سنڌ

گهارو ها اسڪول تي قبضي جي ڪوشش،حملي ۾ 2 استاد زخمي،شهرين جو ڌرڻو

گهارو بوائز ها گهارو ۾ بوائز ها اسڪول جي پلاٽ تي رات دير سان مٽيءَ جا ڊمپر لاهي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن تي بوائز ها اسڪول گهارو جي استادن گسٽا اڳواڻ امير علي لاشاري، ضمير کوسو، محمد شريف گجر ۽ ٻين قبضي تي ويٺل ماڻهن کي قبضو ڪرڻ کان روڪيو ته انهن استادن تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 استاد شريف گُجر ۽ ضمير کوسو زخمي ٿي پيا، جنهن کانپو اسڪول جي سوين شاگردن، استادن، سول سوسائٽي جي اڳواڻن قبضا مافيا خلاف استادن قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو. احتجاج دوران ايم پي اي رياض شاهه استادن سان ڳالهيون ڪري بااثر شخص ۽ ٽنهي جوابدارن خلاف ڪاروائيءَ جي خاطريءَ تي احتجاج ختم ڪيو ويو. ان موقعي تي پ پ ايم پي اي رياض شاهه شيرازي چيو ته تعليمي درسگاهن تي قبضا انتهائي افسوسناڪ عمل آھن،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button