊي آهي، جڏهن ته سنڌ کي رڳو 700 کان 800 ايم ايم سي ايف ڊي فراهم ڪئي ويندي آهي. توانائي واري وزير خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته ملڪ ۾ گئس جي پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 62 ڏهائي30 سيڪڙو، تيل جي پيداوار ۾ 35 ڏهائي 89 ۽ بجلي ۾ 20 ڏهائي 52 سيڪڙو آهي.
سنڌ جيڪڏهن گئس جي مد ۾ وڌيڪ پيداوار ڏئي رهي آهي ته پوءِ ان کي موٽ ۾ گئس به گهڻي ملڻ گهرجي پر هتي ته قصو ئي ابتو لڳو پيو آهي، هن وقت تائين نه رڳو سنڌ سان اها ناانصافي جاري آهي پر ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ به وفاق ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪڏهن پنجاب جا ڪي به معدني وسيلا آهن ته انهن تي پهريون حق اتان جي ماڻهن جو آهي پوءِ ملڪ جي ٻين صوبن جو آهي پر پنجاب پنهنجن وسيلن جي حوالي سان مقامي ماڻهن جو خيال رکندڙ پاليسيءَ تي عمل ڪندو آهي، جڏهن ته ٻين صوبن جي وسيلن تي هو سدائين اکيون رکيو ويٺو هوندو آهي. سياري جي مند شروع ٿيڻ کان پوءِ سنڌ واسين لاءِ گئس ڄڻ هوندي ئي ناهي، گئس جي لوڊشيڊنگ جو سلسلو هلندو رهندو آهي ۽ ماڻهو پريشان ٿيندا رهندا آهن. پر ڇا اهو ڪو اهڙُو مسئلو آهي، جيڪو حل نٿو ٿي سگهي. تنهنڪري سنڌ حڪومت جيڪو موقف خط وسيلي پيش ڪيو آهي، ان تي ڌيان ڌرڻ جي ضرورت آهي. ان تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي ضرورت آهي ۽ ان معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي صلاحن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاق اها ڳالهه سمجهڻ لاءِ تيار ڇو ڪونهي ته سنڌ جي گئس مان جيڪڏهن سنڌ واسين جي پورت نه پئي ٿئي ته اهو وڏو مقدار پنجاب کي ڇو فراهم ڪري.
اسين سمجهون ٿا ته ايندڙ وقت ۾ سنڌ ۾ گئس جو اڃا به وڏو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. تنهنڪري ان مسئلي کي منهن ڏيڻ ۽ حل ڪرڻ لاءِ گئس جي نئين پاليسي اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو وڃي. گئس جي ورڇ جو اهُڙو فارمولو طئي ڪيو وڃي، جنهن سان سنڌ جي ماڻهن کي گئس جي پيداوار وڌ کان وڌ استعمال ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي. ٻي صورت ۾ سنڌ گئس کان محروم ئي رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button