سنڌ

عوامي تحريڪ جي سيڪريٽريٽ تي قبضي ۽ اڳواڻ جي اغوا خلاف احتجاج،ڌرڻو

عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ حيدرآباد طرفان عوامي تحريڪ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ تي قومي عوامي تحريڪ جي قبضي ۽ سندن اڳواڻ رڪ راهوجي جي اغوا خلاف ڊي آئي جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اهي سيڪريٽريٽ تي قبضي ۽ رڪ راهوجي جي اغوا خلاف نعرا هڻندا رهيا. ڌرڻي سبب شهباز بلڊنگ جي اڳيان واري رستي تي گاڏيون بيهجي ويون.

ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، راحيل ڀٽو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري، مرڪزي اڳواڻ عمراهه سمون، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر نور محمد ٽالپر، پرديپ گلاب ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته عوامي تحريڪ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ تي اياز لطيف پليجو جي طرفان موڪليل هٿياربندن پهرين نومبر تي صبح جو 12 وڳي حملو ڪري عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ، ماهوار ڪاپڙي ميگزين جي سرڪيوليشن مينيجر محبوب رڪ راهوجي کي اغوا ڪري گم ڪري عوامي تحريڪ جي سيڪريٽريٽ تي قبضو ڪيو ويو آهي،

حيدرآباد پوليس هفتو گذرڻ باوجود ڪا به قانوني ڪاروائي ناهي ڪئي. لاڳاپيل ٿاڻي جا بار بار چڪر ڪاٽڻ، ايس ايس پي، ڊي آءِ جي ۽ آءِ جي پوليس سميت سمورن پوليس جي آفيسرن کي لکت ۾ درخواستون ڪرڻ باوجود پوليس عوامي سيڪريٽريٽ تي قبضو ڪندڙن آڏو لاچار بڻيل آهي. پوليس ڏوھه جي ايف آءِ آر ڪاٽڻ کان لاچاري ظاهر ڪري انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

حيدرآباد پوليس هڪڙي سياسي پارٽي جي آفيسن تي حملو ڪري سندن ڪارڪنن کي اغوا ڪندڙ دهشتگردن کي مدد ڏيئي رهي آهي. پوليس جي اها روش ٻڌائي ٿي ته اها سنڌ ۾ خونريزي ڪرائڻ چاهي ٿي.

هنن چيو ته غير جمهوري قوتن کي اياز لطيف پليجي جي صورت ۾ نئون فضل چانگ ملي ويو آهي، محترم شهيد فاضل راهو کي وڏيرن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ٽائوٽ فضل چانگ هٿان شهيد ڪرائي ذاتي جهيڙي جو رنگ ڏيڻ جي سازش ڪئي. هنن چتا ڏنو ته اغوا ڪري گم ڪيل اڳواڻ کي بازياب ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button