ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سامراجي ڏوهه

Editorial-Article- Yameen Jatoi

“تهذيب”، “جمهوريت” ۽ “انساني حق” اهڙا نعرا ۽ هٿيار آهن، جيڪي اولهه جي سرمائيدار ملڪن طرفان پنهنجا سامراجي ڏوهه لڪائڻ لا استعمال ٿيندا پئي آيا آهن، اسپين، پرتگال، برطانيا، فرانس، بيلجيئم ۽ آمريڪا سميت اولهه جي ٻين ڪيترن ئي سرمائيدار ملڪن جي سڄي دنيا تي سڌي ۽ اڻسڌي حاڪميت رهي آهي. اها حاڪميت دنيا جي “ڄٽ”، “غيرمهذب” ۽ “وحشي” قومن کي “مهذب” ۽ “سڌريل” بڻائڻ جي مشن هيٺ قائم ڪئي وئي. ان “مهذب مشن” هيٺ دنيا جي مظلوم قومن جو جنهن وحشي پڻي، درندگي ۽ سفاڪيءَ سان استحصال ڪيو ويو، اهو اولهه جي “جديد” تاريخ جو اونداهو باب آهي. اصل ۾ موجوده “مهذب” ۽ “جديد” اولهه جي سموري ترقي جي عمارت دنيا جي مظلوم قومن جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ ڪروڙين ماڻهن جي لاشن تي بيٺل آهي. اڄ پاڻ هتي ٽن ملڪن برطانيا، فرانس ۽ آمريڪا جي انسانيت خلاف انهن ڏوهن جو مختصر ذڪر ڪنداسين، جيڪي (ڏوهه) “وحشي” قومن کي “مهذب” بڻائڻ ۽ “جمهوريت” ۽ “انساني حقن” جي نعري هيٺ ڪيا ويا.
عام طور اسان وٽ هٽلر جون ڪانسٽريشن ڪيمپون مشهور آهن، پر هٽلر جون ڪانسٽريشن ڪيمپون ته، يورپ جي بيٺڪيتي طاقتن جي ڪانسٽريشن ڪيمپن جو عضوياتي تسلسل هيون. ڏاکڻي آفريڪا ۾ بوئر جي ٻي جنگ (1902ع-1899ع) دوران برطانيا پاران بوئر ۽ آفريڪي نسل جي ماڻهن کي ڪانسٽريشن ڪيمپن ۾ واڙيو ويو، جڏهن ته ان برطانوي ڪيمپ ۾ بوئر آباديءَ جو 10 سيڪڙو بک ۽ بيمارين وگهي مري ويو، جن ۾ 22 هزار ٻار به شامل هئا. جڏهن ته برطانوي بيٺڪيتي راڄ دوران هندستان ۾ 12 کان 29 ملين ماڻهو ڏڪار وگهي ماريا ويا. 1943ع تي ٻي عالمي جنگ ۾ برطانوي وزيراعظم ونسٽن چرچل پاران بنگال جي سڄي خوراڪ پنهنجن فوجين کي اماڻي وئي، جنهنڪري 4 ملين (40 لک) ماڻهو بک وگهي مري ويا، لکين ماڻهن جي ان بيٺڪيتي ڪوس تي برطانيا جي ان نسل پرست وزيراعظم چرچل فرمايو: “مان هندستانين سان نفرت ڪيان ٿو، اهي وحشي ڌرم جا مڃيندڙ وحشي ماڻهو آهن، اهو ڏڪار سهن جهڙن جانورن جي پالنا جي ڪري سندن ئي پيداوار آهي.” ان کان اڳ 1919ع ۾ برطانوي برگيڊيئر ڊائر جي حڪم تي امرتسر جي جليان والا باغ ۾ احتجاج ڪندڙ آزادي پسند عوام تي سڌيون گوليون هلايون ويون هيون، جنهن ۾ سوين ماڻهو ماريا ويا هئا. 1951ع کان 1960ع تائين ڪينيا جي “مائو مائو” بغاوت ۾ لڳ ڀڳ هڪ لک ڪينيائي ماڻهن کي ٽارچر ڪري ماريو ويو ۽ ايئن 10 لک آئرش ماڻهن کي به برطانيا جي هٿرادو پيدا ڪيل ڏڪار ۾ ماريو ويو. ان کان سواءِ برطانيا جي انسانيت خلاف ڏوهن جو هڪ ڊگهو داستان آهي، جن کي قلمبند ڪرڻ لاءِ ڪتاب گهرجن. اِهي اُهي ڏوهه آهن، جيڪي ايشيا کان آفريڪا تائين بيٺڪتي طاقت برطانيا مقامي ماڻهن کي “تهذيب يافتا” بڻائڻ لاءِ ڪيا. فرينچ سامراج به دنيا جي “غيرمهذب” ماڻهن کي “مهذب” ڪرڻ وارو مشن کڻي، تقريبن سڄي آفريڪا ۽ ايشيا جي ويٽنام ۽ لائوس سميت مختلف ملڪن تي چڙهايون ڪيون ۽ اتان جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ سان گڏ لکين ماڻهن کي ماريو، ايئن ان به، “وحشي” ۽ “غيرجمهوري” قومن کي “سڌريل” ۽ “جمهوري” بڻائڻ وارو “مقدس” فريضو سرانجام ڏنو. باقي جيڪو ڪم انهن کان رهجي ويو، اهو وري مستقبل ۾ آمريڪي سامراج پورو ڪيو.
“جمهوريت” ۽ “انساني حق” وري آمريڪي سامراج جو دنيا کي قبضي هيٺ آڻڻ لاءِ هڪ هٿيار رهيا آهن، اڳوڻي سوويت يونين کان موجوده ڪيوبا ۽ ڪوريا تائين سامراجي بيانئي موجب “جمهوريت” ۽ “انساني حقن” جي لتاڙ ٿيندي رهي آهي!! باقي دنيا جو واحد “جمهوري” ۽ “انساني حقن” جو علمبردار صرف آمريڪا ۽ ان جون حواري سامراجي رياستون آهن!! جن ملڪن جي حڪمرانن پنهنجي ملڪ جي معاشي ۽ سياسي وسيلن کي عوام جي فلاح ۽ ڀلائيءَ ۾ بدلائڻ جي جرئت ڪئي، انهن جو حشر ايران جي مصدق، انڊونيشيا جي سڪارنو، گوئيٽي مالا جي جيڪبو اربينز، چليءَ جي الاندي، ۽ لبيا جي قذافيءَ جهڙو ڪيو ويو. آمريڪي سامراج “جمهوريت” ۽ “انساني حقن” جو ڪيترو چئمپين آهي، ان جي جهلڪ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود انهن فاشي ڊڪٽيٽرن ۽ عوام دشمن حڪمرانن جي سندس ننگي حمايت مان پسي سگهجي ٿي. دنيا جي هر خطي ۾، پنهنجي عالمي بالادستيءَ کي برقرار رکڻ جي جنون ۽ پاڳلپڻي آمريڪي سامراج کي انهن فاشسٽ فوجي آمرن جي مدد لاءِ اتساهيو، جيڪي وڏي پئماني تي قتل عام، ٽارچر سيلن ۾ مخالفن کي اذيتون ڏئي مارڻ، چونڊيل جمهوري حڪومتن تي قبضن کان ويندي نسل ڪشيءَ جهڙن انسانيت خلاف ڏوهن جا مرتڪب ٿيا. هڪ پاسي آمريڪي سامراج اڻ سڌيءَ طرح دنيا جي عوام دوست حڪمرانن سان وڙهيو ته، ٻئي طرف هن دنيا جي مختلف خطن اندر بي لغام جارحيت جو مظاهرو ڪندي، فوج ڪشيون ڪيون.
1954ع ۾ گوئيٽي مالا ۾ جيڪبو اربينز جي نيشنلائيزيشن پاليسي سبب واشنگٽن جي اقتداري ايوانن جون ننڊون ڦٽي ويون ۽ ان “ڪميونسٽ خطري” کي محسوس ڪندي سي آءِ اي گوئيٽي مالا ۾ آپريشن شروع ڪيو، سي آءِ اي فوجي جنتا ذريعي جيڪبو اربينز کي اقتدار تان هٽائي ڇڏيو. گهرو ويڙهه ۾ 2 لک ماڻهن کي ماريو ويو. اهڙي ريت آمريڪي سامراج جي “جمهوريت” ۽ “انساني حقن” ايڪسپورٽ جو مرحلو مڪمل ٿيو.
انڊونيشيا جو 1960ع جي ڏهاڪي ۾ قتل عام ڀلا ڪنهن کان وسريو آهي؟ اهو ڪهڙو ماڻهو هو، جنهن کي ڪميونسٽ چئي نه ڪُٺو ويو؟ سهارتو انڊونيشيا جي صدر سڪارنو جو تختو اونڌو ڪري 5 لک ڪميونسٽن کي آمريڪا جي مڪمل آشيرواد سان ڪٺو ۽ اهو سڀڪجهه “جمهوريت” ۽ “انساني حقن” جي علمبردار آمريڪي سامراج جي سهائتا سان ڪيو ويو.
11 سيپٽمبر 1973ع تي تڏهوڪي آمريڪي صدر رچرڊ نڪسن ۽ قومي سلامتيءَ جي صلاحڪار هينري ڪسنجر جي پٺڀرائيءَ سان چليءَ جي ڊڪٽيٽر جنرل آگستو پنوشَي جي اڳواڻيءَ هيٺ چليءَ جي فوجي جنتا چونڊيل سوشلسٽ صدر سلوادور الندَي جو تختو اونڌو ڪري، ملڪ کي وحشياڻي فاشسٽ حڪمرانيءَ حوالي ڪري ڇڏيو. آگستو پنوشي جي فاشسٽ ڊڪٽيٽرشپ دوران چليءَ ۾ جيڪي ڏوهه ڪيا ويا، انهن جو تصور ڪندي به روح ڪنبي ٿو اٿي، هزارين محنت ڪشن، جمهوري، ترقي پسند ۽ سياسي ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو. هزارين ماڻهن کي گم ڪيو ويو، اٽڪل 4 لک ماڻهن کي ٽارچر ڪيو ويو، جڏهن ته ڏهه لک ماڻهن کي چليءَ مان تڙي ڪڍيو ويو ۽ اهو سڀ به “جمهوريت” ۽ “انساني حقن” جي علمبردار آمريڪا جي مڪمل پشت پناهيءَ سان ٿيو!
آڪٽوبر 1976ع ۾ ارجنٽينا ۾ آمريڪي مدد سان فوجي جنتا اقتدار تي قبضو ڪيو. انسانيت دشمن ان آمريت دوران 30 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي زندگيءَ جي نعمت کان محروم ڪيو ويو.
برازيل ۾ 1964ع ۾ جنرل ڪاستيلو برانڪو پاران اقتدار تي قبضي ۾ آمريڪي سي آءِ اي ۽ واشنگٽن حڪومت جي مداخلت ڀلا ڪنهن کان لڪل آهي؟! لاطيني آمريڪا جي ان ملڪ جو چونڊيل صدر جئائو گولارٽ Joao Goulart جو ڏوهه فقط اهو هو ته، هن سرد جنگ ۾ ڌر ٿيڻ بدران اڻڌريو رهڻ چاهيو. جنهن جو صلو آمريڪا کيس فوجي آمر هٿان اقتدار تان هٽائي ذليل ڪرڻ جي شڪل ۾ ڏنو.
ڪيوبا ۾ آمريڪي حمايت يافتا بتستا آمريت ۾ هزارين ڪيوبائي عوام جو قتل عام ڪيو ويو. بعد ۾ ڪيوبا جي گوريلن ڪاسترو ۽ چي گويرا جي اڳواڻيءَ ۾ بتستا جي ظالماڻي راڄ جو خاتمو آڻي، اتي عوامي راڄ قائم ڪيو.
1980ع جي ڏهاڪي ۾ ايل سلواڊور ۾ گهرو ويڙهه جي زماني ۾ اهي ڪهڙا ويل هئا، جيڪي اتان جي عوام سان نه وهايا ويا؟ آمريڪي حمايت يافتا حڪومت جي درندگيءَ خلاف اڀريل عوامي بغاوت ۾ 70 هزار ماڻهن کي ماريو ويو. جڏهن ته هزارين ماڻهو گم ڪيا ويا.
ويٽنام جنگ ۾ 10 لک ويٽنامين کي ڪانسنٽريشن ڪئمپن ۾ واڙي ٽارچر ڪيو ويو.
پاڪستان ۾ ايوب کان ضياءَ ۽ مشرف تائين عوام دشمن فوجي آمرن کي عوام تي مڙهڻ جو عمل به آمريڪي سامراج جي ڏوهن مان هڪ ڏوهه آهي. عراق جنگ ۾ آمريڪي ۽ برطانوي سامراج لڳ ڀڳ 10 لک عراقي ماريا.
اهو آهي اصل ۾ “تهذيب”، “جمهوريت” ۽ “انساني حقن” جي نالي ۾ سامراجي ڏوهن جو چهرو. جنهن کي وڌ کان وڌ اگهاڙو ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button