عمران خان جي ھاڻوڪي صورتحال سنڌيءَ جي مشھور چوڻي (پنھنجي وڍئي جو نھ ويڄ نھ طبيب) سان ٺھڪي بيٺي آھي. تازو گذريل جمعي تي کيس اسيمبلين مان استعيفيٰ ڏيڻ جي تاريخ جو اعلان ڪرڻو ھو پر ٿيو ھيئن آھي جو اھڙي تاريخ جو اعلان ڪرڻ بدران حڪومت کان اليڪشن جي تاريخ گھرڻ جو چئي، ايئن ئي پوئتي ھٽيو آھي، جنھن جي اڳڪٿي پاڻ پنھنجي گذريل مضمون ۾ ڪري چڪا آھيون. نھ رڳو پاڻ پر سمورا سياسي تجزيي نگار اھو ئي چئي رھيا ھئا تھ عمران خان اسيمبلين تان استعيفيٰ ان ڪري نھ ڏيئي سگھندو جو تحريڪ انصاف ھاڻ سندس ھٿن مان تيزيءَ سان سِرڪڻ لڳي آھي ۽ تحريڪ انصاف جا گھڻا تڻا ماڻھو استعيفيٰ واري معاملي ۾ ساڻس سھمت ناھن. ان ڳالھه کي عمران خان جي انھي ڪالھوڪي بيان سچ ثابت ڪيو آھي، جنھن ۾ ھو استعيفيٰ تان پوئتي ھٽي اليڪشن جي تاريخ گُھرڻ لڳو آھي. ھاڻ اچو تھ ان معاملي کي ڏسون تھ ڇا ايندڙ اليڪشن عمران خان جي مرضي واري تاريخ تي ٿي سگھي ٿي؟
دراصل پاڪستان جي سياست جنھن موڙ تي اچي پھتي آھي، تنھن ۾ ھاڻ اھو ممڪن ئي ناھي جو ڪنھن ھڪ ماڻھو جي مرضيءَ کي ملڪ مٿان مڙھيو وڃي. اھڙو ماڻھو وري جيڪڏھن عمران خان جھڙو ھجي تھ پوءِ سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ڇاڪاڻ تھ عمران خان جي مرضي ئي ملڪ کي اچي ان ھنڌ پھچايو جو اسٽبلشمينٽ مقامي توڙي عالمي سطح تي مُنھن ڏيکارڻ جھڙي بھ ڪانھ رھي. اھو ئي سبب ھو جو عمران خان کي مُدي پوري ڪرڻ کان اول ئي گھر ڀيڙو ڪيو ويو. مُدي پوري ڪرڻ کان اول عمران خان کي گھر ڀيڙو ڪرڻ ان ڪري بھ لازمي ٿي پيو ھو جو ھُو اڳيان عسڪري ڪمانڊ جي حوالي سان جيڪي ڪجھه ڪرڻ وڃي رھيو ھو، تنھن جي قيمت ادا ڪرڻ اسٽبلشمينٽ جي وس ۾ ھئي ئي ڪانھ. ۽ ٻيو تھ تحريڪ انصاف کان سواءِ ٻيون سموريون پارٽيون جن چونڊ سڌارن جي حق ۾ آھن، سي سڌارا نھ پئي ٿي سگھيا. سو اھو قصو تھ ٿيو پورو، جيڪو عمران خان اڳتي گھلڻ وڃي رھيو ھو. ھاڻ ملڪ اندر نئين ڪھاڻيءَ جا نوان ڪردار جيئن طئي ٿيا آھن، تنھن ڪھاڻيءَ ۾ ڪابھ ڦيرگھير عمران خان جي مرضيءَ سان نٿي ٿي سگھي.
اھو ان ڪري جو ھن وقت ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو معاشي بحران آھي. اھو معاشي بحران جنھن کي وڌائڻ ۾ عمراني ٽولي کي ماضي جي سمورن ٽولن کان وڌيڪ ذميوار سمجھيو پيو وڃي. ھر عام ماڻھو جو اھو ئي موقف آھي تھ جيئن عمران خان اقتدار سنڀاليو تيئن ھر ايندڙ ڏينھن عام ماڻھو جي زندگي زھر بڻائيندو ويو ۽ اڄ عام شھري ھڪ ويلي جي رُکي سُکي ماني جھڙو بھ ناھي رھيو. عمران خان جا لڇڻ اھي ھئا جو جڏھن کيس اھو چيو ويو تھ بابا عام ماڻھو جي زندگي تَري سان وڃي لڳي آھي، تڏھن ھن چيو تھ ھُو ڪو ٽماٽن ۽ بصرن جا اگھه سنڀالڻ لاءِ ٿورئي آيو آھي؟ عمران خان جي اھڙي ھلڪڙائيءَ جو ملڪ جي مسڪين طبقي تي انتھائي ناڪاري اثر پيو ۽ ماڻھن چوڻ شروع ڪيو تھ اسان جو مسئلو تھ دال ۽ بصر ئي آھن، جيڪڏھن عمران خان جي ايجنڊا ۾ ان مسئلي جي ڪا جاءِ ناھي تھ پوءِ اسان جو بھ اھڙي شخص سان ڪھڙو تعلق؟
حقيقت ھئي بھ اھا تھ عمران جي ايجنڊا ۾ نھ عام ماڻھوءَ جي حياتيءَ ۾ ڪو ڦيرو آڻڻ ھو ۽ نھ ئي ملڪ کي ڪا عزت ڏيارڻ. ھُن کي وزيراعظم ٿيڻ جو شوق ايستائين وٺي آيو، جتي کيس سواءِ پنھنجي ذات جي ٻيو ڪجھه بھ نظر نٿي آيو. ھو شريف خاندان ۽ زرداري دشمني ۾ سڀني کي چور چور چوندو پاڻ سان گڏ اھڙا ماڻھو کڻي اڳتي وڌيو، جن جا ھٿ پڻ ڪروڙين اربن جي گھوٻين مان رڱيل ھئا. ايتري حد تائين جو سندس گھر ۾ بھ سوکڙين جي نالي ۾ جيڪي ھيرا جواھر پئي پھتا، تن کي بھ ھو جائز سمجھندو رھيو. عوام اھو سڀڪجھه ڏسي جڏھن ڀيٽ ڪرڻ لڳو تھ عوام کي عمراني نفسيات جي انھي رجحان سان سخت بيزاري ٿيڻ لڳي، جنھن ۾ ھو پنھنجي لاءِ سڀڪجھه جائز سمجھي سياسي اخلاقيات جون ڌڄيون اڏائيندو ٿي ويو. ايئن اندران ئي اندران عمران خان پاڻ پنھنجي ھٿن سان پنھنجي لاءِ ان انجام جي کڏ کوٽيندو رھيو، جنھن ۾ اڄ ھو ڪِريل آھي.
ھاڻ سوال اھو آھي تھ انھي کڏ مان ھو نڪري تھ آخر ڪيئن نڪري؟ ظاھر آھي انھي کڏ مان ھو ھاڻ اڪيلو تھ نٿو نڪري سگھي ۽ اھي ھٿ جيڪي ھن کي ھر لوڏي ۾ سنڀالي ٿي ھليا، سي بھ ھاڻ ناھن رھيا. تنھنڪري لڳي اھو ئي ٿو تھ عمران خان پنھنجي ھٿ سان کوٽيل انھي کڏ ۾ ڪافي عرصو رھڻو آھي. ان صورتحال جي نشاندھي ھو پاڻ بھ اھو چئي ڪرڻ لڳو آھي تھ کيس نااھل ڪري گرفتار ڪرڻ جي سنبت ڪئي پئي وڃي ۽ اھڙو اشارو ھن نئين ڪھاڻيءَ جي مکيھ ڪردار آصف علي زرداري پڻ ڏيئي ڇڏيو آھي. جنھن ۾ ھن چيو آھي تھ اليڪشن کان اڳ عمران خان گرفتار ٿي سگھي ٿو.
تھ پوءِ اھڙي کڏ ۾ ڪريل ماڻھو سان ڪير ٿو سندس مرضي موجب بيھي سگھي؟ اھو پرويز الاھي جنھن کي جڳ جھان سڃاڻي تھ ھو ڪنھن جو ماڻھو آھي؟ تنھن پرويزالاھي جيڪڏھن پنجاب حڪومت ۾ عمران خان جو ساٿ ڏنو تھ ان راز تان بھ مونس الاھي اھو چئي پردو کڻي چڪو آھي تھ ايئن ڇو ٿيو. مونس الاھي چيو آھي ھنن عمران خان سان بيھڻ جو فيصلو جنرل باجوا جي ئي چوڻ تي ورتو ھو. ھاڻ پرويزالاھي ڀل ھزار ڀيرا اھو چوي تھ ھو اھو ئي ڪندو جيڪو عمران خان کيس چوندو پر اھو سڀ چوڻ جي حد تائين آھي. عملي طور اھو ئي ٿيندو جيئن پرويزالاھي جي اصل پُٺ چاھيندي. پرويز الاھي جي اصل پُٺ ڪھڙو فيصلو ڪرڻ پئي وڃي، تنھن جو اشارو پاڻ ان مان سمجھي سگھون ٿا، جنھن ۾ پنجاب اندر عدم اعتماد واري امڪان کي في الحال پوئتي ڪيو ويو آھي. جي نھ تھ عمران خان جيئن ئي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا اسيمبلين ٽوڙڻ جي ڀڀڪي ڏني ھئي، تيئن ئي حڪمران ڌر اھو چئي کيس کنگھيو ئي ڪونھ تھ عمران ڇا اسيمبليون ٽوڙيندو، اسين پاڻ پنجاب جي وڏي وزير خلاف عدم اعتماد آڻي، پنجاب ۾ پنھنجي سرڪار سِرجڻ وڃي رھيا آھيون.
سو اھڙيون اوچتيون مٽجي ويل حالتون عمران کي لڳاتار توائي ڪرڻ لڳيون آھن ۽ ھن جو حال اھو ئي آھي، جنھن ۾ ھر ڏينھن بيان ڏيئي ٻئي ڏينھن پاڻ پنھنجي بيان جي ترديد ڪندي اھو چوڻ لڳو آھي تھ منھنجي فلاڻي بيان کي غلط سمجھيو ويو آھي. ٻيو اھي ڌمڪيون جيڪي نھ ڪالھه عمران جي ڪم آيون ۽ نڪو ئي اڄ اھڙين ڌمڪين مان کيس ڪجھه ورڻو آھي، سي ڏيندو ٿو ھلي. اھا آھي ھن يار جي صورتحال جنھن يار کي اھو گمان ھو تھ ھو سدائين لاءِ اقتدار ۾ رھندو. سياست ۾ اختلاف ٿيندا آھن پر عمران سياسي اختلافن کي ذاتي نوعيت جي انائن ڏانھن ڌڪي ملڪ ۾سياسي اخلاقيات جون جيڪي ڌڄيون اڏائيندو ويو، تنھن ڇَسي حرڪت ئي کيس اڪيلو ڪيو. اھا اڪيلائي جيڪا وقت گذرڻ سان وڌندي ئي ويندس. ڇاڪاڻ جو ھاڻ ھو پاڻ جڏھن اليڪشن جي تاريخ جي بھاني ئي سھي پر حڪومت سان ڳالھين جا اشارا ڏيئي رھيو آھي، تڏھن حڪمران اتحاد مان ڪوبھ ساڻس ڳالھائڻ لاءِ تيار ناھي. ڏٺو وڃي تھ ھڪ سياستدان جي اھا سڀ کان وڏي ناڪامي ھوندي آھي جو ڪير ساڻس ڳالھائڻ لاءِ تيار نھ ھجي. ھاڻ اھا ناڪامي عمران جو ذھني توازن، جيڪو اڳ بھ ڪڏھن ٿانيڪو ناھي رھيو، تنھن کي وڌيڪ بگاڙيندي نظر ٿي اچي. تڏھن ھو تھ توائي ٿي اھڙا بيان ڏيڻ لڳو آھي تھ جيڪو ڪجھه اعظم سواتي سان ٿيو، جيڪڏھن اھو سڀ ساڻس ٿئي ھا تھ ھو خودڪش حملي بابت سوچي ھا ۽ رات ڏينھن اھا رٿابندي ڪري ھا تھ آئون مخالفن کان پلاند ڪيئن وٺان؟ ھاڻ اھڙي پلاندي نفسيات واري ماڻھوءَ کي ھي ملڪ آخر ڪيئن ٿو برداشت ڪري سگھي؟ ملڪ کي ھن وقت جنھن سنجيدگيءَ جي ضرورت آھي، تنھن سنجيدگيءَ کان وانجھيل عمران خان جو جيڪڏھن ڪوئي سڄڻ بچيل آھي تھ ان کي ھن ھمراهه کي اھا سُھڻي صلاح ڏيڻ گھرجي تھ ماٺ ڪري اسيمبلين ۾اچي پنھنجو ڪم ڪري ۽ مقرر وقت تي ايندڙ اليڪشن جي تياري ڪري. جيڪڏھن عوام جي ڪِن حلقن ۾سندس حقيقي حمايت موجود آھي تھ اھا حمايت ڪير ٿو کانئس کسي؟ ڪير بھ نھ. ھا باقي جيڪڏھن اھي ئي افعال رھيس ۽ رڳو پنھنجي ھلائڻ واري ھوڏ ۾ڦاٿل رھيو تھ پوءِ کيس ڪير بھ ان زوال کان نٿو بچائي سگھي، جيڪو زوال تاريخ ۾ ھوڏ ۽ ھٺ جي شڪار جنوني ڪردارن ۾ طئي ٿيل رھيو آھي. ھي ملڪ ھاڻ ھوڏ سان نھ پر ھوش سان اڳتي وڌي سگھي ٿو ۽ الميو اھو آھي تھ عمران خان اھڙي ھوش کان محروم آھي.