سنڌ

چڪ جا ٻه نوجوان بازياب نه ٿيا، وارثن جو ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو

چڪ ويجهو اغوا ٿيل سومرا برادري جا 2 نوجوان ٻن هفتن گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهيا. ايس ايس پي شڪارپور پاران ڏنل مهلت ختم ٿيڻ بعد وارثن ۽ جي يو آئي اڳواڻن سان گڏجي ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو. شڪارپور ضلعي جي چڪ ٿاڻي جي حد محمدآباغ جي بند وٽان 13 ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل سومرا برادري جي ٻن نوجوان شاگردن ڳوٺ مبارڪپور واسي (منهن) واسي طاهر سومرو ۽ حمادالله سومرو کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. ايس ايس پي شڪارپور پاران سومرا برادري ۽ جي يو آئي کي ڏنل مهلت ختم ٿيڻ بعد مختلف تنظيمن جي اڳواڻن جي يو آ جي مولانا غلام الله مهر،نظام الدين سومرو، هدايت الله سومرو، خميسو خان سومرو، مولانا جان محمد سومرو، مولانا بهاول الدين سومرو ۽ وارثن منٺار سومرو، بهاذر سومرو، عجن سومرو ۽ ٻين سوين ماڻهن ايس ايس پي شڪارپور جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو. ايس ايس پي شڪارپور آفيس ۾ نه هجڻ ڪري ڊي ايس پي لکي بدر الدين ڀٽو ڌرڻي هنڌ پهچي ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته اسان توهان سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، 2 ڏينهن جي وڌيڪ مهلت ڏني وڃي. ڊي ايس پي لکي ميڊيا آڏو عوام جي دل آزاريندڙ بيان جاري ڪندي سومرا برادري جي ماڻهن کي چيو ته ڪچي ۾ زمينون ڪرڻ بند ڪيو، جيڪڏهن آئينده ڪو ماڻهو اغوا ٿيو ته پوليس ذميوار نه هوندي، جنهن بعد ڌرڻو ٻن ڏينهن جي مهلت تي ختم ڪيو ويو. استاد خميسو خان سومرو ۽ مغوي طاهر سومرو جي ڀا حمادالله سومرو جي چاچي مولانا بهاول الدين سومرو ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لا اهڙا بيان ڏئي رهي آهي وارثن جو چوڻ هو ته سوين سالن کان زمينون ڪندا اچون ٿا، ڪڏهن اهڙو واقعو پيش ناهي آيو پر ڊي ايس پي لکي جي بيان سان شڪارپور ضلعي ۾ رهندڙ هر ماڻهو جي دل آزاري ٿي آهي، پوليس جو ڪم آهي امن ڪرائڻ جيڪڏهن پوليس کان شڪارپور ضلعو زور ٿي ويو آهي ته ضلعي کي رينجرس حوالي ڪيو وڃي، عوام جي بيچيني ختم ڪئي وڃي باقي اهڙن بيانن کان پوليس پاسو ڪري جنهن سان عوام جي دل آزاري ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button