سنڌ

ساحلي پٽي جو پاڻي بند،سارين جو فصل سڪڻ لڳو

ساحلي پٽي جي ٽن يوسين ۾ پاڇاٽي سارين جي فصل جو پاڻي بند ٿيڻ خلاف ساحلي پٽي جي زميندار ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن خادم ونگائي، عاجز علي محمد ٿھيم، عادل لغاري، نور محمد ٿھيمور، نثار ٿھيم، رمضان پٺاڻ ۽ ٻين جاتي ۾ صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته ايريگيشن عملدارن جي نااھلي سبب پڃاري برانچ ۾ سارين جي پوکي لا ڇڏيل پاڻي دير سان ملڻ ڪري ساحلي پٽي جاتي جي ٽن يوسيز ڪوٺي، ڪڙملڪ ۽ گل محمد ٻارڻ جي ھزارين ايڪڙ زمين ۾ سارين جو فصل پاڇاٽو پوکيو ويو آھي، جنھن جي نسري تيار ٿيڻ لا اڃان مھينو کن پاڻي جي سخت ضرورت آھي پر اوچتو ايريگيشن کاتي وارن پڃاري برانچ جو پاڻي مٿان کان بند ڪري ڇڏيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button