ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪرونا بجيٽ جي آڊٽ رپورٽ

Editorial

ملڪ ۾ جنهن به کاتي کي ڪرپشن ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو ته اهو ڪرپشن ڪرڻ کان ڪيٻائي نٿو. اهو ڪرپشن کي پنهنجو فرض سمجهي ٿو. عوام لاءِ آيل پئسي کي پنهنجن ذاتي مفادن لاءِ خرچ ڪري ٿو، ان کان سواءِ مختلف کاتن ۾ ويٺل اعليٰ عهديدار نه رڳو ڪرپشن وسيلي ارب پتي ٿي چڪا آهن پر جڏهن اهي قانون جي پڪڙ ۾ اچن ٿا ته اتي به رشوت ڏئي پنهنجو پاڻ کي آجو ڪرائي ويندا آهن. ڪرپشن سماج کي جتي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي، اتي اخلاقي معيار به ڪيرائي ڇڏيا آهن. نتيجي ۾ ڪرپشن کي ڄڻ ته جائز قرار ڏنو ويو آهي. ان سان نه رڳو ملڪ جا ادار تباهه ٿي رهيا آهن پر عوام تي استعمال ٿيندڙ پئسو رڳو ڪجهه فردن جي کيسن ۾ وڃي رهيو آهي. اهڙي سنڌ ۾ ڪرپشن جا وڏا وڏا اسڪينڊل ظاهر ٿي رهيا آهن ۽ ماڻهو ساڳين پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. پر ڇا اهو سلسلو ائين جو ائين ئي هلندو رهندو ۽ عوام لاءِ ايندڙ پئسو عوام تي خرچ نه ٿيندو. ڪالهه جيڪا رپورٽ ڪرونا دوران خرچ ٿيل بجيٽ بابت پڌري ڪئي وئي آهي، اها ڇرڪائيندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪروڙن جون گهوٻيون ڄاڻايون ويون آهن. جڏهن ته ان وبا دوران جيڪو به پئسو ڪتب اچڻو هو، سو عوام لاءِ ئي اچڻو هو.
سنڌ ۾ ڪرونا دوران خرچ ٿيل بجيٽ جي آڊٽ رپورٽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪئي وئي. آڊٽ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پي سي آر ڪٽس جي خريداري ۽ غير معياري هينڊ سيني ٽائيزر خريد ڪيا ويا. رپورٽ ۾ قيمتي طبي مشينري خانگي اسپتالن حوالي ڪرڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي. رپورٽ موجب 15 ڪروڙ 32 لک رپين جي غير معياري پي سي آر مشينون ۽ ڪٽس خريد ڪيون ويون. سول، جناح ۽ ٻين سرڪاري اسپتالن مان ڪٽس ۽ مشينون واپس ڪيون ويون پر لياقت يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز مان ڪٽس ۽ مشينون واپس نه ڪيون ويون. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته آٽوميٽڊ ريئل ٽائيم پي سي آر سسٽم 15 ڪروڙ 83 لک رپين ۾ خريد ڪيو ويو، اهو سامان سرڪاري اسپتالن بدران خانگي اسپتالن جي حوالي ڪيو ويو. آءِ سي يو وينٽيليٽرز 21 ڪروڙ 68 لک رپيا مهانگي اگهه تي خريد ڪيا ويا. آڊٽ رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 22 ڪروڙ 23 لک رپين جون اڻ تصديق ٿيل غير طبي شيون خريد ڪيون ويون. 50 ڪروڙ رپين جون پي سي ڪٽس صحت کاتي کي فراهم ڪيون ويون. پي سي ڪٽس غير معياري طور تي واپس ڪيون ويون. پي ڊي ايم اي ساڍا 86 ڪروڙ رپين جون مختلف شيون خريد ڪيون، پي ڊي ايم اي پاران خريد ڪيل اهي شيون ڪووڊ ۾ گهربل نه هيون. تفصيلي آڊٽ رپورٽ ڪميٽيءَ جي حوالي ڪئي وئي آهي. رپورٽ مان پڌرو آهي ته ڪهڙي ريت صحت کاتي سان لاڳاپيل ادارن ڪرونا جهڙي وبا کي به پنهنجي لاءِ هڪ موقعو سمجهيو ۽ ان موقعي مان فائدو وٺڻ مان وسان ڪين گهٽايو. جنهن ڪري ڪرپشن جو هڪ وڏو اسڪينڊل سامهون آيو آهي. جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ٻين شعبن جو ڪهڙو حال هوندو. جڏهن ادارن تي ڪو چيڪ ائنڊ بيلنس نه هوندو آهي ته اتي اهڙيون گهوٻيون لڳنديون آهن ۽ اهي ڦٻجي به وينديون آهن. سنڌ ۾ جيڪو جيترو وڏو عهديدار آهي، اهو اوترو ئي ڪرپٽ آهي، جنهن ڪري سنڌ ۾ ادارن جي حالت بنهه خراب آهي. جڏهن ته عوام رڙيون ڪري رهيو آهي ته ان کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن پر هن وقت تائين ان جي دانهن ڪوڪن کي ٻڌو ئي ڪونهي ويو.
اسين سمجهون ٿا ته ڪرونا جي مد ۾ آيل پئسو عوام جو پئسو آهي، اهو ڪنهن به ريت سرڪاري عملدارن تي خرچ ٿيندڙ پئسو ڪونهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪي به ماڻهو هن اسڪينڊل ۾ ملوث آهن، انهن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن ڪرپشن جو سلسلو بند ته گهٽجي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button