ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سوويت يونين ۽ قومون-I

Editorial-Article- Yameen Jatoi

دنيا ۾ هڪڙي بي بنياد پروپئگنڊا موجود آهي ته، سوويت يونين جي ڊهڻ جو بنيادي سبب ان جو هڪ “غيرفطري” رياست هئڻ جي حيثيت ۾ قومن جي وجود کان “انڪار” ڪرڻ هو. جيئن ته هو هڪ سوشلسٽ/ڪميونسٽ رياست هئي، تنهنڪري، اتي قومي شناخت ۽ حقن جي ڪا به گنجائش موجود ڪو نه هئي. اڄ اسان سوويت يونين ۾ شامل ننڍين وڏين قومن ۽ قوميتن جي بيهڪ کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ساڳي وقت ان جو دنيا جي مظلوم قومن جي سهائتا ۾ جيڪو ڪردار هو، ان کي مختصرن بيان ڪيو ويندو.
روس ۾ بيشمار غير روسي قومون ۽ قوميتون رهنديون هيون. زار جي دور ۾ انهن جي ڳچيءَ ۾ ظلم ۽ جبر جو ڳٽ پيل هو، زار جي حڪومت انهن کي “گهٽ نسل” سمجهندي هئي، انهن کي حقارت سان “ڌاريو” چئي سڏيو ويندو هو. ۽ اهي پنهنجن بنيادي انساني حقن کان به محروم ڪيون ويون هيون. زار جي حڪومت قومي نفرتن جي باهه کي هوا ڏيندي هئي ۽ هڪ قوم کي ٻي قوم خلاف ڀڙڪائيندي رهندي هئي ته جيئن هو اڃا به وڌيڪ آسانيءَ سان پورهيت عوام تي حڪومت ۽ جبر ڪري سگهي. جڏهن ته اهي قومون پاڻ پنهنجي حڪمران طبقن جي جبر ۽ استحصال جو شڪار به هيون. سوويت يونين ۾ ڪنهن به قسم جي قومي جبر ۽ ظلم جو وجود نه هو. اتي سڀئي قومون کڻي اهي وڏيون هيون يا ننڍيون، نسلي ۽ قومي متڀيد کانسواءِ آزاد ۽ برابر حقن جون مالڪ هيون ۽ اهو سڀ ڪجهه سوويت نظام جي ڪامياب قيام ۽ استحڪام جو نتيجو هو. سرمائيدار گهڻ قومي رياستن جي مختلف قومن ۾ باهمي دوستي نه هوندي آهي نه ئي ٿي سگهي ٿي. حڪمران قوم جو بورجوا طبقو ٻين قومن ۽ نسلن جي پورهيت عوام جي وڏي بيرحميءَ سان ڦرلٽ ڪري ٿو ۽ مٿن وحشياڻا ظلم ڪري ٿو، (پاڪستان ان جو مثال آهي.) ٻي عالمي جنگ دوران اها حقيقت روز روشن جيان عيان ٿي وئي هئي ته، سوويت يونين هڪ سچي ۽ اصلي جمهوري رياست ۽ برابري جي بنياد تي قومن جو پنهنجي خواهش ۽ مرضيءَ سان قائم ڪيل وفاق هو، جيڪا دنيا جي سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ مستحڪم گهڻ قومي رياست هئي. جنگ کان پوءِ سوويت يونين جو بين الاقوامي وقار ۽ اثررسوخ بي انتها وڌي ويو. سوويت يونين وچين ۽ ڏاکڻي اوڀرندي يورپ جي قومن کي فاشسٽ غلاميءَ جي زنجيرن کان آزاد ڪيو ۽ جارحاڻي جاپاني سامراج کان آزادي حاصل ڪرڻ ۾ ايشيائي قومن جي مدد ڪئي. پولينڊ، چيڪوسلوواڪيا، يوگوسلاويا، بلغاريا، هنگري، رومانيا، البانيا، اتر ڪوريا ۽ چين ۾ عوامي جمهوريتون وجود ۾ آيون. اوڀر جرمنيءَ ۾ جرمن جمهوري ريپبلڪ ۽ انڊو-چائنا (هند چين) ۾ ويٽنام جي جمهوري ريپبلڪ قائم ٿي وئي. اهڙي نموني هڪٻئي پويان ڪيتريون قومون سامراجي دنيا جي دائري کان ٻاهر نڪري آيون. انهن ملڪن جي عوام بورجوا حڪومتن جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو. يعني آڪٽوبر انقلاب جي نتيجي ۾ قائم ٿيل سوويت رياست هڪ پاسي داخلي طور سوشلسٽ انقلاب جي اهم سوال يعني قومي مسئلي کي نبيريو ته، ٻئي طرف عالمي سطح تي به ان لاءِ حالتون سازگار بڻايون، ڪن حالتن ۾ بيٺڪيتي ۽ نيم بيٺڪيتي قومن جي آزاديءَ ۾ عملي ۽ مادي مدد به ڪئي. بنيادي طور، زارشاهي روس کي “قومن جو قيدخانو” سڏيو ويندو هو. اهو ئي سبب هو جو مظلوم قومن جي آزادي عمومي طور ۽ روس جي مظلوم قومن جي آزادي خصوصي طور لينن جي غور هيٺ رهي. 1917ع ۾ آڪٽوبر انقلاب جي فتحيابيءَ کان پوءِ قائم ٿيل سوويت جمهوريا جي پهرين سرڪاري دستاويزن ۾ قومن کي حق-خوداراديت، برابري ۽ آزاديءَ جو حق ڏيندي، سڀني قومي مراعتن جي خاتمي جو اعلان ڪيو ويو. سوويت حڪومت پولينڊ، فنلينڊ، لٽويا، ليٿونيا، ايسٽونيا، سوويت ريبلڪس آف ٽرانسڪاڪيشيا، بيلاروس ۽ يوڪرين جي آزاديءَ کي تسليم ڪيو. اهي سڀئي قومون آڪٽوبر انقلاب کان اڳ روسي سلطنت جو حصو هيون.
سوويت جمهوريائن ۾ قائم رشتو بنيادي طور سوشلسٽ وفاق جي اصول تي ٻڌل هو، جنهن تحت يونين ۾ موجود هر قوم کي آزاد قومي رياست قائم ڪرڻ جي ضمانت ڏني وئي ۽ جتي به ڪا قوم يا قوميت علائقي ۾ اڪثريت نه هئڻ جي ڪري پنهنجي يونين جمهوريا نه پئي قائم ڪري سگهي ته، ان مسئلي کي به سوشلسٽ خودمختياريءَ جي اصول هيٺ نبيريو ويو. ان اصول تحت قومون ۽ قوميتون خودمختيار خطا ۽ قومي علائقا قائم ڪري پئي سگهيون. تنهنڪري، سمورين قومن کي پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ ۽ پنهنجن قومي مفادن (قومي ثقافت جي ترقي، قومي اسڪولن جو قيام، ۽ پنهنجي قومي ريتن رسمن رواجن ۽ قومي مذهب تحت زندگي گذارڻ جو حق) کي تحفظ ڏيڻ جي ضمانت ڏني وئي. سياسي ۽ سماجي زندگيءَ جي سڀني دائرن ۾ شهرين کي پنهنجي اباڻي ٻولي استعمال ڪرڻ جي پڻ ضمانت ڏني وئي.
مطلب ته سوويت يونين ۾ قومي لاڳاپن جو مسئلو جيڪو پورهيت رياست کي اڳوڻي سماج کان ورثي ۾ مليو، ان کي سوشلسٽ برابريءَ جي بنياد تي حل ڪيو ويو. قومن جي حق خوداراديت جي بنياد تي ئي نين سوويت جمهوريائن اتحاد جي سمورين شڪلين مان ان شڪل جي چونڊ ڪئي، جنهن ۾ سموريون ڌريون برابر هيون ۽ جن کي يونين کان بغير ڪنهن روڪ رنڊڪ جي ڌار ٿيڻ جو حق حاصل هو. هاڻي اهو سوال پيدا ٿي سگهي ٿو ته ان باوجود اهي ڌار ڇو نٿيون؟ ان جو جواب اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته ان جا اهم تاريخي، سياسي ۽ معاشي سبب هئا.
بهرحال، تاريخ اهو ڏيکاريو ته، جيڪڏهن سوويت جمهوريائون ڌار ڌار هجن ها ۽ غيرمربوط انداز ۾ ڪم ڪن ها ته، دشمن قوتن جو مقابلو ڪرڻ انهن لاءِ ڏکيو هو. مثلن فيبروري 1918ع ۾ جرمن فوجن ايسٽونيا تي حملو ڪري ڏنو، ۽ اتي سوويت اقتدار جو تختو اونڌو ٿي ويو. 1918ع جي بهار جي موسم ۾ يوڪرين جو به اهو ئي حشر ٿيو. 1918ع جي اونهاري ۾ برطانوي فوجن جي مدد سان ڪيسپيئن علائقي ۾ سوويت حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو. جولاءِ 1918ع ۾ غيرملڪي مداخلت جي نتيجي ۾ باڪوءَ ۾ سويت حڪومت ڪيرائي وئي. آگسٽ 1919ع ۾ جرمن ۽ پولينڊ جي فوجن جي مدد سان لٿوانيا ۾ سوويت اقتدار جو خاتمو آندو ويو. جنوري 1920ع ۾ جرمني ۽ پولينڊ جي فوجن سوويت ليٽويا جي سڄي علائقي تي قبضو ڪري ورتو. انهن واقعن مان سوويت جمهوريائن فطري طور گهڻو ڪجهه سکيو. اهڙيءَ ريت رضاڪاراڻي يونين ۾ انهن جي شموليت جو عمل گهڻو تيز ٿي ويو. ٻي عالمي جنگ دوران جمهوريائن جي يونين کي سخت آزمائش مان گذرڻو پيو ۽ هنن نازي جرمني ۽ ان جي حوارين جي جنهن زبردست حملي جو مقابلو ڪيو، ان جو تاريخ ۾ ٻيو ڪو مثال نٿو ملي. جيڪڏهن سوويت يونين ۾ قومي شناخت ۽ قومي حقن کي تسليم نه پئي ڪيو ويو ته، پوءِ ٻي عالمي جنگ ۾ مختلف يونين جمهوريائن سوويت يونين جي دفاع ۾ عظيم محب وطن جنگ ڇو وڙهي؟ حالانڪه ٻي عالمي جنگ هڪ سونهري موقعو هو، جنهن وسيلي قومن جي “انڪاري” اهڙي “غيرفطري” سوويت رياست کي ڊاهي پئي سگهيون، اٽلندو، انهن ان جي دفاع ۾ جنگ وڙهي!! لينن هڪ هنڌ لکي ٿو: “جنگ ڪنهن به قوم جي سمورين معاشي ۽ تنظيمي قوتن جي ڪسوٽي آهي.” ٻي عالمي جنگ ۾ فتحيابي ثابت ڪيو ته، سوويت يونين معاشي طور سگهاري ۽ سياسي ۽ سماجي لحاظ کان منظم ۽ متحد هئي.
اهو ثابت ڪرڻ جي ضرورت نه آهي ته، جمهوريائن جو اتحاد صنعتي ۽ زرعي ترقيءَ ۾ ۽ انتهائي پسماندگيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪافي فائديمند ثابت ٿيو. جمهوريائن هڪٻئي جي مدد ڪئي ۽ انهن جمهوريائن جي خاص طور مدد ڪئي وئي جن جي معيشت ۽ ثقافت ان وقت سڀني کان گهٽ ترقي يافتا هئي؛ جڏهن انهن هڪ نئين سماج جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو. گڏيل معيشت، گڏيل تاريخ ۽ گڏيل مقصد سوويت يونين جي قومن کي هڪٻئي جي ويجهو آندو. اهڙيءَ حالت ۾ اهي يونين کان جيڪا انهن جي سلامتي ۽ معاشي ۽ سماجي ترقيءَ جي ضمانت ڏيندي هئي، ڇو ڌار ٿيڻ چاهين ها؟ پر انهن سڀني ڳالهين سان اهو تاثر قائم نه ٿيڻ گهرجي ته، قومي لاڳاپن جي مسئلن جو حل آسان آهي. تضاد هر ترقيءَ جو حصو هوندا آهن، ۽ ان ميدان ۾ به انهن کان فرار ممڪن نه آهي. تڏهن به اهم شئي مسلسل سامهون ايندڙ رخن کان باخبر ٿيڻ ۽ زندگيءَ جي پيدا ڪيل سوالن جو صحيح حل ڳولڻ آهي.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button