سنڌ

نصيرآباد ۾ ايس يو پي جو ڄامشوري پوليس خلاف احتجاج

نصير آباد ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران شاهه لطيف پبلڪ پارڪ تي سٽي صدر فقير علي گل ڪانڌڙي ۽ سياف ضلعي صدر ڪامريڊ زين نوناري جي اڳواڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي ۽ ڄامشوري پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته هر سال جيان هن سال به ڊسمبر جي پهرين هفتي کان سنڌ جي جهر جهنگ سميت دنيا ڀر ۾ وسندڙ سنڌي ايڪتا ملهائيندا آهن، سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ همدرد شاگرد تنظيمن پاران شاندار ثقافتي جلسو سياف جي مرڪزي صدر ڪامريڊ زيب جتوئي جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو هو، جنھن تي يونيورسٽي انتظاميا مڇرجي ڪيس داخل ڪرايو آهي، سياف جي مرڪزي صدر زيب جتوئي، سنڌ يونيورسٽي جي صدر امر آڪاش لاکي، زوهيب سنڌي، ارسلان آريسر ۽ 300 کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻين تي ڪيس داخل ڪرائي شاگرد دشمني جو ثبوت ڏنو آهي. مظاهري ۾ فقير علي گل ڪانڌڙي، ڪامريڊ زين نوناري، اطھر سنڌي، عرفان شيخ، منصور ڪاٺيو، زوهيب نوناري، شاهه رخ نوناري، وڪيل احمد اوڍاڻي ۽ رحمان هيسباڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button