اڳ ۾ حيدرآباد جي مشهور حاجي رٻڙي ٺڪر جي ٽڀن ۾ ملندي هئي ۽ ان تي ڍڪ لاءِ مٿان پنو چنڀڙائي سوتلي سان ٻڌي ڏيندا هئا، جيڪا انهيءَ پيڪنگ ۾ پوري پاڪستان ۾ ويندي هئي پر پوءِ هاڻي ان به اهي ٽڀا ڇڏي پلاسٽڪ جا دٻا يا باڪس استعمال ڪرڻ شروع ڪيا آهن پر ٻئي پاسي وري ٽڀن جو نئون استعمال شروع ٿي ويو آهي. يعني ٽڀن ۾ تندوري چانهن پچاءِ هڪ نئون سواد ۽ ذائقو متعارف ڪرايو ويو آهي، اڳ ۾ ماهه محرم ۾ سبيلن تي اهي ٽڀا رکيل هوندا هئا جن ۾ پاڻي پيئبو هو پر هاڻي اتي به پلاسٽڪ جا گلاس اچي ويا آهن، اڳي وهنجڻ جي جاءِ ۾ هٿ پير صاف ڪرڻ لاءِ کرڙيون به رکيل هونديون هيون هاڻي شايد انهن جو رواج به نه رهيو آهي ۽ ان جي جاءِ تي پلاسٽڪ ۽ نائيلون جا بُرش اچي چڪا آهن. ٻارڙن کي بچت جي عادت وجهڻ لاءِ ٺڪر جون کُڏڻيون ۽ ڀانڊارا مختلف سائيزن ۾ ننڍيون، وچوليون، وڏيون ۽ تمام وڏيون اڄ به ٺاهيون وڃن ٿيون يعني تند کي بند ناهي، هر ڌنڌي، هنر، فن ۽ روزگار ۾ عروج ۽ زوال هلندو رهندو آهي.
ايئن ته هي ڪنڀارڪي ڪرت يا ڪم سڄي سنڌ ۾ ٿئي ٿو پوءِ ڪٿي اهي ڪنڀار ايڪڙ ٻيڪڙ ۽ ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ رهن ٿا ته ڪٿي وري پنهنجا پاڙا، گهٽيون يا محلا وسائي ويٺل آهن، سنڌ جي اترئين پاسي دادو،جوهي، خيرپور ناٿن شاهه، ميهڙ، راڌڻ ۽ ٻين ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪنڀارن جون ڪيئي وسنديون ۽ واهڻ آهن، انهن علائقن جا مٽ، گهگهيون، دلا، دکيون ۽ ڪُنا هلڪي پيلي ۽ ميٽوڙي رنگ جا ٿين ۽ اهي پاڻي به جام ٿڌو ڪن. ان کان سواءِ وارهه، نصير آباد، لاڙڪاڻو، قمبر، شهدادڪوٽ، ڪشمور، گهوٽڪي، سکر، شڪارپور، سانگهڙ، نوابشاهه، ڀٽ شاهه، مٽياري ۽ هالا ۾ به هي ڪم جام ٿئي ٿو، جيئن ته هر علائقي جي پنهنجي آب و هوا ۽ مٽي جي تاثير مختلف ٿئي ٿي، اتي جي ٺڪر جي شين جو نمونو ۽ معيار به مختلف ٿئي ٿو. ان کانسواءِ حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، ميرپورخاص، عمر ڪوٽ، ڪنري، مٺي، ننگرپارڪر ۽ ٿر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ هي ڪنڀارڪو ڪم تمام بهترين ۽ جٽاءُ دار ٿئي ٿو. ان کان سواءِ لاڙ پٽ سجاول، بدين، ٺٽو، جاتي، ٽنڊو باگو ۽ ماتلي ۾ به هن ڪم جي وڏي هاڪ آهي. ڪراچي جا ڪنڀار به ڪنهن کان گهٽ ڪاريگر ناهن، اهي جديد دؤر مطابق پنهنجي ڪرت کي لڳا اچن ۽ ڪافي نواڻ آندي اٿن.
ماضي قريب ۾ هڪ ڪنڀار ٺڪر جي چلمن (سلفين) ٺاهڻ جو شاهه ڪاريگر ٿي گذريو آهي. ان کي “ڪُنڍل ڪنڀار” چوندا هئا. هن جي ٺهيل چلم ۾ پستول، ڪهاڙي، مائوذر، ٽي ٽي، اوزي، ڪلاشنڪوف ۽ ٻيون ڪيئي ڊزائين ۽ ماڊل تخليق ڪيل هوندا هئا. اهو ڪنڍل ڪنڀار سنڌ جي سڀني وڏن ۽ مشهور ميلن ۽ ملاکڙن ۾ وڃي اسٽال لڳائيندو هو ۽ ان کان شوقين وٺي وڃي پنهنجن ماڳن مڪانن تي لئي ڪندا هئا. هاڻي ان جو پٽ شايد سوڍل ڪنڀار اهي شيون ٺاهي ٿو.
ڪنڀارن جي سڀين وستين آبادين، ڪالونين يا پاڙن ۾ انهن جا گهر به آهن ته وري سندن نهائيون، چڪ ۽ وڏيون جايون به آهن جتي هي ٿانو پچائي تيار ڪري سڪائي ۽ صاف ڪري پوءِ هٿ گاڏي تي رکي، مٽ، دلا، ناديون، پاٽوڙا، ڪُنيون، دکيون، پياليون، گلاس، ڏيئا، مگا، ڪونڊا ۽ کُڏڻيون کڻي شهر جي پاڙن، ڪالونين، سوسائٽين، گهٽين ۽ محلن ڏانهن نڪري پوندا آهن ۽ پوءِ مٽ يا دلي تي ڪاٺي ڏونڪي وانگر وڄائي واٽهڙن ۽ گهرن ۾ ڪم ڪندڙ مائين ۽ پوڙهين پڪين جو ڌيان ڇڪائيندا آهن، جيڪي ٺڪ ٺڪ جي آواز تي نڪري در وٽ بيهن ٿيون ۽ پوءِ گهربل سامان وٺن ٿيون، ڪي ڪنڀار وري پنهنجا گاڏا روڊ ڪناري لڳائي پنهنجو دڪان سينگاري ويٺل هوندا آهن.
هاڻوڪي دؤر ۾ هن ڪم ۾ به ڪن پڙهيل لکيل نئين ٽهي وارن ڪنڀارن تمام گهڻي جدت آندي آهي، جن ۾ مختلف قسمن جا مجسما، جانورن جا ماڊل، ڊيڪوريٽيڊ پارٽيشن، بارڊر، کيريل، ڪانسون ۽ مختلف ماڊلن ۾ ڪونڊيون، گل دان، مسارا ۽ ڪيئي قسم جا ڊيڪوريشن پيس تيار ڪري مارڪيٽ ۾ آڻين ٿا. اهڙي طرح ايليٽ ڪلاس ۽ برگر فئمليون اهڙن شهه پارن کي خريد ڪري پنهنجن بنگلن، ڪوٺين ۽ محلن ۾ زينت وڌائين ٿيون.
دراصل ڪنڀارڪو ڪم سخت محنت مشقت وارو پورهيو آهي. سڀ کان اڳ ڪنڀار کي چيڪي مٽي جي ڳولها ڪرڻي پوندي آهي. ان کانپوءِ ان مٽيءَ کي ٻه ٽي دفعا سنهو ڪٽي، ڇاڻي ان مان ڳنڍا، ڳوڙها، پتر ٺڪر ڪڍي صاف ڪري پوءِ پاڻي سان ڳوهبو آهي. پوءِ هن کي دم ڏيڻ لاءِ ڏهه ٻارنهن ڪلاس ڇڏي ڏبو آهي. پوءِ وري ان کي اٿلائي پٿلائي چڪ تي چاڙهي گهربل شئي ٺاهي، لاهي، سڪائي پوءِ نهائين ۾ پچڻ لاءِ وجهبي آهي، پوءِ ڪڍي ان جي ڪوالٽي چيڪ ڪئي ويندي آهي ۽ ان کانپوءِ اها مصنوعات مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ آندي ويندي آهي.
حيدرآباد شهر ۾ به ٽي ڪنڀار پاڙا آهن. پهريون ڪنڀار پاڙو ڄامشورو روڊ تي حُر ڪئمپ وٽ، ٻيو ٽنڊو ولي محمد ۾ ۽ ٽيون ڪنڀار پاڙو ٽنڊي يوسف واري ڦاٽڪ وٽ آهي. انهن ٽنهي مان ٽندو ولي محمد وارو ڪنڀار پاڙو سڀ کان قديمي آهي، جنهن لاءِ ٻڌايو ٿو وڃي ته اهو انگريز دؤر کان به اڳ جو آباد ٿيل آهي ۽ تمام آڳاٽي دؤر ۾ هتي اچي اهي ڪڇي ڪنڀار ٿانيڪا ٿيا هئا ۽ پنهنجو پاڙو وسائي ويٺا، ان کانپوءِ ٻئي نمبر تي آباد ٿيندڙ ٽنڊو يوسف ڦاٽڪ وارو ڪنڀار پاڙو آهي، هتي به اهي ڪنڀار تمام پراڻا ويٺل آهن، پوءِ جيئن ته انگريزن جي دؤر ۾ ڄامشوري روڊ تي حُر ڪئمپ قائم ٿي ۽ واٽر سپلاءِ لاءِ جيڪب ٽينڪ ٺهيو، مٿي ٽڪري تي هن شهر جي باني ۽ حاڪم سنڌ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي عباسي جي مزار جيڪا پڻ ٽي صديون پراڻي آهي ۽ هيٺ ڀرپاسي وارا علائقا ۽ پٽ خالي پيل هئا، اتي اهو ڪنڀار پاڙو قائم ڪيو ويو، جيڪو هاڻي حيدرآباد ڪنٽونمينٽ بورڊ جي حدن ۾ اچي ٿو، يعني ته اهو انگريز دؤر حڪومت کان قائم شده آهي. پر مٿيان ٻئي ڪنڀار پاڙا انگريزن جي حڪومت کان به گهڻا پراڻا ٻڌايا وڃن ٿا.
سنڌ ۾ ڪنڀارن جون ڪيئي تنظيمون ۽ جماعتون آهن پر سنڌ سطح تي ڪنڀارن جي نمائنده جماعت “آل سنڌ ڪنڀار اتحاد” آهي، جيڪا سنڌ جي سمورن سنڌي ڪنڀارن تي مشتمل آهي ۽ ان جون شاخون ضلعي سطح تي آهن، ان اتحاد جو يوم تاسيس هر سال فيبروري مهيني ۾ ملهايو ويندو آهي. جڏهن ته ڪنڀارن جي هڪ ٻي متوازي تنظيم “مسلم ڪڇي ڪنڀار جماعت” آهي، جنهن جو هيڊ ڪوارٽر ڪراچي ۾ آهي، جيڪا ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص ۽ بدين ضلعن ۾ ڪم ڪري ٿي. ڪراچي ۾ هن جماعت جا ڪميونٽي سينٽر، اسڪول ۽ ٽيوشن سينٽر به آهن. ملڪي سطح تي ڪنڀارن جي تنظيم “رحماني برادرز” آهي. جنهن جي مرڪزي آفيس اسلام آباد ۾ آهي، جيڪا سڄي پاڪستان جي مڙني صوبن جي ڪنڀارن جي مرڪزي جماعت يا اتحاد آهي.
ڪينٽ واري ڪنڀار پاڙي جي پ پ جي ڪائونسلر فقير محمد ڪنڀار ٻڌايو ته “ڪنڀار اصل ۾ تمام گهڻا محنت ۽ جفاڪش پورهيت آهن، جيڪي سارو ڏينهن مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿي به پنهنجي روزي ڪمائين ٿا پر افسوس جو کين سندن محنت جو پورو اجورو نٿو ملي، اسان جي وس وارن ۽ بالا حاڪمن کي اپيل آهي ته سنڌ جي هن قديم هنر جي ڪاريگرن جي زندگيءَ ۾ به خوشحالي آندي وڃي ۽ هن هنر جي سرڪاري طور سرپرستي ڪري اڃان به وڌيڪ اجاگر ڪيو وڃي.”
سنڌ جي راڄڌاڻي ڪراچي به ڪنڀارن جو وڏو مرڪز آهي. ڪراچي ۾ ڪنڀارن جي وڏي ۾ وڏي وستي يا پاڙو “ڪمهار واڙا” لياري ۾ آهي. ان کانپوءِ “ڪلان ڪوٽ” وارو ڪنڀار پاڙو، بلديه ٽائون، خميسو ڳوٺ نيو ڪراچي، ڊالميا، شانتي نگر ۽ مواڇ ڳوٺ ۾ ڪنڀار پاڙا آهن. ياد رهي ته ڪراچي ۾ ڪڇي ڪنڀارن جي اڪثريت آهي. هنن جون پنهنجون مخصوص ريتون ۽ رسمون آهن، شادين مرادين ۽ ٻين خوشي جي موقعن تي هي وڏا سانگ رچائي ٺينگ ٽپا ڏئي خوشيون ملهائين ٿا.
جيئن ته اڄ سڄي سنڌ ۾ “ثقافتي ڏهاڙو” ۽ “ٽوپي اجرڪ” ملهايو پيو وڃي، ان جي مناسبت سان اهو نماڻو عرض آهي ته اهڙا ڏينهن ملهائڻ زنده قومن جي روايت آهي پر ان سان گڏ پنهنجي ثقافتي شين ۽ هنرن کي هٿي وٺرائي عروج تي پهچائڻ به اسان جو قومي فرض ٿئي ٿو.
اهڙي طرح سان نه صرف هي قديم ڪنڀارڪو ڪم پر ثقافت جي زمري ۾ ايندڙ سمورا هنر جهڙوڪ گج، گهگهرا، چولا، ڀرت، رليون، روا، چنريون، ٻانڌڻو، ڪُشن، وهاڻا، چانهن دانيون، جنڊي جون کٽون، پلنگ ڪرسيون، ميزون، صوفا، سينگار ٽيبلون، پينگها، جهولا، ڪاشيءَ جون ٽائيلز، ڪُنگرا، مُنارا، ڊيڪوريشن پيس پليٽون، مُخبا ۽ گلاس، سنڌي ٽوپيون، لونگيون، کيس، کٿا، لوئيون، شالون، اجرڪون ۽ رومال ان کان سواءِ هارين جا هر، کرپيون، ڏانداريون، پاڃاريون، مال جا توبرا، کرليون، ان کانسواءِ قديم ساز چنگ، بوڙينڊو، نڙ، سُروندو، سِتار، مفرمان ۽ بينون، پيش جا ڇٻا، ڇٻيون، ڇڄ، ڇليون، تڏا،توئنريون، نکون، ڪاٺ جي ڪم ۾ مخبا، دٻليون،پيتيون، گلڪاري ۽ منوت جو ڪم، رنگائي، ڇپائي، گهاڻي، ڪُورڪو ڪم، وينجهار، سون ۽ چاندي جو ڪم، لوهار ۽ کتيءَ واري ڪرت ۽ ٻيا سڀ هنر ۽ فن ان ثقافت جا اهڃاڻ آهن. اسان کي گهرجي ته پنهنجي سماج جي نج پورهيت ۽ هُنر کي همٿايون ۽ انهن کي دنيا آڏو بهترين انداز ۾ پيش ڪري پنهنجو قومي ڪردار ادا ڪيون. آخر ۾ ڪنڀارن واري موڪلاڻي “ٻيڙا پار فاضل ڪنڀار” يار زنده محبت باقي.
(پورو ٿيو)