ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوامي پارٽيءَ جو يوم تاسيس

Editorial-Article- Pasha Qazi

هي 50 سال پراڻي ڳالهه آهي ته 30 نومبر 1967 تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لاهور ۾ غريب عوام لا پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو. پاڪستان جي تاريخ ۾ ائين اڳ ڪڏهن ڪونه ٿيو جو ڪنهن پارٽيءَ ۾ عوامي نظرياتي ۽ انقلابي منشور ڏنو ويو هجي، جيڪو عوام جي دلين جو آواز بڻجي وڃي. هن پارٽيءَ جي منشور جو بنيادي نقطو ۽ فلسفو. اٽو، لٽو ۽ اجهو هو. ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪرشماتي ۽ انقلابي منشور غريب عوام ۾ اهڙو ولولو پيدا ڪيو جو ٽن سالن اندر 1970ع جي چونڊن ۾ روايتي جماعتن ۽ سياستدادنن جون ضمانتون رد ٿي ويون. ان سان گڏ پاڪستان پيپلز پارٽي اولهه پاڪستان ۾ پڻ اڪثريت حاصل ڪئي ۽ سقوط ڍاڪا کان پو وفاق، پنجاب ۽ سنڌ ۾ حڪومتون ٺاهيون.
ذوالفقار علي ڀٽي شروعاتي ٻن سالن ۾ پارٽي منشور تي دل سان عمل ڪيو ۽ انقلابي بهتري عمل ۾ آندي. 1973ع ۾ گڏيل آئين ڏنو، ڪامياب اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪرائي، ايٽمي صلاحيت جو بنياد رکيو ۽ سڀ کان وڏو ۽ اهم ڪم عوام کي سندن حقن بابت شعور ڏنو. ملڪي ترقي دوران اسٽيٽسڪو جا حامي، اندروني ۽ پرڏيهي قوتون شهيد ڀٽي جي مقبوليت ۽ سندس انقلابي خيالن کان گهڻو خوفزده ٿي ويون، جن هڪ سازش تيار ڪري شهيد ڀٽو جي مخالف پارٽين ۽ طبقن کي متحد ڪري سندس چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو ۽ 5 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياءُالحق آمريڪا جي پٺڀرائيءَ سان نه رڳو پاڪستان ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي، پر 4 اپريل 1979ع تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي جي تختي تائين آندو. اهو فيصلو پاڪستان جي سياست، جمهوريت ۽ ملڪي استحڪام لا وڏو بدقسمت فيصلو ثابت ٿيو. هن واقعي جا اثر اڄ به پاڪستان ۾ نظر اچي رهيا آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي سياسي سفر جي پڄاڻيءَ تي قيد دوران پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو ته جيستائين طبقاتي جدوجهد ذريعي عوامي انقلاب آڻي رياست تي عوام جي بالادستي قائم نه ڪئي ويندي، پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن نه ويندو. شهيد ڀٽي کان پوءِ ضيا دور جا 11 سال پ پ قيادت ۽ جيالن لا وڏي آزمائش جا رهيا. جبر جي هن ماحول ۾ قربانين جو لازوال داستان لکيو ويو، پر پ پ کي ختم ڪرڻ جو خواب پورو نه ٿيو.
شهيد بينظير ڀٽو جي دلير قيادت رنگ لاتو ۽ 1988ع جي چونڊن ۾ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو بڻجي وئي. اهو اسلامي دنيا ۾ وڏو معجزو هو، پر شهيد راڻيءَ کي به اقتدار کان ڌار ڪيو ويو، هو ٻيون ڀيرو به ملڪ جي وزيرعظم بڻي ۽ عوام لا ڪيترائي لاجواب ڪم ڪيا، جن جو دنيا ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. ملڪي معيشت کي مضبوط ڪرڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ غريب عوام جي وچ ۾ اچي مسئلا معلوم ڪرڻ وارين صلاحيتن سبب شهيد راڻي 30 سالن تائين عوام تي ڇانيل رهي. 27 ڊسمبر 2007ع تي لياقت باغ راولپنڊيءَ ۾ کيس به شهيد ڪيو ويو، اهو ملڪ لا ٻيون وڏو نقصان هو، جنهن کان پوءِ آصف زرداري پ پ جي قيادت سنڀالي ۽ ثابت ڪيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام ۾ اڃا وڌيڪ مقبوليت ماڻي چڪي آهي، جنهن جو مثال پ پ جي اقتدار ۾ اچڻ مان ثابت ٿيو، ان عرصي دوران زرداريءَ جي دور ۾ نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون ويون، عورتن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت رقم ورهائي سندن مالي مدد ڪئي وئي. قانون جي بالادستي، عوام کي تڪڙي انصاف جي فراهمي، ملڪي معيشت جي مضبوطي ۽ مهانگائي تي ضابطي لا انقلابي قدم کنيا ويا. آصف زرداري وڏو عرصو جيل ۾ رهيو، ان ڪري شهيد راڻي بلاول ڀٽو زرداري جي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏنو ته جيئن بلاول ٻيون ذوالفقار علي ڀٽو ثابت ٿئي.
بلاول ڀٽو زرداري هيستائين جيڪا سياست ڪئي آهي، ان کي ڏسي عوام جو خيال آهي ته ان ۾ قيادت جي خداداد صلاحيتون موجود آهن، جنهن جو بلاول ڀٽو زرداري ڪيترائي ڀيرا مظاهرو به ڪري چڪو آهي. حڪومتي ۽ اپوزيشن ليڊر به بلاول ڀٽو زرداري جي قائداڻين صلاحيتن جو اعتراف ڪري چڪا آهن. عمران خان پنهنجي حڪومتي دور کان اڳ عوام کي فائدا ڏيڻ لا ڪيترائي اعلان ڪيا، پر اقتدار ملندي ئي هن پنهنجو اصل چهرو ڏيکارڻ شروع ڪيو. هن سمورن لوٽن کي وزارتون ڏئي عوام مٿان مسلط ڪيو، جن اڳ ۾ عوام جي ڀلائيءَ لا ڪڏهن به ڪجهه نه ڪيو. بيروزگاري، غربت، صحت ۽ ملڪي معيشت سميت ٻيا اهم معاملا سنڀالڻ بدران هن پاڪستان پيپلز پارٽي سميت مخالف ڌر جي اڳواڻن کي ڪرپٽ ۽ چور ثابت ڪرڻ لا خزاني جا منهن کولي ڇڏيا ۽ نيب کي استعمال ڪيو. هن ايف آءِ اي کي به مخالف ڌر جي اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ لا استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جو اعتراف اڳوڻو ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ ڪري چڪو آهي. عمران سرڪار ۾ سنڌ اندر آفيسرن کي نيب هٿان گرفتار ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، اسٽيل مل مان 13 هزار کان وڌيڪ ملازم ڪڍيا ويا، عام کاڌي پيتي جي شين سميت پيٽرول، بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌايا ويا. عمران خان عوام کي اهو ڏيکارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ته هو ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي وٺي وڃي رهيو آهي، پر عمران خان خاموشيءَ سان پرڏيهه مان مليل قيمتي تحفا پاڻ گهر کڻي ويندو رهيو. اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جو غريب عوام وڌيڪ عذاب ڀوڳڻ تي مجبور ٿي ويو، عوام کي پريشان ڏسي آصف علي زرداري مخالف ڌر جي پارٽين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ۽ پي ڊي ايم جو بنياد رکرايو، جنهن ذريعي عمران سرڪار جي خاتمي لا ڪوششون ڪيون ويون، پر ڪجهه معمولي رنجش سبب پ پ پي ڊي ايم کان ڌار ٿي وئي، ان ڪري پي ڊي ايم ڪا بهتر عملي جوڙي جدوجهد کي اڳتي وٺي نه وڃي سگهي، نيٺ مخالف ڌر جي اڳواڻن آصف زرداري ڏانهن نظرون ڪيون، جنهن ٻيهر سياسي ميدان ۾ لهي عمران خان کي گهر موڪلي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ آصف زرداري پنهنجي جدوجهد جو ڦل پاڻ کڻڻ بدران نواز ليگ کي ملڪ جون واڳون سنڀالڻ جي دعوت ڏني ۽ شهباز شريف کي گهربل ووٽ ڏياري وزيراعظم چونڊرايو.
شهباز حڪومت ۾ سندس پٽ ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزير آهي، جنهن سنڌ اندر مها ٻوڏ دوران سنڌ سرڪار ذريعي صورتحال جي نگراني ڪئي ۽ سندس ئي اپيل تي ڪجهه ڪلاڪن ۾ دنيا ٻوڏ متاثرن لا ڪروڙين ڊالر امداد ڏئي ڇڏي، اها سندس سياست بسيرت جو هڪ انداز آهي، جنهن جي ڪري ڪيترن ئي ملڪن ٻوڏ متاثرن جي مدد لا اڳتي اچي ڪردار ادا ڪيو. بلاول ڀٽو زرداريءَ جي عوام کي سهولتون ڏيڻ واري پاليسي تحت ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪئي وئي آهي. هاڻ پ پ ٻوڏ متاثر ماڻهن کي گهر ٺهرائي ڏيڻ واري اعلان تي ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي سروي آخري مرحلي ۾ داخل آهي. ملڪ جي آزاديءَ کان وٺي اڄ تائين سياسي پارٽين جي ڪردار، قول، فعل، پاليسي ۽ منشور جو جائزو ورتو ويندو ته انهن سمورين پارٽين مان هڪ ئي پارٽي عوام جي بهتري لا نظر ايندي، اها آهي پاڪستان پيپلز پارٽي، جيڪا حڪومت ۾ هجي يا مخالف ڌر ۾ هجي، هر دور ۾ عوام جي حقن ۽ تحفظ لا جدوجهد ڪئي آهي. پيپلز پارٽي ئي صحافت توڙي عدليه جي جدوجهد ۾ سڀ کان اڳتي رهي، ان جو مثال به اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني پاران نظربند ڪيل چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي آزاد ڪرڻ واري اعلان مان ملي ٿو. سڄي ملڪ سميت سنڌ اندر پ پ صحافين جي تحفظ ۽ حقن لا قانونسازي پڻ ڪئي آهي. پ پ ايوب خان جي دور ۾ وجود ۾ آئي، پر ڪڏهن به آمريت جي حمايت نه ڪئي، ايوب دور کان وٺي اڄ تائين پ پ کي ختم ڪرڻ جو سازشون جاري آهن، پر عوام جي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو اڄ 55 هون يوم تاسيس آهي، عوام پاران رڪ جي ديوار بڻجڻ سبب پ پ کي ڪير به ختم نه ڪري سگهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button