سڄي ملڪ ۾ ٻارڙن سان ٿيندڙ ظلمن جون خبرون ھر ڏھاڙي ميڊيا ۾ ڇپجنديون رھنديون آھن، جيڪو ڳڻتيءَ جوڳو مکيه داستان آھي. جيڪڏھن گهري سوچ ڪجي ته پتو پوندو ته ٻارڙا عام طور معصوم ھوندا آھن ۽ کين ملڪ اندر ٿيندڙ تبديلين، ڪاررواين توڙي ظلم ٿيڻ جو گهٽ پتو پوندو آھي پر اسان وٽ ڪيترا اھڙا ماڻھو به آھن، جيڪي ذاتي مفاد خاطر، ظلم جي باهه جاري رکڻ جي سازش جاري رکندا آھن ۽ اھي سوچيندا آھن ته جائز توڙي ناجائز ذاتي ۽ مالي فائدا ڀلي حاصل ڪندا رھن پر ڪنھن سان به ظلم ٿئي ته ڀلي ٿئي. اھي وڏيون زيادتيون آھن جن کي ڪنھن به صورت ۾ معاف ڪونه ٿو ڪري سگهجي. ھونئن به جيڪڏھن سڀ ظلم ختم ڪرڻ ممڪن ناھن ته گهٽ ۾ گهٽ انھن کي گهٽائڻ لاءِ نيڪ نيتي ۽ سچي دل سان ڀلائيءَ واريون ڀرپور ڪوششون ڪرڻ گهرجن ڇاڪاڻ ته ٻارڙا عام طور معصوم ۽ بيگناهه ھوندا آھن. جڏھن ته ظلم ته ظلم ھوندو آھي جنھن کي ڪنھن به صورت ۾ جائز نٿو ڪوٺي سگهجي.
ٻارڙن سان ظلم ۽ زيادتين خلاف ھر ڏھاڙي خبرون ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ ڇپجنديون رھن ٿيون. تازو خبر ڇپي آھي، جنھن جو ڪاٿو لڳائڻ به مناسب آھي ته جيئن ملڪ جي ٻارڙن بابت اصلي صورتحال سمجهي انھن جي ڇوٽڪاري لاءِ نيڪ نيتي ۽ سچي دل سان ڪوششون ڪرڻ گهرجن. ميڊيا ۾ ڇپيل خبر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ٻارڙن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي جاري ڪيل رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ھڪ ڪروڙ 25 لک ٻارڙا مزدوري ۽ محنت ڪن ٿا. اھي انگ ڪل ٻارن جي آباديءَ جو 16 سيڪڙو آھن. ڪميشن موجب ٻارن کي تشدد کان بچائڻ ۽ پورھئي کان روڪڻ لاءِ قانون موجود آھن پر بدقسمتيءَ سان انھن تي عمل ڪونه ٿو ٿئي. ٻارن جي بچاءُ لاءِ قومي ۽ صوبائي سطح تي قانون ۾ ھم آھنگي آڻڻ جي ضرورت آھي. قومي ڪميشن جي چيئرمين افغان تحسين ٻڌايو ته گهرو پورھئي ۽ ٻارن تي تشدد روڪڻ لاءِ ڪميشن سرگرم ٿي وئي آھي. ھن چيو ته 250 شڪايتن جون شنوايون ڪيون ويون آھن. سندس چواڻي يونيسيف (يونائيٽيڊ نيشنس چلڊرين فنڊ) موجب 5 کان 16 ورھين جا ٻار يعني 2 لک 28 ھزار ٻار اسڪول کان ٻاھر آھن. ٻئي طرف، ليگل ايڊوائيزر قومي ڪميشن لائبا قيوم چواڻي ٻارن تي وڌيڪ تشدد جو سبب، قانون تي مناسب عمل ڪرڻ ناھي ۽ منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب قومي ڪميشن جائز رٿ ڏني آھي ته ٻارن (ڏوھاري) کي جيل ۾ رکڻ بدران کين سڌارڻ واري مرڪز ۾ رکيو وڃي ته جيئن اھي ڏوھن کان پري رھن ۽ کين مختلف مھارتون به سيکاري سگهجن.
ٻئي طرف، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چواڻي برساتن سبب سنڌ جو آبپاشي نظام به تباهه ٿي ويو آهي، صوبي ۾ اٽڪل 20000 اسڪولن جون عمارتون برساتن کان متاثر ٿيون آهن، مينھن کان متاثرن جي بحالي جي حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهيون. يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا ملاقات ۾ چيو آھي ته يورپي يونين غربت جي خاتمي، سماجي ترقي ۽ تعليم جي شعبن ۾ سنڌ سرڪار جي مدد ڪرڻ چاهي ٿي. گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پي اينڊ ڊي ڊپارٽمينٽ، يورپين يونين جي نمائندن سان سوشل سيڪٽر پراجڪيٽ جو فيصلو ڪندو.
ھونءَ به ڏسجي ته عام طور پاڪستان ۾ تعليم جي گهٽتائيءَ جو مرض پراڻو آھي. بي بي سيءَ جي پراڻي رپورٽ 18 ڊسمبر 2015ع موجب 20 سيڪڙو ٻار ھيلتائين تعليم کان پري آھن. رپورٽ موجب اسڪول نه ويندڙ شاگردن جي انگ ۾ ٿورڙي تبديلي آئي آھي.
جڏھن ته اڃا به ھڪ سال اڳ، اسڪول نه ويندڙن جو انگ 21 سيڪڙو ھو. رپورٽ موجب انھن مان ڪڏھن به اسڪول نه ويندڙ ٻارن جو انگ 14 سيڪڙو ۽ مختلف سببن جي ڪري اسڪول نه ويندڙن جو انگ 6 سيڪڙو ھو. اھا سروي پاڪستان جي اٽڪل 150 ٻھراڙي ۽ 21 شھري علائقن ۾ ڪئي وئي ھئي. جنھن موجب 16 ورھين جي ڄمار جا 2 لک 20 ھزارن کان وڌيڪ ٻار ھئا، ٻارن جي ٻولي اردو، سنڌي ۽ پشتو ھئي. رپورٽ ۾ به اھو ڄاڻايو ويو ته سنڌ جي پرائمري اسڪولن ۾ داخلائن سبب شرح گهٽ رھي.
اھا به پراڻي پر اھم رپورٽ آھي ته اسلام آباد جي گڏجاڻيءَ ۾ بلوچستان جو سينيٽر حاصل بزنجو شريڪ ٿيو ھو. سندس چواڻي: 18هين ترميم کان پوءِ تعليم جو شعبو، صوبن جي حوالي ٿي ويو آھي. سندس چواڻي ملڪ جي مدرسن ۾ تعليم حاصل ڪندڙن جو انگ وڌي ويو آھي. جڏھن ته مدرسي ۾ ماني ملي ٿي سو شاگردن جو انگ وڌايو ويو آھي.
بھرحال، انھيءَ ڳالهھ جي اھم ضرورت آھي ته تعليمي سڌارن لاءِ سڄي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ کي اھم ڪوششون ڪرڻ گهرجي. انھيءَ سلسلي ۾ رڳو سنڌ سرڪار جو سو سيڪڙو فرض ناھي پر ساڳي وقت شاگردن جي مائٽن جو وڌيڪ فرض به آھي ته ھو ٻارن جي تعليم کي اھميت ڏين ۽ ذاتي تڪليفون سيني تي کڻي، سندن بھتر تعليم جي خاطري ڪن جيڪا مکيه ڳالهھ آھي. ٻارڙن جي بھتر تعليم ۽ مناسب تعليمي ادارن ۾ داخلائن ۽ بھتر تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻارن جي والدين ۽ ويجهن عزيزن کي مکيه ڪوششون ڪرڻ گهرجن. ائين ڪرڻ سان اڳتي ھلي ننڍڙا ٻارڙا تعليم حاصل ڪري اصل منزل تائين پھچي بھتر زندگي گھاري سگهندا. انھيءَ سلسلي ۾، ھڪ اڌ مثال ڏيڻ به مناسب آھي.
سال 1942ع ۾ سائين حاجي اسدالله شاهه مرحوم بڇيري ريلوي اسٽيشن ويجهو پنھنجي والد جي نالي سيد ابراھيم شاهه پرائمري سنڌي اسڪول کوليو جيڪو اڃا به قائم آھي. شروع ۾ اسڪول ۾ پرائمري، چئن درجن جي تعليم ھئي. مون اتي بنيادي تعليم حاصل ڪئي. پوءِ، انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڀر واري شھر نوابشاهه ۾ آباد ٿي ويو ھئس، جتي مون مئٽرڪ تائين يعني ڇھن ورھين تائين تعليم ڊي سي ھاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ حاصل ڪئي ھئي. اھو مختصر تفصيل ٻڌائڻ ضروري آھي ته انھن ڏينھن ۾ محترم ايڇ ايم خواجا مرحوم ھيڊماسٽر ھو، جنھن اسڪول کي شروع کان تاريخي ترقي ڏياري ھئي. پوءِ سڄي سنڌ جو تعليمي وزير به بڻيو ھو. ڊي سي ھاءِ اسڪول نوابشاهه، گهڻو وڏو ۽ عاليشان ھو ۽ تعليم گهڻي بھتر ھئي. اسڪول جون ٻه مکيه بلڊنگون ھيون، ٽن درجن جي تعليم ھڪ طرف ۽ ميٽرڪ تائين رھيل ٽن سالن جي تعليم ٻي بلڊنگ ۾ ٿيندي ھئي. وچ تي راندين جا وڏا ميدان، شاگردن جي ھاسٽل، شاهه لطيف جي نالي ۾ عاليشان پبلڪ ھال واري بلڊنگ اڏيل ھئي، جتي مڪاني ۽ سنڌ سطح تي مکيه فنڪشن به ٿيندا رھندا ھئا. ڪرڪيٽ جو وڏو ميدان به ھو جتي ان وقت ملڪ جا مشھور رانديگر به ايندا ھئا. اهو مثال ڏيڻ جو مقصد اھو آھي ته ڪاش! اھڙا بھتر اسڪول سڄي سنڌ ۾ ھجن ھا ته سنڌ واسي عاليشان ترقي ڪن ھا. اھا منھنجي ايمانداريءَ سان راءِ آھي. بھرحال، اسڪول جي عاليشان عمارت ۾ مون تعليم حاصل ڪئي ھئي.
بھرحال، حالتون ته سدائين عاليشان ڪونه رھنديون آھن پر پوءِ به شاگردن جي والدين جو وڏو فرض آھي ته ھو پنھنجن ٻارن جي تعليم تي مڪمل ڌيان ڏين. ھاڻي ته عام طور والدين به تعليم يافتا آھن سي پاڻ به ھر ڏھاڙي اسڪول کان ايندڙ ٻارن جي تعليم بھتر ڪرائي سگهن ٿا. ائين ڪرڻ سا نه رڳو سنڌ جو عوام صحيح معنى ۾ ترقي ڪندو پر سنڌ به ترقي ڪري سگهندي. ساڳي وقت ٻارڙن سان ظلم ڪندڙن خلاف به قانون موجب ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ننڍڙا ٻار اڳتي ھلي، ملڪ جا اصلي حڪمران بڻجي ويندا آھن، اھي ھر صورت ۾ عزت جا حقدار آھن.