ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پيپلز پارٽيءَ جي حاصلات

Editorial-Article- Ali Muhammad Memon

اڄ 30 نومبر 2022ع تي پيپلز پارٽي جي قيام جا 55 سال مڪمل ٿي رهيا آهن ۽ اڄوڪي ڏينهن پارٽي جو 55 هون يوم تاسيس سموري ملڪ ۽ دنيا جي ملڪن ۾ پڻ هڪ ئي وقت ۾ملهايو پيو وڃي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس جو مرڪزي جلسو اڄ شام سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي نشتر پارڪ ۾ ٿي رهيو آهي. جنهن کي پارٽي جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻن پاران خطاب ڪرڻ ۽ ملڪ ۽ جمهوريت لا پنهنجين خدمتن جي اڌ صدي جي جدوجهد، قربانين ۽ حاصلات جو پوتا ميل ۽ حساب پڻ پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ مستقبل جي رٿابندي ۽ فيصلن بابت پڻ يقينن اعلان ڪرڻ جو هي وقتائتو موقعو پڻ آهي. ملڪ جي جمهوريت پسند پروانن ۽ جيالن جي هن وڏي ميڙاڪي ۾ ملڪ جي هاڻوڪي گنڀيرتا واري سياسي صورتحال تي پڻ يقينن اهم خطاب ڪيا ويندا.
ملڪ جي هاڻوڪي سياسي صورتحال، سياسي اصولن جي سوديبازي ۽ عوام سان واعدن ۽ دعوائن جي ڏينهن ڏٺي نيلامي ۽ ڀڃڪڙين تي يقينن سمورو ڏيهه ڏکارو حيران ۽ پريشان آهي. ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته دلين ۽ روحن جو ڪو قتلام ٿيو هجي، جو اڪثر ڏاها، ڏکارا ۽ انيڪ ساڃهه وند رنج آهن. حساس صحافين ۽ لکارين واري قطار ۾ اسان جا ليک ۽ قلم پڻ سوڳوار آهن. اها ڪهڙي قيامت آهي جيڪا هن ملڪ ۾ڪا پهريون ڀيرو برپا ٿي آهي. يقينن، بزرگن جي ان چواڻي ۾ وڏي سمجهه ۽ رمز آهي ته،”مايوسي ڪفر آهي، هر لهندڙ سج کانپو وري اميدن ڀريو ۽ وڌيڪ روشن سج ضرور نروار ٿيڻو آهي.
ملڪ ۾جمهوريت ۽ طاقت جو سرچشمو عوام ئي آهي، جا نعرا اڳتي وڌي رهيا هئا ۽ ان عوامي هلچل جي نتيجي ۾ملڪ ۾ جمهوريت ۽ عوامي راڄ جو تصور اڀريو. اهڙي ريت، ملڪ ۾ پهريون ڀيرو عوام کي طاقت جو سرچشمو تسليم ڪيو ويو. عوام چونڊون کٽيون ۽ عوام جو محبوب ليڊر ۽ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو پهريون چونڊيل صدر ۽ بعد وزير اعظم ٿيو. اڳتي هلي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي مختصر حڪومت ۾ ملڪ جي منظرنامي تي وڏا ڪم ڪيا ۽ ملڪ کي طاقتور جمهوري مملڪت ۽ عوامي طاقت جو سرچشمو بنائڻ جي راهه ۾ سموري حياتي ارپي ڇڏي ۽ پو پنهنجي ملڪ ۽ عوام تان پنهنجو ساهه به صدقو ڪري ويو. ان دور ۾ ملڪ ۾ صنعتڪاري، زراعت، ڏيهي ۽ پرڏيهي شعبن ۾ تمام گهڻا سڌارا آندا ويا. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ملڪ ايٽمي طاقت حاصل ڪئي. دنيا جي مسلمان ملڪن جي پهرين عالمي سربراهي ڪانفرنس پاڪستان ۾ شاندار نموني ٿي. جنهن جو يادگار سمٽ مينار اڄ تائين پنجاب اسيمبلي هال، لاهور ٻاهران موجود آهي. ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ سندس شريڪ حيات بيگم نصرت ڀٽو، سندس ٻه فرزند مير مرتضى ڀٽو ۽ آخر ۾ سندس عظيم نياڻي ۽ ملڪ جي پهرين خاتون وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو پڻ ملڪ ۾ جمهوريت جو ڏيئو ٻاريو جنهن کي پنهنجي رت سان ريج ڏئي مشعل بڻايو ۽ ملڪ ۾جمهوريت ۽ عوام جي آزادين جا مچ مچائي هن فاني دنيا مان موڪلائي وئي ۽ پنهنجي اولاد بلاول ڀٽو، بختاور ۽ آصفه ڀٽو زرداري جي صورت ۾ هن خاندان جون باقي نشانيون، پنهنجي حصي جا ڏيئا ٻاري رهيا آهن.
ملڪ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ جا ورق اٿلائي ٿا ڏسون ته، اسان کي 50 سال اڳ وارا اهي تاريخي منظر ياد اچن ٿا، جڏهن، ملڪ ۾ هماليا جبل کان به قدآور ۽ ڳاڙهين اکين واري جنرل ايوب خان جي آمريت جو راڄ هو ۽ هن وڏي ڏاڍ ۽ ڏهڪا واري حڪومت خلاف قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي سرواڻي ۾ عوامي هلچل، هٿين خالي سموري ملڪ کي لوڏي رهي هئي ۽ وقت جي ڏونگرن کي ڏاري رهي هئي. اڄوڪي دور وانگر ان وقت ۾ نه ملڪ ۾ ميڊيا جا ايترا زورآور ادارا موجود هئا ۽ نه ئي انهن مان خبرن جا واچوڙا يا طوفان اٿندا هئا. اهڙي ريت نه لائيو ٽي وي چينلز ۽ ايف ريڊيو چينلن جا نيوز بليٽن، بريڪنگ نيوز جا ڪي طوفان هئا ۽ نه ئي مختلف ٻولين ۾نڪرندڙ بيشمار اخبارن جي اشاعت ٿيندي هئي ۽ نه ئي هنگامي حالتن وارا ڪي خاص ايڊيشنز شايع ٿيندا هئا. ملڪ ۾ سرڪاري ٽي وي چينل، سرڪاري اخبارون ۽ دنيا جي ميڊيا ۾ بي بي سي جا اردو بليٽن ۽ سيربين، هندستان جا ريڊيو آڪاشواڻي ۽ سري لنڪا جي ريڊيو سيلون جا اردو نيوز بليٽن خبرن پهچائڻ ۽ ملڪ ۽ دنيا جي حال احوال جا ئي عوامي ذريعا هئا. جنهن تي عوامي اجتماعن، جلسن ۽ جلوسن جا جون خبرون هلنديون هيون. اهڙي ريت، ملڪ ۾ هر ڪو محبتي ماڻهو ۽ سرويچ سورما ۽ سماج سڌارڪ پنهنجي سر، پنهنجي من جي منڊلي مچائڻ کي فرض ۽ قرض سمجهي ڪري رهيا هئا. جنهن جي نتيجي ۾ جنرل ايوب جي حڪمراني ته تبديل ٿي وئي پر سندس جا تي جنرل يحيى خان حڪمران ٿي ويو ۽ ملڪ جي جمهوري جدوجهد وري هڪ نئين مرحلي ۽ ٻي وڏي آزمائش جو شڪار ٿي وئي ۽ اوڀر پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه ۽ سياسي تحريڪن خلاف ڪيل آپريشنن ملڪ کي هڪ نئين تباهي جو شڪار ڪري وڌو ۽ هندستان کي پاڪستان کي ٽڪرا ڪرڻ جو موقعو ملي ويو، جنهن جي نتيجي ۾آخرڪار اوڀر پاڪستان ڌار ٿي الڳ ملڪ بنگلاديش بنجي ويو ۽ هاڻوڪو اولهه پاڪستان پنهنجي جياپي جي جدوجهد شروع ڪئي. ملڪ جي اهڙي قسم جي تباهي واري صورتحال کانپو نيٺ جنرل يحى کي اقتدار ڇڏڻو پيو ۽ 1970ع ۾ ملڪ ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ اولهه پاڪستان ۾چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽي کي ملڪ جو اقتدار حوالي ڪيو ويو.
ملڪ ۾ پهريون ڀيرو عوام جي حڪومت ۽ پهرين چونڊيل وزير اعظم قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو، صدر پاڪستان، چيف ايگزيڪٽو ۽ سويلين مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي حيثيت ۾ حڪومت قائم ڪئي ۽ ڪجهه وقت کانپو ملڪ تي لاڳو مارشل لا ختم ڪري پنهنجو سويلين مارشل لا ايڊمنسٽريٽر وارو عهدو پڻ ڇڏي ڏنو. ان عرصي ۾ ملڪ ۾ صدارتي نظام ئي لاڳو هو. پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ملڪ کي پهريون عبوري ڏنو ويو جنهن تحت ملڪ ۾ صدارتي نظام کي تبديل ڪري وفاقي، پارليماني جمهوري نظام رائج ڪيو ويو ۽ عوام کي بااختيار ڪرڻ ۽ عوام کي طاقت جو سرچشمو بڻائڻ واري خواب جي ساڀيان ٿي ۽ اها تاريخي جدوجهد ڪامياب ۽ فتح ياب ٿي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي پهرين دور حڪومت ۾پارٽي جي چيئرمين ۽ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي سرواڻي ۾ پهريون پارلياماني ۽ جمهوري آئين، اتفاق را سان 1973ع ۾منظور ٿيو. جنهن جي منظور ڪيل دستاويز کي ملڪ جو وفاقي آئين ۽ سياسي ٻولي ۾ملڪ ۾شامل ٿيندڙ صوبن، رياستن جي قومن ۽ قوميتن ۾ٺاهه، اقرار ۽ اتفاق وارو سماجي يا عمراني معاهدو پڻ چيو وڃي ٿو. جيڪو وچ واري ڪجهه عرصي ۾ ملڪ ۾ لڳندڙ مارشل لائن ۾ منسوخ ۽ معطل پڻ ٿيندو رهيو ۽ آخرڪار، پاڪستان پيپلز پارٽي جي گذريل حڪومت ۾ وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ۽ صدر آصف علي زرداري واري دور ۾ وري صدارتي آئين مان تبديلي ٿي پارلياماني آئين جي صورت ۾ 18هين آئيني ترميم واري وزن سان هڪ وفاقي آئين جي صورت ۾بحال ٿي. ملڪ جي سياسي تاريخ ڪجهه وقت کانپو وري حادثن جو شڪار ٿيندي رهي ۽ 2022ع تائين ملڪ ۾ ٻن جماعتن مسلم ليگ (ن) جي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ ان کانپو پي ٽي آ جي ڪٺ پتلي حڪومت قائم ٿي جنهن ۾ جادوگرن جي تيار ڪيل رانديگر عمران خان کي سياستدان وارا ويس پارائي عام چونڊن جا نتيجا چوري ڪرڻ کانپو بدلائي پي ٽي آ جي حڪومت قائم ڪئي وئي ۽ هن کي وزير اعظم بڻايو ويو. هن چئن سالن واري حڪومت ناڪام ثابت ٿي جنهن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍڻ کانسوا سموري ملڪ کي سماجي ۽ سياسي ڀنڃ ڊاهه ۽ انتشار جو پڻ شڪار ڪري ڇڏيو. آخرڪار پاڪستان پييپلز پارٽي جي جمهوري عمل ۽ سياسي ڌرين ۾ اتحاد ۽ مفاهمت قائم ڪرڻ ذريعي پارليمان ۾ عمران خان حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ منظور ڪرائي هن حڪومت جو خاتمو ڪيو ويو ۽ ملڪ ۾ سمورين جمهوري ۽ پارلياماني جماعتن جي اڪثريت واري اتحادي حڪومت قائم ڪئي وئي.
ملڪ نئين اعتماد سان پنهنجو جمهوري سفر شروع ڪري چڪو آهي جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو مرڪزي ۽ بنيادي ڪردار نمايان ۽ واضح نظر اچي رهيو آهي. يقينن پاڪستان پيپلز پارٽي جو پنهنجي 55هين يوم تاسيس واري تاريخي موقعي تي پنهنجي ملڪ ۽ عوام کي جمهوريت بچائڻ جي صورت ۾اهو پروقار ۽ شاندار تحفو ڏنو ويو آهي، جنهن لا سموري ملڪ جي جمهوريت پسندن ۽ وطن واسين کي لکين مبارڪون ۽ ڪروڙين واڌايون هجن. شاهه لطيف جي بيت موجب:
“سڄڻ ۽ ساڻيهه،ڪنهن اڻاسي وسري،
حيف تنين کي هو وطن جن وساريو”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button