ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نون صوبن وارو کٽراڳ

ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام بابت مختلف سياسي پارٽين پاران آواز اٿندا رهندا آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ نوان صوبا قائم ڪرڻ لاءِ سدائين ايم ڪيو ايم اڳيان اڳيان هوندي آهي، هاڻي ان سان پي ٽي آءِ به گڏجي وئي آهي. عمران خان ته پنهنجن تقريرن ۾ ڊويزنن کي به صوبا قرار ڏيڻ جو چوندو آهي. سندس نيت اها آهي ته سنڌ جي هر ڊويزن کي صوبو قرار ڏنو وڃي ته جيئن سنڌ جي وحدت قائم نه رهي سگهي ۽ جيڪي ماڻهو سنڌ جي وحدت کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا اهي پنهنجن ارادن ۾ ڪامياب ٿي وڃن. تازو ئي ملڪ ۾ نوان صوبا قائم ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ به نوان صوبا قائم ڪرڻ جي حوالي سان بحث هلندڙ آهي. ايم ڪيو ايم ان ڳالهه تي زور ڏئي رهي آهي ته نوان صوبا قائم ڪرڻ لاءِ آئين ۾ موجود صوبائي اسيمبليءَ مان منظوري جي شق کي ختم ڪيو وڃي. جڏهن ته پيپلز پارٽي ان بابت پنهنجو موقف سدائين سياسي رکندي آئي آهي. هاڻ آئيني ترميمن لاءِ هڪ خاص ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي. جنهن تي سنڌ جون سياسي ڌريون اعتراض واري رهيون آهن.
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي چيئرمين ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف طرفان نون صوبن جي قيام ۽ آئيني ترميمن لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙڻ تي سخت تحفظات جو اظهار ڪيو آهي. ڪراچيءَ مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي پنهنجن اتحادين سان گڏجي سنڌ جي وحدتن ۽ سلامتي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن، جنهن کي اسان ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا چارئي صوبا تاريخي وحدتون آهن ۽ قومي وحدتن کي ڪنهن به بنياد تي ورهائي نٿو سگهجي، سنڌ جي وحدت تي وار سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو، تاريخي وحدتن کي ورهائڻ پاڪستان کي ٽوڙڻ برابر هوندو. هن چيو ته جڏهن به وفاقي حڪومت ڪمزور ٿيندي آهي ته نون صوبن جو راڳ آلاپيندي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به سنڌ سان وفا نه ڪئي آهي ۽ هميشه سنڌ کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪيو آهي، پيپلز پارٽي هميشه اقتدار خاطر سنڌ کي ورهائڻ جون سازشون ڪيون آهن، هنن ايم ڪيو ايم سان گڏجي ٻٽي نظام ذريعي سنڌ کي ورهائڻ جي سازش پڻ ڪري چڪي آهي. پر سنڌ جي عوام جي سخت مخالفت سبب کين پنهنجو سنڌ مخالف فيصلو واپس وٺڻو پيو، اڄ ٻيهر پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽيءَ کي چتاءُ ٿا ڏيون ته سنڌ جي وحدت خلاف ڪوبه فيصلو ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم جا جيڪي ميمبر ان ڪميٽي جا ميمبر آهن، انهن کي گهرجي ته هو پنهنجو قبلو درست ڪن ۽ ملڪ جي تاريخي وحدت خلاف سازشن کان پاسو ڪن. جلال محمود شاهه چيو ته اسان پي ڊي ايم جي مرڪزي قيادت ۽ خاص ڪري سنڌ سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبرن کي خبردار ڪريون ٿا ته جيڪڏهن انهن سنڌ جي وحدت خلاف ڪنهن به قسم جي سازش ۾ حصو ورتو يا سنڌ دشمنيءَ وارو ڪو قدم کنيو ته پوءِ انهن کي اهو ضرور سوچڻو پوندو ته هو سنڌ ۾ واپس ايندا ۽ سنڌ جو عوام کين سڪون سان ويهڻ نه ڏيندو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وحدت ۽ سلامتي خلاف ٿيندڙ سازشن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، اسان جي زمين جي هڪ انچ به زمين تي قبضو قبول نه ڪنداسين. سيد جلال محمود شاهه چيو ته جيڪڏهن سنڌ کي ورهائڻ جو ڪو به قانون پاس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ اسان سنڌ جي عوام سان گڏ مزاحمت ڪنداسين ۽ پارليامينٽ جو گهيراءُ ڪنداسين.
اسين سمجهون ٿا ته ايم ڪيو ايم، پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم کي اها ڳالهه ذهن ۾ويهارڻ گهرجي ته سنڌ اڪ جي ماکي ناهي تنهنڪري جيڪا به ڌر سنڌ جي وحدت کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿي اها ڪنهن به ريت سنڌ سان سچي نٿي ٿي سگهي، ڀلي اها پيپلز پارٽي ئي ڇو نه هجي. ان ڪري ان تي ڪي به ٻه رايا نه آهن ته سنڌ جي وحدت سان ڪنهن به ريت هٿ چراند نٿي ڪري سگهجي. سنڌ هتان جي اصلوڪن ماڻهن جو تاريخي وطن آهي ۽ ڪنهن به سياسي پارٽيءَ کي ان ڳالهه جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي ته اها پنهنجي پر ۾ اهو فيصلو ڪري ته سنڌ جي ڌرتيءَ کي ورهائڻو آهي. تنهنڪري صوبن واري ڪميٽيءَ کي ترت ختم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button