سنڌ

هاري ڪميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جو زمين جي کاتي ۾ ڦيرڦار خلاف مظاهرو

سنڌ هاري ڪميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي پاران چمبڙ جي ديهھ ٺل ۾ واقع 283 ايڪڙ زمين جي رڪارڊ ۾ روينيو کاتي جي عملدارن پاران مبينا ڦيرڦار ڪرڻ خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون سنڌ هاري ڪميٽي جي سوشل سيڪريٽري ڪامريڊ ارباب رستماڻي، ڪامريڊ اقبال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري 7 ڪلاڪ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي هنن چيو ته سنڌ ۾ حڪومتي وڏيرن جي سازش سان غريب هارين ۽ ننڍن آبادگارن جي زمينن جي کاتن ۾ هيراڦيري ڪري انهن تي قبضا ڪرڻ اڄ جي دور ۾ معمول بڻجي ويو آھي. تعلقي چمبڙ جي ديهھ ٺل ۾ 283 ايڪڙ زمين جي رڪارڊ ۾ هير ڦار ڪري سنڌ حڪومت جي آقا جي فرنٽ مين جي نالي رڪارڊ تبديل ڪيو ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button