شوبز

پاڪستان جو مشهور اداڪار افضال احمد لاڏاڻو ڪري ويو

پاڪستان جو مشهور اداڪار افضال احمد بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ميڊيا مطابق فلمن، اسٽيج ۽ ٽي وي ڊرامن ۾ پاڻ مڃائيندڙ افضال احمد فالج سبب دم ڏنو، کيس 21 سالن کان فالج جي بيماري هئي، جنهن جو علاج لاهور جي اسپتال ۾ ڪرائي رهيو هو. ادڪار افضال احمد 200 فلمن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ وحشي جٽ، شريف بدمعاش، عشق نچاوي گلي گلي، شعلي ۽ ٻيون فلمون مشهور ٿيون. جڏهن تھ اداڪار قوي سان گڏ سندس جوڙي گهڻي مقبول ٿي. هوڏانهن افضال احمد جي مينيجر رضوان ٻڌايو تھ برين هيمريج سبب افضال احمد کي جنرل اسپتال آندو، انتظاميا ڌار بيڊ نھ ڏنو، ٻئي مريض سان گڏ سمهاري ڇڏيو. هن سوڳوارن ۾ 3 ڌيئرون ڇڏيون آهن، تدفين آمريڪا مان ڀيڻ اچڻ بعد ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button