ملڪي فوج کي تھ نئين قيادت نصيب ٿي پر ملڪي سياست جي مٿان ھن وقت بھ پراڻي قيادت مضبوط ترين ٿنڀڻ وانگر ٿاڦيل آھي. ھن وقت بھ ميان نواز شريف سياست تان ھٿ کڻڻ جي لاءِ تيار ناھي ۽ نھ وري آصف زرداري پنھنجي صحت سبب سياست ڇڏي آرام ڪرڻ جي موڊ ۾ نظر اچي رھيو آھي. جيتوڻيڪ نواز شريف پنھنجي ڌيءَ مريم کي آڏو ڪيو آھي ۽ آصف زرداري ان آس ۾ آھي تھ ھو بلاول کي ملڪ جو سربراھه بڻائي ابدي دنيا طرف ڪوچ ڪري پر حقيقت اھا آھي تھ اسان کي پنھنجي پراڻي سياسي قيادت پوءِ بھ سدائين ياد رھندي. ڇو تھ پراڻي قيادت فقط نالي جي حوالي سان نھ پر پنھنجي اولاد ۾ پنھنجو سياسي روح منتقل ڪري مرڻ ۾ يقين رکي ٿي. ان ڪري اسان ڪري اسان وٽ نئين سياسي قيادت بھ نالي ماتر ھوندي. اھا بھ ان طرح سان نئين سياسي واٽ نھ وٺندي، جيئن نئين قيادت کي فطري طور تي وٺڻ گھرجي. سنڌ جي البيلي شاعر حسن درس جو شعر آھي تھ:
”نئين کي پراڻو ڪجي دل ڏجي“
اسان پراڻي کي نئون ڪرڻ جي ڪوشش ۾ نئين کي پراڻو ڪري رھيا آھيون. اھو ايڏو وڏو سياسي الميو آھي، جنھن جي ابتدا تھ اسان کي معلوم اھي پر ان جي انتھا اسان ڪڏھن بھ ماپي ۽ ماڻي نھ ٿا سگھون.
خانداني سياست خرابيءَ جو ھڪ اھم سبب آھي. اھا نئين سسٽم جي راھه ۾ بار بار ڀاري رڪاوٽ بڻجي بيھي ٿي. ان جو سبب اھو آھي تھ خاندانن جا مفاد ساڳيا رھن ٿا. انھن جي ٻارن جا مھانڊا ۽ مزاج بھ لڳ ڀڳ اھي ئي رھن ٿا، جيڪي انھن جي وڏڙن جا ھئا. اھو ئي ڪارڻ آھي تھ اسان نئين لاءِ سڪي مئا آھيون. جڏھن جميعت علماءِ اسلام جي صورت ۾ خانداني سياست جو سلسلو ڏسون ٿا تھ اسان کي افسوس ٿئي ٿو ۽ اسان کي ان وقت وڌيڪ افسوس ٿئي ٿو، جڏھن عوامي نيشنل پارٽيءَ جي روپ ۾ ھن مھل اسفند يار وليءَ جو فرزند ڳاڙھي ٽوپي پائي ۽ پنھنجي سيني تي پنھنجي پڙڏاڏي يعني باچا خان جي تصوير سجائي سامھون اچي ٿو.
پاڪستان جا ڪجھھ سياسي مبصر عمران خان کي ڪجھھ نھ ڪجھھ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي اھا ڳالھھ ڪن ٿا تھ جيڪڏھن ٻيو نھ تھ گھٽ ۾ گھٽ عمران خان پاڪستان کي موروثي سياست کان تھ پري رکيو آھي. پر ڇا ان ۾ عمران خان جو پنھنجو ڪردار آھي يا ھن جو خاندان پاڪستان جي اقتداري سياست ۾ ائين خوار خراب ٿيڻ نھ ٿو چاھي، جيئن ٻين سياستدانن جا خاندان ٿيا آھن ۽ ٿي رھيا آھن. عمران خان جي اڳوڻي زال جمائما ھن مھل بھ عمران خان جي تمام سٺي ۽ مثالي دوست آھي، اھو ئي سبب آھي تھ ھوءَ عمران خان جي ھڪ پاپ کي بھ تمام گھڻي پيار سان پالي رھي آھي. جيڪڏھن ھوءَ چاھي تھ ھڪ ڀيرو ٻيھر عمران خان سان شادي ڪري ٿي سگھي يا جيڪڏھن نھ تھ گھٽ ۾ گھٽ عمران خان سان پنھنجا پٽ ويجھا رکي ٿي سگھي پر ھن پاران ھن مھل تائين ڪا بھ اھڙي ڪوشش نھ ٿي آھي. ھن عمران خان جي حڪومت دوران بھ عمران خان سان ويجھو اچڻ جي ڪوشش نھ ڪئي. ڇو تھ ھوءَ پنھنجي اندر ۾ اصول پرست ۽ آزاد فرد آھي. ھن کي گھٽياپڻي جي ڪا بيماري ناھي.
عمران خان پنھنجي خاندان جي مختلف مزاج سبب ان آزمائش کان بچيل آھي. جنھن سبب اسان جي ملڪي سياست ۾ سدائين ساڳيا چھرا نظر اچن ٿا. ڇا اھا حقيقت آھي ناھي تھ ملڪي سياست ۾ جيڪڏھن ڪنھن نوجوان جي دلچسپي ناھي بھ تھ ھن جي مٿان زوريءَ زبردستيءَ سياسي پڳ جا بار رکيا وڃن ٿا ۽ ان سلسلي ۾ جيڪو قومي ۽ جمھوري تحريڪن کي ڪاپاري نقصان پھچي ٿو، انھن جو ازالو بھ مشڪل آھي. اسان کي گھڻن رخن کان اھو ڪجھھ نظر آھي ۽ افسوس جي ڳالھھ اھا بھ آھي تھ ھن مھل تائين جيڪو ڪجھھ بھ ٿيو آھي، ان ۾ صرف اقتداري يعني پاور پاليٽڪس جي ڪردارن جو ڪردار نھ رھيو آھي پر اسان کي مارڪسي ۽ سوشلسٽ سوچ واري سياست ۾ بھ اھو گند نظر آيو آھي، جنھن جو تصور ڪرڻ بھ محال ھجڻ کپي ھا. پر اھو ڪجھھ ٿئي ٿو جيڪو ڪجھھ اسان جي سماج ۾ ٿي رھيو آھي. ھاڻي جيڪا سياسي قيادت جنھن سماج جي سسٽم مان فائدو حاصل ڪندڙ ھجي تھ اھا ان سماج ۽ ان سماج جي سسٽم جي خلاف حقيقي ۽ سچي ويڙھه ڪيئن وڙھندي؟ اھو سوال سدائين طبقاتي سوال تي سياست ڪرڻ وارن انسانن پوري شدت سان اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي پر انھن جي ڳالھھ کي جوڳي ڌيان سان نھ ٻڌو ويو آھي ۽ جيڪڏھن ٻڌو بھ ويو آھي تھ ان کي بلڪل بھ سمجھڻ جي ڪوشش نھ ڪئي وئي آھي. جيڪڏھن ان کي سمجھجي ھا تھ اسان سياسي طور تي تمام گھڻو اڳتي وڌي وڃون ھا. اسان جي سياست جي پوئتي پوڻ جو ھڪ اھم سبب اھو آھي تھ نئين سياست جي نالي ۾ پراڻي سياست جا پار ڇڏڻ لاءِ تيار ناھيون. اھو عمل اسان کي تمام گھڻي تڪيلف بھ پھچائي چڪو آھي ۽ ھن وقت بھ اسان جي سماج جي سورن جو ھڪ وڏو سبب اھو آھي تھ اسان ھن مھل بھ ان ڦندي ۾ ڦاٿل آھيون، جنھن ڦندي کي خانداني يا موروثي سياست جو ڦندو قرار ڏنو وڃي ٿو.
پاڪستان جي معاشري ۾ تمام گھڻي وقت کان وٺي ھڪ نئين ۽ نياري سياست جي تمنا پنھنجو اظھار ڪنھن نھ ڪنھن صورت ۾ ڪيو آھي. جڏھن تھ ھن دور ۾ اھا خواھش ۽ اھا تمنا تمام گھڻي محسوس ٿيڻ لڳي آھي پر ان جي باوجود بھ عوام جي آڏو ان قسم جي ڪا نئين سياسي جنس نھ آندي وئي آھي، جنھن کي قبول ڪندي ماڻھو ڪنھن طرح سان سرھائي محسوس ڪري سگھن. اسان ھن وقت ڀلي ستارن جا خواب ڏسون پر اسان جا پير ھن مھل بھ پراڻ پسنديءَ جي گپ ۾ گچيل آھن ۽ اسان ڪنھن بھ طرح سان پاڻ کي ان مان آجو نھ ڪري سگھيا آھيون. اسان کي ھن جمود مان نڪرڻ جي لاءِ ھڪ وڏي طاقت جي ضرورت آھي. جھڙي طرح ھڪ راڪيٽ کي زمين جي مدار مان نڪرڻ جي لاءِ تمام وڏي قوت جي ضرورت ھوندي آھي، تھڙي طرح اسان جي سياسي سسٽم کي بھ پنھنجي پراڻي مدار مان ٻاھر اچڻ جي لاءِ گھڻي طاقت ۽ سگھھ جي ضرورت آھي. ان سلسلي ۾ اھا ڳالھھ بھ ذھن نشين ڪرڻ گھرجي تھ تاريخ ۾ سدائين اھو ڏٺو ويو آھي تھ ڪنھن بھ قوم يا ملڪ کي نئين دور ۾ داخل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي تمام گھڻي شدت سان نئين نسل جي ضرورت درپيش ايندي آھي. ڇو تھ نئون نسل پنھنجي فطرت ۾ نئون بھ ھوندو آھي ۽ سگھارو بھ ھوندو آھي. جڏھن بھ ڪا نئين دور جي ابتدا ٿي آھي تھ ان جو سھرو نوجوانن جي سر رھيو آھي.
سنڌ ۾ جڏھن شاگرد يونين جي مٿان پابندي عائد ڪئي وئي تھ اسان ھڪ اھڙي قوت کان محروم ٿي وياسين، جنھن ۾ فطري طور تي قابليت بھ ھئي. ڇو تھ اسان سدائين اھو سمجھيو تھ اھا شاگرد سياست ئي آھي، جيڪا ڪنھن نھ ڪنھن طرح سان قوم کي قيات فراھم ڪري ٿي. ان شاگرد سياست ۾ اسان کي خاندانن جا سلسلا دم ٽوڙيندا نظر ٿي آيا. ڇو تھ شاگرد سياست جي صورت ۾ ھڪ ميدان تي مقابلي جھڙو منظر ھو. ان ۾ جيڪو بھ پنھنجي صلاحيتن سبب کٽي ٿي آيو، ان کي ڪاميابي ملي ٿي. اھو ئي سبب آھي تھ اسان کي شاگرد سياست مان جيڪا بھ ملي اھا بھتر سياست ملي پر ھن وقت اھو سلسلو ختم ٿي ويو آھي ۽ ان کي ختم ٿئي بھ تمام گھڻو وقت گذري ويو آھي. پھرين پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ھئي، پوءِ مسلم ليگ نواز آئي، پوءِ پي ٽي آءِ آئي ۽ ھاڻي پي ڊي ايم جي صورت ۾ سڀ ڪٺا ٿي آيا آھن ۽ سڀ ھوڪارا ھڻي رھيا آھن تھ انھن جي حڪومت ٺيٺ جمھوري حڪومت آھي پر ان جمھوري حڪومت ۾ بھ شاگرد سياست جي مٿان ساڳيا پھرا آھن. انھن پھرن جو ھڪ سبب اھو بھ آھي تھ موروثي سياست جي ذريعي ملڪي سياست کي پنھنجي خاندان جي خوشين ۽ خوشحالين جي لاءِ استعمال ڪندڙ قيادتون ڪنھن بھ طرح سان نھ ٿيون چاھين تھ اھي ڪنھن بھ طرح سان ملڪي سياست پنھنجي فيمليءَ جي فائدي کان ھٽائي ان کي قومي ۽ اجتماعي مفاد سان سلھاڙي. ان سبب جي ڪري اسان جي قومي سياست ۽ اسان جي جمھوري سياست بار بار نئون موڙ اچڻ واري مرحلي تي بھ پراڻي نظم کي ڪنھن بھ قيمت تي ڇڏڻ لاءِ تيار ناھي. ڇو تھ ان سان ان جا مفاد تمام گھڻا سلھاڙجي وڃن ٿا. اسان کي ان باري ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر غور ڪرڻو پوندو تھ اسان کي وقت بار بار اھو موقعو فراھم بھ ڪري ٿو تھ اسان پنھنجي سياست ۾ قيادت جي حوالي سان ڪا نواڻ پيدا ڪريون پر اسان نھ ٿا ڪريون. ڇو تھ ان جي مٿان اسان جي مفادن جو آرو آھي. اسان ھميشھ نئين سياسي قيادت جي صورت ۾ نئين سياست جي راھه کي ان مھل روڪيو آھي، جڏھن اھا مند جي ميوي وانگر معاشري جي جھوليءَ ۾ ڪرڻ لاءِ بنھھ تيار ھوندي آھي. پر اسان کي ان مھل بھ اسان جا پنھنجا ميرا مفاد جھلي وٺن ٿا ۽ اھو ھڪ ڪم ٿيڻ کان رھجي وڃي ٿو.
پاڪستان جي سياست جي مٿان پھرين ڏينھن کان وٺي اسٽيبلشمينٽ جو اثر رھيو آھي. اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوا فوج ۽ سياست ۾ علحدگيءَ جو اعلان ڪري پنھنجي اسٽڪ جنرل عاصم منير جي حوالي ڪئي آھي تھ فوجي قيادت جي تبديليءَ سان اسان جي ملڪي سياست بھ تبديل ٿيڻ گھرجي پر ان جي ڪا بھ اميد نظر نھ ٿي اچي. ڇو تھ ملڪ جي سياسي قيادت جن جي ھٿن ۾ آھي، اھي چھرا اڄ بھ ساڳيا آھن ۽ انھن ۾ ڪنھن بھ تبديليءَ جو ڪو بھ امڪان ناھي. اسان کي سمجھڻ گھرجي تھ جسماني چھرو اھم نھ ھوندو آھي. اصل صورت تھ سوچ جي ھوندي آھي.
اسان جو الميو ساڳي سوچ، سوڳيو سسٽم، ساڳي سياست آھي!!